رسائی کے لنکس

اسلام آباد: پوليس جي دانهن تي ارشد شريف قتل ڪيس جي ’ايف آئي آر’ درج


فائيل فوٽو
فائيل فوٽو

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم کان پوءِ ڪينيا ۾ قتل ٿيڻ واري صحافي ارشد شريف ڪيس جي ايف آئي آر درج ڪئي وئي آهي.

اڱاري ڏينهن اسلام آباد جي ٿاڻي رمنا جي ايس ايڇ او رشيد احمد جي مدعيت ۾ درج ٿيڻ واري ايف آئي آر ۾ خرم احمد، وقار احمد ۽ طارق وصي کي نامزد ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته اڱاري ڏينهن سپريم ڪورٽ ڪينيا ۾ هلاڪ ٿيڻ واري پاڪستاني صحافي ارشد شريف ڪيس ۾ اڱاري جي رات تائين ايف آئي آر درج ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

ارشد شريف قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جو اڄ ئي ’ايف آئي آر’ درج ڪرائڻ جو حڪم

پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ڪينيا ۾ قتل ٿيڻ واري پاڪستاني صحافي ارشد شريف جي ڪيس ۾ اڱاري جي رات تائين ايف آئي آر درج ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

اڱاري ڏينهن چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال ارشد شريف ڪيس ۾ ازخود نوٽيس جي سماعت جي دوران مقتول جي ميڊيڪل رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏنو.

پنهنجي ريمارڪس ۾ چيف جسٽس چيو ته هڪ صحافي قتل ٿيو آهي. ان ڪري حقائق سامهون اچڻ گهرجن ته ڪنهن قتل ڪيو. ڪينيا ۾ پاڪستان حڪومت کي رسائي حاصل آهي. تحقيقاتي رپورٽ تائين رسائي به سڀني جو حق آهي.

جسٽس بنديال حڪم ڏنو ته ارشد شريف جي قتل ڪيس جي تحقيقاتي رپورٽ به اڄ ئي عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي.

وائس آف آمريڪا جي نمائندي عاصم علي رانا مطابق، چيف جسٽس صحافي ارشد شريف جي ڪينيا ۾ هلاڪت تي اڄ ئي نوٽيس وٺندي پنجن ميمبرن جو بينچ قائم ڪيو.

بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس مظاهرعلي اڪبر نقوي ۽ جسٽس محمد علي مظهر به شامل آهن.

ڇا اهو صحيح آهي ته قتل جو مقدمو نه ڪينيا ۽ نه ئي پاڪستان ۾ درج ٿيو؟

ارشد شريف قتل ڪيس تي ازخود نوٽيس جي سماعت جي دوران بينچ ۾ شامل جج جسٽس اعجاز الاحسن سوال اٿارو ته ڇا اهو درست آهي ته ارشد شريف ڪيس جو مقدمو نه ڪينيا ۽ نه ئي پاڪستان ۾ درج ٿيو؟ اسان جي معلومات جي مطابق، هن ڪيس جو ڪو مقدمو درج نه ٿيو آهي.

ان تي پرڏيهي ناتن جي سيڪريٽري جواب ڏنو ته پاڪستان ۾ مقدمو درج نه ٿيو آهي. ليڪن ڪينيا مان معلوم ڪري عدالت کي ٻڌايو وڃي. عدالت پرڏيهي دفتر کان ڪينيا ۾ تحقيقات ۽ مقدمو درج ٿيڻ متعلق اربع تائين جواب گهري ورتو آهي.

چيف جسٽس به سوال اٿاريو ته ارشد شريف جي قتل جو مقدمو درج ڇو نه ٿيو؟

داخله جي محڪمي جي سيڪريٽريءَ جواب ڏنو ته ’فيڪٽ فائنڊنگ’ رپورٽ جو جائزو وٺي پوءِ مقدمي درج ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو. ان تي جسٽس مظاهر نقوي چيو ته ڇا مقدمو درج ڪرڻ جو اهو قانوني طريقو آهي؟

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته مقدمو درج ڪرڻ کان سواءِ تحقيقات ڪيئن ٿي سگهندي؟

سپريم ڪورٽ حڪومت کي اڱاري جو ئي ’فيڪٽ فائينڊنگ’ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي، چيو ته سماعت اربع ڏينهن تائين مڪمل ڪئي وڃي.

صحافي سچ جو آواز آهن. ارشد شريف نامور صحافي هو: چيف جسٽس

حاضريءَ دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته هي انساني زندگيءَ جو معاملو آهي. ارشد شريف نامور صحافي هو. صحافي ئي معلومات جو ذريعو آهن.

اعلان مطابق ملڪ جي صحافي برادريءَ ۽ وڏي پيماني تي عوام پاران ارشد شريف جي قتل تي انهن خدشن جو اظهار ڪيو پئي ويو ۽ اعلي عدالت کان تحقيقات جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

چيف جسٽس پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي داخله، پرڏيهي ۽ اطلاعات جي سيڪريٽرين، وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آئي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل، انٽيلي جينس جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر کي نوٽيس جاري ڪندي اڱاري جي ئي ڏينهن ساڍي ٻارهين وڳي گهرايو آهي.

XS
SM
MD
LG