رسائی کے لنکس

’جڏهن آخري فلم فلاپ ٿي ته ٻئي ڪاروبار جو سوچي ڇڏيو هيم’


شاه رخ خان (فائيل فوٽو)
شاه رخ خان (فائيل فوٽو)

چئن سالن کان پوءِ، بالي وڊ ڪنگ شاه رخ خان فلم ’پٺاڻ’ جي ذريعي هڪ دفعو وري وڏي پردي تي نظر آيو، ته هن جي فلم کوڙ ڪاميابيون حاصل ڪيون.

شاه رخ پوئين ڀيري 2018 ۾ فلم ’زيرو’ ۾ نطر آيو هو. ليڪن سندس اها فلم باڪس آفيس تي ناڪام رهي هئي، جنهن کان پوءِ سندس مداح کيس فلم ۾ ڏسڻ جي لاءِ آتا نظر اچي رهيا هيا.

شاه رخ جي نئين فلم ’پٺاڻ’ ڇهن ڏينهن اندر سموري دنيا مان 500 ڪروڙن کان وڌيڪ ڀارتي روپئي جو بزنيس ڪيو ۽ هو هڪ دفعو ٻيهر انڊسٽريءَ کي ڪامياب فلم ڏئي سگهيو.

سومر ڏينهن ’پٺاڻ’ جي ڪاميابيءَ ملهائڻ جي لاءِ ڪاسٽ جي پاران اخباري ڪانفرنس ڪئي وئي، جنهن ۾ شاه رخ خان، اداڪار ديپڪا پڊڪون ۽ جان ابراهم سميت هدايت ڪار سڌهارٿ آنند به شريڪ ٿيا.

اخباري ڪانفرنس ۾ شاه رخ خان جتي پنهنجي چاهيندڙن جو شڪريو ادا ڪيو اتي هن ماضيءَ ۾ فلم جي ناڪاميءَ جو به ذڪر ڪيو.

هن چيو ته ’’گزريل چئن سالن منجهان ٻه سال مون ڪم نه ڪيو ۽ پنهنجيءَ فيمليءَ سان وقت گذاريم’’.

شاه رخ چيو ته ’’جڏهن منهنجي آخري فلم نه هلي ته ماڻهو چئي رهيا هيا ته هاڻي منهنجون فلمون نه هلي سگهنديون، ان ڪري مون متبادل ڪاروبار ڪرڻ جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو’’.

هن چيو ته مان کاڌو پچائڻ سکي ورتو هو ته جيئن ريستوران کوليو وڃي ۽ پنهنجي هٿن سان اٽليءَ جا کاڌا رنڌي ماڻهن کي کارائي سگهان.

سندس لفظن ۾، ’’فلمن ۾ واپس اچڻ تمام سٺو لڳو. منهنجي هميشه اها خواهش رهي آهي ته خوشي ورهائڻ کپي. مان گزريل چئن ڏينهن ۾ پويان چار سال وساري ڇڏيا آهن.

شاه رخ خان جي فلم ’پٺاڻ’ 25 جنوريءَ تي دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ رليز ٿي. فلم رليز ٿيڻ کان اڳ ۾ پنهنجي گاني ’بي شرم’ رنگ جي ڪري تنازعي جو به شڪار ٿي، ليڪن ان جي باوجود باڪس آفيس تي اها شاندار بزنيس ڪري رهي آهي.

XS
SM
MD
LG