رسائی کے لنکس

ايراني عورتن جي حمايت ۾ افغان عورتن جو مظاهرو طالبان ڇڙ و ڇڙ ڪري ڇڏيو


افغان عورتن ’پليڪارڊ’ هٿن ۾ کڻي ڪابل ۾ ايراني سفارت خاني جي آڏو مظاهرو ڪيو. 29 سيپٽمبر، 2022.
افغان عورتن ’پليڪارڊ’ هٿن ۾ کڻي ڪابل ۾ ايراني سفارت خاني جي آڏو مظاهرو ڪيو. 29 سيپٽمبر، 2022.

افغانستان جي گاديءَ واري هنڌ خميص ڏينهن عورتن جي هڪ گروه ايران جي عورتن جي احتجاج جي حق ۾ پهريون مظاهرو ڪيو، جنهن کي طالبان عمل دارن زبردستي ڇڙ و ڇڙ ڪري ڇڏيو.

هي مظاهرو پاڙيسري ملڪ جي هڪ نوجوان خاتون مهسا امينيءَ جي معاملي تي جاري احتجاج جي حمايت ۾ ڪيو ويو، جيڪا حجاب جي خلاف هئي ۽ جنهن، ايران جي اخلاقيات جي پوليس مطابق، پنهنجا وار مناسب طريقي سان نه ڍڪيا هيا ۽ جنهن کي پوليس حراست ۾ رکيو ويو جنهن کان پوءِ سندس موت واقع ٿيو.

ڪابل ۾ عيني شاهدن ٻڌايو آهي ته تقريبا 30 خواتين سرگرم ڪارڪنن ايراني سفارت خاني ٻاهران بيهي ’عورتون، زندگي، آزادي’ جي نعرن جي حمايت ڪئي جيڪي ايراني احتجاج ڪندڙ عورتون لڳائي رهيون آهن. انهن بينرز نمايان ڪيا جنهن ۾ لکيل هو ته ’’ايران کڙو ٿيو آهي. هاڻي اسان جو وارو آهي’’ ۽ ’’ڪابل کان ايران تائين آمريت کي انڪار’’ آهي.

اسلام آباد مان اياز گل پنهنجيءَ رپورٽ ۾ چيو آهي ته ريليءَ کي منتشر ڪرڻ لاءِ طالبان جي سيڪيورٽي فورسز بينر ڦاڙي ڇڏيا ۽ بعد ۾ هوائي فائرنگ ڪئي. ان کان پوءِ منتظمين چيو ته هي مظاهرو ان لاءِ ڪيو ويو ته جيئن ايراني عوام ۽ افغانستان جي عورتن وچ ۾ حمايت ۽ يگانگت جو اظهار ٿي سگهي.

مظاهري ۾ شامل هڪ عورت نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ’’ اسان کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن ايندو جو اسان جو عوام به ايراني عوام وانگر اٿي کڙو ٿيندو’’.

هڪ سال اڳ ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ، اسلام پسند طالبان عورتن کي پبلڪ ۾ منهن ڍڪي ٻاهر نڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي ۽ سرڪاري نوڪريون ڪندڙ ڪيترن ئي عورتن کي گهر ۾ رهڻ لاءَ چيو ويو آهي. گروپ جي ’نهي اني المنڪر’ وزارت جي پاران به عورتن کي چيو ويو آهي ته محرم ساڻ کڻڻ ضروري آهي ۽ ڪنهن مائٽ مرد کان سواءِ عورتون روڊ جي وڏي مسافريءَ تي نه نڪرن.

افغانستان ۾ طالبان ننڍيءَ عمر جي ڇوڪرين کي ڇهين درجي کان مٿي ثانوي اسڪول جي تعليم حاصل ڪرڻ تي بندش وڌي آهي.

انهن پابندين جي ڪري سرگرم ڪارڪن ۽ شاگرد ناراض آهن ۽ بين الاقوامي برادري طالبان کان مطالبو ڪري رهي آهي ته جيڪڏهن هو چاهن ٿا ته سندن حڪومت کي تسليم ڪيو وڃي ته کين اها بندش هٽائڻي پوندي.

اسلام پسند حڪمرانن جو چوڻ آهي ته اهي پابنديون افغان ثقافت ۽ اسلامي اصولن جي عين مطابق آهن.

ايران ۾ احتجاجي مظاهرا ملڪ جي ڪم از ڪم 80 شهرن ۽ وسندين تائين ڦهلجي چڪا آهن. مظاهرين کي ڇڙ و ڇڙ ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس، ڏنڊا ۽ ڪن معاملن ۾ گوليون هلائي رهي آهي. مظاهرو ڪندڙ اسلامي حڪومت جي خاتمي جو مطالبو ڪري رهيا آهن جيڪا چئن ڏهاڪن کان اقتدار ۾ آهي.

ايران جي سرڪاري تحويل ۾ ڪم ڪندڙ ميڊيا جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين 41 ماڻهو مارجي ويا آهن، جن ذريعن ۾ پوليس ۽ حڪومت جي حامي مليشيا به شامل آهي، حالانڪه انساني حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ وارا مرڻ وارن جي تعداد کي اڃان گهڻو ٻڌائي رهيا آهن.

ٻاويهن سالن جي امينيءَ کي 13 سيپٽمبر تي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي ٽي ڏينهن پوليس پنهنجي حراست ۾ رکيو، بعد ۾ بي هوشيءَ ۾ هن کي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو جتي هن جو ساه پورو ٿيو. هن هفتي سندس خاندان ايراني پوليس جي خلاف شڪايت درج ڪرائي، جن کيس گرفتار ڪيو هو، ۽ مڪمل تفتيش جو مطالبو ڪيو آهي.

ايراني پوليس امينيءَ جي موت جي ذمه داري قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.

(هن رپورٽ ۾ شامل ڪجهه مواد ايجنسي فرانس پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG