طالبان عهديدارن پنجن ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، جن ۾ ٻه چيني شهري به شامل آهن، جن تي اندازا 1000 ميٽرڪ ٽن ليٿيم جا قيمتي پٿر اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي.
اها ڪاروائي افغانستان جي اوڀر واري سرحدي شهر جلال آباد وٽ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ٿو وڃي ته گرفتاريون عمل ۾ آيون ۽ مبينه طور تي ليٿيم جا اسمگل ٿيندڙ پٿر قبضي ۾ ورتا ويا.
طالبان انٽيلي جينس عمل دارن جي حوالي سان افغان ٽيلي ويزن چينلز تي نشر ٿيندڙ خبرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چيني شهري ۽ سندن افغان ساٿي پاڪستان جي رستي جي ذريعي ’’اهي مهانگا پٿر’’ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا.
قدرتي معدنيات ۽ پيٽروليم جي افغان وزارت جي هڪ سينئر اهل ڪار، محمد رسول عقاب جي اندازي مطابق انهن پٿرن ۾ 30 في صد ليٿيم موجود آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اهي پٿر نورستان ۽ ڪنڙ جي جبلن منجهان ڪوري ڪڍيا ويا هيا، جيڪي پاڪستان جي سرحد سان ملندڙ ڪيترن ئي افغان صوبن منجهان ٻه صوبا آهن.
آمريڪا ۽ نيٽو جي فوج جي ملڪ مان واپس وڃڻ کان پوءِ آگسٽ 2021 ۾ طالبان افغانستان جو اقتدار سنڀاليو، تنهن کان پوءِ اسلام نواز حڪمرانن ليٿيم جي پٿر جي ڪڍڻ ۽ ان جي وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي.
اطلاعن مطابق افغانستان ۾ اندازا هڪ ٽريلين ڊالر ماليت جي قدرتي معدنيات جا ذخيره موجود آهن جن ۾ ليٿيم جا وڏا ذخيرا شامل آهن، ليڪن ڪيترن ئي ڏهاڪن جي لڙائيءَ جي ڪري افغان معدنيات جي ترقيءَ جو ڪم رڪيل آهي.
ليٿيم ٻيهر چارج ٿيندڙ بيٽرين ۾ ڪم ايندڙ اهم جزو آهي، جنهن کي موسمياتي تبديليءَ جي سلسلي ۾ صاف توانائي جي ٽيڪنالاجيءَ ۾ خاص اهميت حاصل آهي. ان جي ڪري، عالمي سطح تي ان ڌات جي گهرج ۾ تمام گهڻي واڌ آئي آهي.
انساني حقن جي محروميءَ تي تشويش جي ڪري دنيا طالبان حڪومت کي اڃان تائين باضابطه طور تي تسليم نه ڪيو آهي، ان ۾ خاص طور تي عورتن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ ۽ تعليم تائين رسائيءَ تي پابندي لڳائڻ جو معاملو شامل آهي.
طالبان پاران اقتدار تي قبضي کان پوءِ جلد ئي آمريڪا ۽ اولهه وارن ملڪن افغانستان جي خلاف معاشي پابنديون عائد ڪيون هيون.
تازي عرصي دوران ان اسلام نواز گروپ پاڪستان کي ڪوئلي جي برآمد وڌائي ڇڏي آهي، جنهن جي مدد سان افغان بجيٽ جي ضرورتن ۽ سرڪاري شعبي جي ملازمن کي پگهارن ڏيڻ جي لاءِ درڪار ڪجهه آمدني ميسر اچي ٿي.
(اياز گل جي رپورٽ)