رسائی کے لنکس

سنڌي ثقافتي ڏهاڙو


اجرڪ
اجرڪ

آچر چوٿين ڊسمبر تي ’سنڌي ٽوپي اجرڪ’ جو ڏينهن ملهايو ويو، جنهن کي ’قومي ايڪتا جو ڏهاڙو’ يا ’سنڌي ثقافتي ڏينهن’ جي طور تي تمام وڏي چاه، شوق ۽ اهتمام سان ملهايو ويو، جيڪو نه صرف پاڪستان ۾ بلڪه، ميڊيا جي اطلاعن مطابق، ڏيهه پرڏيهه ۽ دنيا جي ڪيترن ئي وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ ملهايو ويو.

سال 2010 کان وٺي اڄ تائين ان ڏينهن کي باقاعدگيءَ سان ملهايو پيو وڃي، جنهن ۾ هر سال واڌ ايندي پئي وڃي.

هتي واشنگٽن ڊي سي جي ميٽروپوليٽن ايريا وارن سنڌين آچر ڏينهن سيءَ جي مند ۾ ورجينيا جي هڪ ريستوران ۾’سنڌي ٽوپي اجرڪ ڊي’ جي طور تي ڏينهن ملهايو، جنهن جو اهتمام سنڌي ايسو سي ايشن آف نارٿ آمريڪا پاران ۽ سرگرم مڪاني سنڌين ڪيو جن ۾ ٻين کان سواءِ ڊاڪٽر حفيظ عباسي، عطاالله شيخ، شعيب ڀٽو، مشتاق راڄپر، منصور قريشي، مقبول سومرو، نياز شر، نور مصطفي، سرفراز ميمڻ ۽ نصر الله شيخ شامل هيا. ڏينهن جي مناسبت سان ڪافي ڪٽنب شريڪ ٿيا جن کي اجرڪ جا وڳا ۽ سنڌي ٽوپي پاتل هئي.

ڊاڪٽر حفيظ عباسيءَ ان تقريب ۾ تقرير ڪندي ان ڏهاڙي جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته سال 2009 ۾ آصف علي زرداريءَ پاران پاڪستان جي صدر جي حيثيت ۾ سنڌي وڳي ۾ افغانستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ کان پوءِ هڪ طبقي پاران ان تي ملڪ ۾ ٿيندڙ تنقيد جي نتيجي ۾ هن ڏهاڙي جي شروعات ٿي، جيڪو هاڻي هڪ ڏڻ جو روپ ڌاري چڪو آهي. ان سلسلي ۾ هن علي قاضي ۽ حسن پيرزادي جي ليک ۽ دلچسيءَ جو حوالو ڏنو. هن چيو ته هاڻي اهو ڏينهن هر هنڌ ڊسمبر جي پهرئين هفتي ۾ ملهايو ويندو آهي.

اطلاعن مطابق، دنيا جي ڪيترن ئي اهم گاديءَ وارن هنڌن ۽ وڏن شهرن ۾ هن ڏينهن کي شاندار نموني سان ريليون ڪڍي، سنڌي ويس پائي ۽ جهمريون هڻي ملهايو ويو.

هوڏانهن ميڊيا رپورٽن مطابق، سنڌ ۾ ڏينهن ملهائڻ جو انداز هن ڀيري اڳي کان به سوايو هو، جنهن ۾ ڪشمور کان ڪيٽي بندر ۽ ڪراچي، ۽ کيرٿر کان ڪارونجهر تائين، جهنگ جهر، ڳوٺ، واهڻ ۽ ننڍي وڏي شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾مچ ڪچري، سهپ، ڏاهپ، ايڪي ۽ قومي ڪاڄ جي طور تي ملهايو ويو.

XS
SM
MD
LG