پنجاب اسمبليءَ جي اسپيڪر سبطين خان چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي خلاف عدم اعتماد اچڻ کان پوءِ هاڻي پنجاب اسيمبلي جمعي تي ٽوڙي نه سگهبي.
خميص ڏينهن لاهور ۾ ميڊيا سان گفتگو ڪندي سبطين خان چيو ته پنجاب جو گورنر پنهنجي آئيني عهدي جو احترام ڪري، هو جاري سيشن دوران نئون سيشن نه ٿو سڏائي سگهي.
سبطين خان چيو ته هو پنهنجي حلف جي پاسداري ڪري رهيو آهي، ان ڪري پنجاب جي وڏي وزير کي بچائڻ سندس ذمي داري آهي.
اسپيڪر چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اسيمبلي ٽوڙي عوام وٽ وڃون، ليڪن پنجاب جو گورنر رڪاوٽون وجهي رهيو آهي.
وڏي وزير کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ لاءِ نوٽيفيڪيشن اڄ جاري ٿي ويندو، رانا ثنا الله
داخلا جي وفاقي وزير رانا ثنا الله چيو آهي ته پنجاب جي اسيمبلي کان اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ جي ڪري چوڌري پرويز الاهي آئيني طور تي وڏو وزير نه رهيو آهي. ان ڪري، هاڻي پنجاب اسيمبليءَ جي نئين قائد جي چونڊ ٿيندي.
لاهور ۾ خميص ڏينهن ميڊيا سان گفتگو ڪندي رانا ثنا الله چيو ته سندس خيال ۾ چوڌري پرويز الاهيءَ کي ڊي نوٽيفائي ڪرڻ جو نوٽي فيڪيشن اڄ جاري ٿي ويندو، جينئن ئي گورنر جا احڪامات جاري ٿيندا ان تي فوري عمل درآمد ٿيندو.
هن چيو ته ضابطن مطابق پنجاب اسيمبليءَ جو اجلاس هاڻي جڏهن به ٿيو ان ۾ نئين وڏي وزير جو انتخاب ٿيندو.
پنجاب جي سياسي صورت حال هن وقت بي يقينيءَ واري آهي. پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ کي 21 ڊسمبر تي اسيمبليءَ جي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چيو هو ليڪن هو اعتماد جو ووٽ وٺڻ نه آيو، جڏهن ته اسپيڪر سبطين خان گورنر جي اجلاس سڏائڻ کي غير آئيني قرار ڏيندي مسترد ڪيو هو.
اسپيڪر جي رولنگ کان پوءِ پنجاب جي وڏي وزير اعتماد جو ووٽ ورتو نه ئي کيس عهدي تان هٽايو ويو. ليڪن رانا ثنا الله جي مطابق، جيڪڏهن چوڌري پرويز الاهي جي ڊ ي نوٽيفائي ڪرڻ متعلق آئيني گهرج کي روڪيو ويو ته پوءِ گورنر وفاقي حڪومت کي لکي سگهي ٿو، جنهن کان پوءِ وفاقي حڪومت صدر مملڪت کي صوبي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو چئي سگهي ٿي.
وزير داخلا چيو ته ابتدائي طور تي پنجاب ۾ گورنر راڄ ٻن مهينن تائين لڳي سگهندو، جنهن جي مدت ڇهه مهينن تائين وڌي سگهي ٿي.