رسائی کے لنکس

ٻن عورتن سميت 27 ڄڻن کي ميڙ آڏو ڪوڙا هڻڻ جون سزائون


پروان صوبي جي چاريڪر شهر جي فٽبال اسٽيڊيم ۾ ڏوهارين کي ڪوڙا هنيان ويا، جنهن موقعي تي طالبان سيڪيورٽي جا محافظ موجود آهن. 8 ڊسمبر 2022. (فائيل فوٽو)
پروان صوبي جي چاريڪر شهر جي فٽبال اسٽيڊيم ۾ ڏوهارين کي ڪوڙا هنيان ويا، جنهن موقعي تي طالبان سيڪيورٽي جا محافظ موجود آهن. 8 ڊسمبر 2022. (فائيل فوٽو)

چوري، زنا ۽ ٻين ڏوهن جي الزام ۾ اربع ڏينهن ڏکڻ افغانستان ۾ ٻن عورتن سميت 27 ڄڻن کي ڪوڙن هڻڻ جون سزائون ڏنيون ويون. حڪام ۽ مقامي رهواسين ٻڌايو آهي ته اهي سزائون هلمند ۽ زابل جي صوبن ۾ ڏنيون ويون.

هلمند ۾ صوبائي حڪومت جي ترجمان محمد قاسم رياض ٻڌايو ته صوبائي دارالحڪومت لشڪرگاه جي اسپورٽس اسٽيڊيم ۾ 20 ماڻهن کي ڪوڙا هنيان ويا.

ترجمان چيو آهي ته هر هڪ شخص کي 35 کان 39 تائين ڪوڙا هنيان ويا. ان موقعي تي طالبان جي صوبائي عهديدار، مذهبي رهنما ۽ مڪاني چڱن مڙسن سميت وڏي تعداد ۾ عام رهواسي موجود هيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪجهه ڏوهين کي قيد جي سزا به ڏني وئي.

طالبان جي انتظام هيٺ خبرن جي سرڪاري اداري پنهنجيءَ هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته زابل جي گاديءَ واري هنڌ قلات ۾ پنجن مردن ۽ ٻن عورتن کي ناجائز تعلقات قائم ڪرڻ، چوري ۽ ٻين ڏوهن تي عوام جي ميڙ جي سامهون ڪوڙا هنيان ويا. ليڪن اداري وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا.

انهن سزائن تي بين الاقوامي سطح تي تنقيد ڪئي وئي ۽ ان جي مذمت ڪندي عام اجتماع آڏو سزائون ڏيڻ جي قدم کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

افغانستان ۾ آمريڪي مشن جي ’چارج ڊي افيئرز’، ڪيرن ڊيڪر فرح ۾ موت جي سزا جي مذمت ڪندي ٽوئٽر تي چيو آهي ته ڏوهن تي سزائن کي راندين جي مقابلي جي طور تي پيش ڪرڻ افغانن جي وقار ۽ انساني حقن جي توهين آهي.

طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد ان اعتراض کي سختيءَ سان مسترد ڪيو آهي.

طالبان پوئين مهيني جي شروع ۾ سپريم ليڊر، هبت الله آخونزاده جي پاران ججن کي شريعت جي مڪمل نفاذ جو حڪم ڏيڻ کان پوءِ کليل ميڙ جي سامهون سزائن تي عمل درآمد شروع ڪيو آهي.

’ايمنسٽي انٽرنيشنل’ عام پبلڪ آڏو ڦاسيءَ ۽ ڪوڙا هڻڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته طالبان بين الاقوامي انساني حقن جي قانون کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪرڻ سان گڏ انساني حقن جي اصولن جي کليل ڀڃڪڙي جاري رکي آهي.

آمريڪا جي پرڏيهي محڪمي جي ترجمان، نيڊ پرائس گزريل هفتي طالبان کي خبردار ڪيو هو ته اهي 1996 ڪان 2001 تائين افغانستان ۾ پنهنجي اڳوڻي دور حڪومت جي رجعت پسندانه ۽ مڪروه طرز عمل کي واپس نه آڻن.

(وائس آف آمريڪا نيوز)

XS
SM
MD
LG