پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي پي) اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريديءَ کي سيليڪشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو آهي. اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق ۽ فاسٽ بالر افتخار انجم کي به ڪاميٽيءَ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ڇنڇر ڏينهن پي سي بيءَ پاران جاري ڪيل اعلان ۾ چيو ويو آهي ته عبوري سيليڪشن ڪاميٽيءَ جي منظوري مينيجمنٽ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين نجم سيٺيءَ ڏني آهي.
اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر هارون رشيد کي عبوري سيليڪشن ڪاميٽيءَ جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي. خيال رهي ته پي سي بيءَ جمعي جي ڏينهن اڳوڻي چيف سيليڪٽر محمد وسيم ۽ سيليڪشن ڪاميٽيءَ کي هٽائي ڇڏيو آهي.
ان کان اڳ پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ جي ’پيٽرن ان چيف’ وزير اعظم شهباز شريف رميز راجه جي جاءِ تي نجم سيٺيءَ کي پي سي بيءَ جو چيئرمين ٺاهڻ جي سفارش ڪئي هئي.
نجم سيٺي پنهنجي بيان ۾ چيو ته هو شاهد آفريديءَ کي بطور چيئرمين سيليڪشن ڪاميٽي مبارڪ باد پيش ڪندي اميد ڪري ٿو ته هو دليرانه فيصلا ڪندي نيوزيلينڊ جي خلاف مضبوط ٽيم تيار ڪندو.
هن وڌي چيو ته شاهد آفريدي جارحانه ۽ بي خوف ڪرڪيٽ کيڏڻ تي يقين رکندو آهي ۽ هن وٽ ويهن سالن جو تجربو آهي. ان ڪري، هو ڪرڪيٽ ٽيم کي جديد ڪرڪيٽ جي ضرورتن مطابق ترتيب ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
سيليڪشن ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جو عهدو ملڻ تي پنهنجي بيان ۾ شاهد آفريديءَ چيو ته هو ان عهدي ڏيڻ تي پي سي بيءَ جو شڪرگزار آهي.
هن چيو ته اسان کي پاڪستان ٽيم کي ٻيهر کٽڻ جي راه تي لڳائڻ جي ضرورت آهي، ۽ اسان جي ذهن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سيليڪشن جي لاءِ ’’ميرٽ تي ۽ اسٽريٽجڪ فيصلا’’ ڪري نيوزيلينڊ جي خلاف مضبوط اسواڊ ترتيب ڏنو ويندو.
اڳوڻي ڪپتان وڌيڪ چيو ته هو جلد ئي سيليڪشن ڪاميٽيءَ جو اجلاس گهرائي ايندڙ سيريز متعلق اپاءَ سامهون آڻيندو.
شاهد آفريديءَ پاڪستان جي پاران 398 هڪ روزو ميچون، 27 ٽيسٽ ميچ ۽ 99 ٽي ٽوينٽي ميچون کيڏيون آهن. هو 1996 کان 2018 تائين انترنيشنل ڪرڪيٽ کيڏندو رهيو هو.
سال 2009 ۾ ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ واري ٽيم جو شاهد آفريدي حصو هو. ايونٽ ۾ سندس شاندار آل رائونڊ ڪارڪردگيءَ جي ڪري پاڪستان ٽيم ٽائيٽل کثڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي.