قومي اسمبليءَ جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آئي) جي قومي اسمبليءَ جي 34 ميمبرن جا استعيفا منظور ڪيا آهن.عوامي مسلم ليگ جي اڳواڻ، شيخ رشيد جي استعيفا به منظور ڪئي وئي آهي.
اسپيڪر جي ان فيصلي کان پوءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان انهن ميمبرن کي ڊي نوٽيفائي ڪيو آهي.
جن ميمبرن جا استعيفا منظور ڪيا ويا آهن انهن ۾ بچاءَ جي اڳوڻي وزير پرويز خٽڪ، فواد چوڌري، شهريار آفريدي، علي امين گنڊا پور، نور الحق قادري، مراد سعيد، عمر ايوب خان، اسد قيصر، راجه خرم شهزاد نواز، علي نواز اعوان، اسد عمر، صداقت علي خان، غلام سرور خان ۽ شيخ راشد شفيق شامل آهن.
شاه محمود قريشي، حماد اظهر، ثنا الله مستي خيل، شفقت محمود، ملڪ عامر ڊوگر، فهيم خان، سيف الرحمان ۽ محمد عالمگير جا استعيفا به منظور ڪيا ويا آهن.
عورتن جي مخصوص سيٽن تي پي ٽي آئي جي زرتاج گل ۽ ڪنول شوزب جا استعيفا به منظور ڪيا ويا آهن.
قومي اسمبليءَ جي اسپيڪر اهڙي وقت پي ٽي آئي جي ميمبرن جون استعيفائون به منظور ڪيون آهن جڏهن ته تحريڪ انصاف اشارو ڏنو هو ته پاڪستان جو صدر وزير اعظم شهباز شريف کان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چئي سگهي ٿو.
اسان جا استعيفا منظور ڪرڻ جو شڪريو، فواد چوڌريءَ جو ردعمل
تحريڪ انصاف جي رهنما چوڌريءَ پي ٽي آئي ميمبرن جا استعيفا منظور ڪرڻ جي اسپيڪر جي فيصلي تي شڪريو ادا ڪيو آهي.
فواد چوڌريءَ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته جڏهن اسپيڪر 70 ميمبرن جا استعيفا قبول نه ٿو ڪري تيسيتائين ليڊر آف دي اپوزيشن ۽ پارليماني پارٽيءَ جا عهدا تحريڪ انصاف وٽ ئي رهندا.
هن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ ان سلسلي ۾ اسان جي مقدمن جي معاملي تي فيصلو ڏئي.
مخالف ڌر نگران وڏي وزير جي لاءِ احد چيمه ۽ محسن رضا نقويءَ جا نالا ڏنا آهن
پنجاب جي نگران وڏي وزير جي لاءِ اپوزيشن ليڊر پنجاب اسيمبلي حمزه شريف نجي ٽي وي جي مالڪ محسن نقوي ۽ اڳوڻي بيوروڪريٽ احد چيمه جا نالا تجويز ڪيا آهن.
حمزه شريف ان حوالي سان گورنر پنجاب کي مراسلو موڪليو آهي جنهن ۾ ٻئي نالا ڏنل آهن.
ان کان اڳ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ اڳوڻي وفاقي وزير نصير احمد خان، سينئر ڪاموري احمد نواز سکيرا ۽ اڳوڻي ڪاموري ناصر محمود کوسا نا نالا تجويز ڪيا هيا.
اطلاعن مطابق، ناصر محمود کوسي نگران وڏي وزير جو عهدو قبول ڪرڻ کان معذرت ڪئي آهي.
جيڪڏهن ڌريون اڄ رات تائين ڪنهن نالي تي متفق نه ٿي سگهيون ته پوءِ اهو معاملو پارليماني ڪاميٽيءَ وٽ ويندو ۽ جيڪڏهن اتي به ٽن ڏينهن ۾ اتفاق نه ٿيو ته پوءِ اهي نالا اليڪشن ڪميشن وٽ ويندا. اليڪشن ڪميشن به ٽن ڏينهن اندر انهن منجهان ڪنهن هڪ جي نالي کي فائينل ڪندو.