رسائی کے لنکس

سري لنڪا جي سرزمين تي آسٽريليا کي 30 سالن کان پوءِ سيريز ۾ شڪست


سري لنڪا جو ڪپتان، چميڪا ڪرونترانڪي زوردار شاٽ لڳائيندي (فائيل فوٽو)
سري لنڪا جو ڪپتان، چميڪا ڪرونترانڪي زوردار شاٽ لڳائيندي (فائيل فوٽو)

چوٿين هڪ روزه ميچ ۾ آسٽريليا کي چئن رنز تان شڪست ڏئي سري لنڪا پنجن ميچن جي سيريز ۾ 1-3 جي فيصله ڪن برتري حاصل ڪري ورتي آهي. سري لنڪا 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي سرزمين تي آسٽريليا خلاف ڪا سيريز کٽي آهي.

تازو کيڏيل ان ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪئي ته ميزبان ٽيم 49 اوورن ۾ 258 رنز ٺاهيا. بظاهر آسان هدف جو تعاقب ڪندي آسٽريليا جي ٽيم ابتدا کان ئي مشڪلات جي شڪار رهي ۽ اڃان چار رنز باقي هيون ته سموري ٽيم همت هاري ويٺي.

سري لنڪا جي بالرن جي زوردار بالنگ جي ڪري آسٽريليائي بيٽنگ کي 254 رنز تائين محدود رکيو ۽ ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ نه ڏنو. سري لنڪا جي بالنگ جي خاص ڳالهه اها هئي ته ڪپتان دسون شناڪا ڇهن اسپنرز کي آزمايو ۽ ميچ ۾ 50 مان 43 اوورون اسپنرز کان ڪرايون.

سري لنڪا پاران آسالانڪا نمايان بيٽسمين رهيو جنهن ون ڊي ڪيريئر جي پهرين سينچري اسڪور ڪئي. هن 106 بالن تي 10 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 110 رنز اسڪور ڪيا.

ٻه سو اڻهٺ رنز جي هدف جي تعاقب ۾ آسٽريليائي بيٽسمين ميچ جو آغاز ڪيو ته ٽن جي مجموعي اسڪور تي ڪپتان ايرين فنچ ڪا به رن ٺاهڻ بنا آئوٽ ٿي ويو. ان کا پوءِ اچڻ وارن رانديگرن وقفي وقفي سان ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو.

هڪ موقعي تي ائين لڳي رهيو هو ته آسٽريليا جي ٽيم ميچ سولائيءَ سان کٽي ويندي. آسٽريليائي بيٽسمين وڪيٽ تي سيٽ ٿي کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي مگر سري لنڪا جي بالرز اوپنر ڊيوڊ وارنر کان سواءِ ڪنهن کي به ڄمي کيڏڻ جو موقعو نه ڏنو.

ڊيوڊ وارنر 112 بالن تي 99 رنز جي اننگ کيڏي ليڪن هو ٽيم کي فتح نه ڏياري سگهيا. مچل مارش 26، مرنس ليوشين 14، وڪٽ ڪيپر بيٽسمين اليڪس ڪيرگ 19، ٽروبس هيڊ 27، ڪيمرون گرين 12، پيٽ ڪمنز 35، ميٿيو ڪيهن مين 15 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا.

ميچ جي آخري اوورن ۾ سري لنڪا جي بالرن زبردست بالنگ ڪئي. ڇميڪا ڪارونارتني پنجن اوورن ۾صرف 19 رنز ڏئي ٻن رانديگرن کي پويلين جي راه ڏيکاري، جڏهن ته ڌونن جايا ڊي سلوا 10 اوورن ۾ 39 رنز ڏئي ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ٻئي ميچ جا ڪامياب ترين بالر رهيا.

سري لنڪا پنجن ميچن جي سيريز ۾ فيصله ڪن برتري حاصل ڪري نه صرف سيريز پنهنجي نالي ڪئي بلڪه معاشي عدم استحڪام جي شڪار ملڪ جي رهواسين جي هن مشڪل گهڙيءَ دوران راند کٽڻ جو تحفو پيش ڪيو.

XS
SM
MD
LG