افغانستان جي حڪمران طالبان تازو پھرين سالانه بجيٽ جو اعلان ڪيو. عھديدارن ٻڌايو آھي ته بجٽ کي داخلي آمدني مان پورو ڪيو ويندو. بجيٽ ۾ 44 ارب افغاني (تقريبا‘ 50 ڪروڙ ڊالر) جي مالياتي کوٽ ظاھر ڪئي وئي آھي.
معاون وزيراعظم عبد السلام حنفي ڪابل ۾ اخباري ڪانفرنس ٻڌايو ته سندس عبوري حڪومت موجوده مالي سال دوران اخراجات لاءِ 231.4 ارب افغاني (2.6 ارب ڊالر) رکيا آھن جڏھن ته داخلي آمدني تقريبا‘ 186.7 ارب افغاني جي برابرھوندي. ھن ان ڳالھ جي وضاحت نه ڪئي ته مجوزه اخراجات ۽ متوقع آمدنيءَ جو فرق ڪھڙيءِ ريت پورو ڪيو ويندو.
حنفيءِ چيو ته سموري بجيٽ کي جنھن ۾ تعليم، صحت، ترقي، دفاع ءِ ٻيا شعبہ شامل آھن تن کي قومي آمدنيءَ جي ذرائع مان پورو ڪيو ويندو، جنھن ۾ بيروني رقمون شامل نه ھونديون.
ھن وڌيڪ چيو ته ترقياتي منصوبن تي 27.9 ارب افغاني (0.33 ارب ڊالر) خرچ ڪيا ويندا.
حنفي چيو ته اسان جو وڌ ۾ وڌ ڌيان ان طرف ھوندو ته ڪھڙي نموني ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليم پھچائي وڃي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ته ٻارن جي لاءِ معياري تعليم جو بندوبست ٿي سگهي، جنھن ۾ ٽيڪنيڪي اوراعلي تعليم شامل آھي.
وضاحت ڪندي، وزارت خزانه جي ترجمان ٻڌايو ته اپت محصول جي وصوليءِ تي دارومدار رکي ٿي، جنھن ۾ ڪسٽم ۽ قدرتي کاڻين سان منسلڪ محڪمہ اچي وڃن ٿا. ھيءَ بجيٽ فروري 2023 تائين جاري رھندي.
سابق سرڪش طالبان وچ آگسٽ 2021 ۾ ان وقت اقتدار تي ڪنٽرول حاصل ڪيو جڏھن مغربي ملڪن جي حمايت يافتہ افغان حڪومت ختم ٿي. امريڪي قيادت واري باقي فوج 30 آگسٽ 2021 ۾ افغانستان ڇڏي ٻاھر نڪتي، اھڙيءِ ريت اسلام پسند گروپ سان تقريبا‘ ٻن ڏھاڪن تائين جاري رھندڙ لڙائي ختم ٿي.
افغانستان جي حڪومتن مسلسل بيروني مالي امداد تي ئي انحصارڪيو، ليڪن طالبان جي اقتدارتي ڪنٽرول امريڪا ۽ امداد ڏيندڙ مغربي ملڪن ۽ گڏوگڏ ٻين واسطيدار ادارن کي مجبورڪيو ته افغانستان جي امداد لاءِ رکيل رقمون فوري طورتي روڪيون وڃن.
امداد رڪجي وڃڻ ۽ ناڻي جي صورت ۾ ٿيندڙمدد تي لڳايل پابندين جي نتيجي ۾ افغان بينڪاري نظام هلڻ بند ٿي ويو،جنهن جي ڪري انساني بحران منهن ڪڍيو ۽ ملڪ معاشي تباهيءِ جي ويجهو وڃي پهتو.
بين الاقوامي برادريءِ اڃان تائين طالبان حڪومت کي تسليم ناهي ڪيو، جن جو چوڻ آهي ته طالبان جي حڪومت ۾ سمورا طبقه شريڪ ڪونهن، عورتن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو آهي جڏهن ته دهشت گرديءِ جي باري ۾ تشويش اڃان سوڌي موجود آهي.
ٻئي پاسي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته ملڪ جي چارڪروڙ آباديءِ کي امداد جي ضرورت آهي. بين الاقوامي امداد سان وابسته ادارا اڃان توڻي ان سوچ ۾ ڦاٿل آهن ته طالبان کي سڌو سنئون رقم حوالي ڪرڻ کانسواءِ پريشان حال عوام جي مدد ڪينئن ڪري سگهجي ٿي.