رسائی کے لنکس

طالبان يونيورسٽين ۾ عورتن جي داخلا روڪي ڇڏي، آمريڪا ۽ برطانيه جي مذمت


تعليم جي حق جي لاءِ ڪابل ۾ افغان عورتن جو مظاهرو (فائيل فوٽو)
تعليم جي حق جي لاءِ ڪابل ۾ افغان عورتن جو مظاهرو (فائيل فوٽو)

طالبان حڪومت جي تعليم جي وزارت اڱاري جي ڏينهن ٻڌايو ته ان فوري طور تي يونيورسٽين ۾ نينگرين جي داخلا بند ڪري ڇڏي آهي. آمريڪا ۽ برطانيه طالبان جي هن قدم جي مذمت ڪئي آهي.

خبرن جي اداري رائيٽرز جي مطابق طالبان جي اعلي تعليم جي وزارت جي هڪ ترجمان خط جي تصديق ڪئي آهي جنهن ۾ ملڪ جي سمورن سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته اهي نينگرين جي يونيورسٽين تائين رسائي ختم ڪن. اهو خط عبوري ڪابينا جي هڪ فيصلي جي روشنيءَ ۾ لکيو ويو آهي.

طالبان جي طرفان هي قدم اهڙي موقعي تي کنيون ويو آهي جڏهن عورتن جي متعلق طالبان جي پاليسين تي سموري دنيا ۾ تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ اڃان تائين انهن کي ڪنهن ملڪ جي حڪومت تسليم نه ڪيو آهي.

اڱاري جي ڏينهن آمريڪا ۽ برطانيه جي حڪومتن طالبان جي پاران يونيورسٽين تائين عورتن جي رسائيءَ تي پابنديءَ جي مذمت ڪئي آهي.

اهو اعلان اهڙي موقعي تي ڪيو ويو آهي جڏهن نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي اداري جي سلامتي ڪائونسل جو افغانستان جي معاملي تي اجلاس جاري آهي. ان موقعي تي آمريڪا ۽ برطانيه ۾ موجود سفيرن ان اعلان جي مذمت ڪئي.

آمريڪا جي گڏيل قومن ۾ ڊپٽي سفير رابرٽ ووڊ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ’’طالبان بين الاقوامي برادريءَ جي باضابطه ميمبر بنجڻ جي اميد تيسيتائين نه ٿا رکي سگهن جيسيتائين اهي سمورن افغان شهرين، خصوصا عورتن ۽ نينگرين جي انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جو احترام نه ٿا ڪن’’.

ان کان اڳ اجلاس جي دوران گڏيل قومن جي اداري جي افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائنده، روزا اوتنيابا هڪ بيان ۾ چيو ته اسڪولن کي بند ڪرڻ سان طالبان حڪومت جي بين الاقوامي برادريءَ سان تعلقات متاثر ٿيا آهن.

هن چيو ته جيسيتائين اسڪولن مان نينگرين کي روڪيو ويندو ۽ طالبان بين الاقوامي برادريءَ جي تشويش کي نظرانداز ڪندا رهندا تيسيتائين موجوده صورت حال برقرار رهندي.

يونيورسٽين تي اها پابندي اهڙي موقعي تي سامهون آئي آهي جڏهن نينگريون سالياني امتحان جي تياري ڪري رهيون هيون.

رائيٽرز کي يونيورسٽيءَ جي هڪ نينگريءَ جي ماءُ سيڪيورٽيءَ جي سبب جي ڪري نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو آهي ته سندس نياڻي ان فيصلي معلوم ٿيڻ تي رئندي کيس ڪال ڪئي. بقول ان جي، ان کي ان ڳالهه جو خطرو هيو ته هوءَ ڪابل ۾ پنهنجي ميڊيڪل جي تعليم جاري نه رکي سگهندي.

هن چيو ته ’’منهنجي ۽ ٻين مائرن جي دلن ۾ جيڪو ڏک آهي اهو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. اسان سڀئي ڏکويل آهيون ۽ پنهنجي ٻارن جي مستقبل جي باري ۾ پريشان آهيون’’.

طالبان جي اعلي تعليم جي وزارت جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته يونيورسٽين جي نصاب کي شريعت جي مطابق ڪرڻ کان پوءِ کين جلد ئي ٻيهر کوليو ويندو.

(هن خبر جو مواد رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG