رسائی کے لنکس

پاڪستان حڪومت جو پرتعيش شين جي درآمد تي پابندي هٽائڻ جو فيصلو

فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

حڪومت پاڪستان جي معاشي تعاون جي ڪاميٽي (اي سي سي) هلندڙ سال مئي مهيني ۾غير ضروري ۽ پرتعيش مصنوعات تي لڳل پابندي هٽائي ڇڏي آهي. ليڪن، گاڏين، موبائيل فون ۽ اليڪٽرڪ مصنوعات تي پابندي برقرار رهندي.

هيءُ فيصلو خميص ڏينهن وزير خزانه، مفتاح اسماعيل جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪابينا جي اس سي سي اجلاس دوران ڪيو ويو.

انگريزي اخبار، ڊان جي هڪ رپورٽ مطابق، اجلاس ۾ چيو ويو آهي ته درآمدي پابنديءَ جي نتيجي ۾ انهن شين جي درآمدي بل ۾ 20 مئي کان 19 جولاءِ تائين 70 في صد ڪمي ڏٺي وئي آهي. انهن شين جو درآمدي بل ان عرصي دوران تقريبا 40 ڪروڙ ڊالر کان گهٽجي محض 12 ڪروڙ 39 لک ڊالر تائين محدود ٿي ويو آهي.

ان کان اڳ پاڪستان جي وزير اعظم، شهباز شريف جي اهم اصلاحات جي شعبي، پاڪستان اسٽريٽجڪ رفارمز جي سربراه، سلمان صوفي وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته آمريڪا کان پاڪستان جي لاءِ برآمدات ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ختم ڪئي ويندي.

آمريڪا جي گاديءَ جي هنڌ، واشنگٽن ڊي سي جي دوري تي آيل سلمان صوفي چيو ته انهن (برآمدات) ۾ اهم مسئلو اهو آهي ته انهن ڪمپنين جون مصنوعات پهريان ئي آمريڪا کان پاڪستان پهچي چڪيون آهن، جن کي هو رليز ڪرائڻ گهرن ٿا.

سندس بقول، اها پابندي ايندڙ هڪ ٻن هفتن ۾ ختم ڪئي ويندي جڏهن ته اها پاليسي صرف آمريڪي ڪمپنين جي لاءِ ئي نه بلڪه سڀني بين الاقوامي ڪمپنين جي لاءِ به آهي جيڪي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪري رهيون آهن. سلمان صوفي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ پروفيشنل خواتين کي بااختيار بنائڻ جي منصوبن کي به بحال ڪيو پيو وڃي.

ارم عباسيءَ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته خيال رهي ته گزريل اربع ڏينهن پاڪستان ۾ آمريڪا جي نئين سفير، ڊونلڊ بلوم پاڪستان حڪومت پاران لگزري شين جي درآمد تي عائد پابندي تي تشويش جو اظهار ڪندي چيو هو ته ان سان ڪاروباري برادريءَ جي مفادن کي نقصان پهچي رهيو آهي.

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مخلوط حڪومت ملڪ کي درپيش مالي بحران کي نظر ۾ رکندي زرمبادله بچائڻ لاءِ غيرضروري ۽ لگزري جي شين جي درآمد تي پابندي عائد ڪئي هئي. انهن شين ۾ سگريٽ، چاڪليٽ، جوسز ۽ جانورن جي خوراڪ، بالخصوص ڊاگ اينڊ ڪيٽ فوڊ به شامل آهن.

پاڪستاني سفارت خاني ۾ خميص ڏينهن اخباري ڪانفرنس دوران، سلمان صوفيءَ صحافين کي ٻڌايو ته آمريڪي عمل دارن سان گڏ ملاقاتن ۾ پاڪستان درخواست ڪئي هئي ته آمريڪي زراعت جي شعبي جي انسپيڪٽر ڪراچي پورٽ تي مقرر ڪيو ويندو، ته جيئن برآمدات جي رفتار ۾ تيزي اچي سگهي.

هن چيو ته پاڪستان کان اهي شيون جن جي خراب ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي تن کي آمريڪا جي شهر هيوسٽن کان ٻين آمريڪي شهرن ۾ پهچائڻ بجاءِ سڌو گهربل شهرن ڏانهن موڪليو وڃي.

سلمان صوفي چيو ته پاڪستان ۾ سياسي عدم استحڪام جي باوجود جيڪا به حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي ان کي پراڻي حڪومت جي ڊجيٽل بينڪنگ ۽ عورتن متعلق منصوبا ختم نه ڪرڻ گهرجن.

هن چيو ته حڪومت ٺهڻ کان پوءِ اسان فيصلو ڪيو هو ته اهي افغان شهري جيڪي ڪنهن ٻئي ملڪ جي لاءِ ويزا جي درخواست ڏئي چڪا آهن مگر قانوني يا غير قانوني طور تي پاڪستان ۾ آهن، انهن کي پاڪستان جي ٽرانزٽ ويزي جي به دخواست ڏيڻي پوندي جنهن کي وزارت خارجه 24 ڪلاڪن اندر منظور ڪندي. واضح رهي ته ڪابينا هن پاليسيءَ جي منظوري ڏئي چڪي آهي.

XS
SM
MD
LG