رسائی کے لنکس

پاڪستان ۾ پوليس پهرئين ۽ عدالتون ٽئين نمبر تي ڪرپٽ ترين آهن، رپورٽ


بدعنوانيءَ خلاف احتجاجي مظاهرو (فائيل فوٽو)
بدعنوانيءَ خلاف احتجاجي مظاهرو (فائيل فوٽو)

پاڪستان ۾ ڪرپشن جو خاتمو هر سياسي جماعت جو نعرو رهيو آهي، پر ان جي باوجود ان ۾ هر گزرڻ واري سال واڌ ئي ايندي ٿي وڃي. عالمي اداري، ’ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل’ جي هڪ تازي جائزي مطابق پاڪستان ۾ پوليس سڀني کان وڌيڪ ڪرپٽ ادارو آهي.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان ۾ ٿيڻ واري ’نيشنل ڪرپشن پرسيپشن سروي 2022’ جاري ڪيو آهي جنهن مطابق، پاڪستان ۾ پوليس کان پوءِ ٽينڊر ۽ حڪومتي ٺيڪن جا شعبا، جڏهن ته ٽئين نمبر تي عدالتون سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ آهن. ان کان علاوه ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ تعليم جو شعبوگهڻو ڪرپٽ ٿيو آهي، جيڪو چوٿون ڪرپٽ ترين شعبو آهي.

ڪرپشن جي روڪ ٿام جي لاءَ ڪم ڪرڻ واري اداري، ’ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل’ گزريل 21 سالن ۾ ڇهه دفعا ان متعلق سروي ڪرايو آهي جن ۾ پاڪستاني شهرين جي طرف کان جن شعبن کي سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ سمجهيو ٿو وڃي انهن جي باري ۾ رائي پڇي ويندي آهي. ان سروي ۾ پاڪستان جي چئني صوبن مان 1600 ڄڻن حصو ورتو. هر صوبي مان 400 ماڻهن پنهنجي رائي ڏني.

تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته مجموعي طور تي پاڪستان جا سمورا ادارا ’گورنينس’ ۾ تنزليءَ جا شڪار آهن، جنهن جي ڪري عوام جو انهن ادارن تان اعتماد کڄي ويو آهي. تجزيه ڪارن جي مطابق، حڪومت ۾ شامل ماڻهن جي طرفان ادارن کي مضبوط بنائڻ ۽ انهن تي حڪومتي اثر و رسوخ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪرپشن جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي ٿو.

صوبن جي سطح تي پاڪستان ۾ ڪرپشن کي ڏٺو وڃي ته، سروي مطابق، سنڌ ۾ تعليم جو شعبو سڀني کان وڌيڪ ڪرپٽ سمجهو ٿو وڃي. ٻئي نمبر تي پوليس جڏهن ته ٽينڊرنگ ۽ سرڪاري ٺيڪا ٽئين نمبر تي آهن. پنجاب ۾ پهرئين نمبر تي پوليس، ٻئي نمبر تي ٽينڊرنگ ۽ سرڪاري ٺيڪا جڏهن ته عدالتون ٽئين نمبر تي ڪرپٽ سمجهيون ٿيون وڃن.

خيبرپختونخوا ۾ بدعنوانيءَ ۾ عدالتون سڀني کان وڌيڪ ڪرپٽ سمجهيون وڃن ٿيون، جڏهن ته ٻئي نمبر تي ٽينڊرنگ ۽ حڪومتي ٺيڪا ۽ پوليس ٽئين نمبر تي آهي. بلوچستان ۾ ٽينڊرنگ ۽ سرڪاري ٺيڪا سڀني کان وڌيڪ ڪرپٽ، پوليس ٻئي نمبر تي، جڏهن ته عدالتون ٽئين نمبر تي وڌيڪ ڪرپٽ سمجهيون وڃن ٿيون.

رپورٽ جي مطابق، قومي سطح تي 45 في صد ماڻهو بدعنوانيءَ جي روڪ ٿام جي ادارن کي غير موثر ڄاڻن ٿا. سنڌ ۾ صرف 35 في صد پاڪستاني قومي احتساب بيورو (نيب) جي ڪردار کي بدعنوانيءَ کي روڪڻ ۾ موثر سمجهن ٿا. پنجاب ۾ 30 في صد، خيبرپختونخوا ۾ 9 في صد ۽ بلوچستان ۾ 12 في صد پاڪستاني ان اداري کي موثر سمجهن ٿا.

قومي سطح تي پاڪستاني ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته مختلف خدمتون سر انجام ڏيڻ وارا محڪما تمام گهڻو ڪرپٽ آهن. انهن ۾ سڙڪن جي اڏاوت ۾ شامل محڪمن جي باري ۾ 40 في صد ماڻهن جو خيال آهي ته اهي ڪرپٽ ترين آهن ۽ ان ۾ شامل سڀني کي رشوت ڏيڻي پوي ٿي. ٻئي نمبر تي 28 في صد جي لاءِ بجليءَ جي فراهمي جي محڪمي ۽ ٽئين نمبر تي 17 في صد جي لاءِ پيڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ وارا محڪما شامل آهن.

سروي جي مطابق بدعنوانيءَ جون ٽي اهم ترين سبب آهن جن ۾ سڀ کان پهرين ڪرپشن جي ڪيسن جي فيصلن ۾ دير ٿيڻ، حڪومت جو ذاتي فائدن لاءِ رياستي ادارن کي استعمال ڪرڻ ۽ سرڪاري نااهلي شامل آهي.

بدعنواني ڪيئن روڪي سگهجي ٿي؟ ان تي 33 في صد پاڪستانين جو خيال آهي ته ان ڏوهه جي سزا عمرقيد ٿيڻ گهرجي، 28 في صد پاڪستانين جو چوڻ آهي ته سمورن سرڪاري ڪامورن، سياسي رهنمائن، فوجي آفيسرن، ججن کي پنهنجي ملڪيت عوام جي سامهون ظاهر ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته 25 في صد جو چوڻ آهي ته بدعنوانيءَ جي ڪيسن جي شنوائي نيب، ايف آئي اي ۽ اينٽي ڪرپشن ۾ ٿيڻ کپي ۽ روزانه جي بنياد تي عدالتون سماعت ڪن ۽ ڇهن مهينن ۾ فيصلو ٻڌائن.

هن سروي جي دوران گزريل ڪجهه عرصي ۾ اچڻ واري تباه ڪن سيلاب کان پوءِ فنڊز جي استعمال ۽ سيلاب جي صورت حال سان نبرڻ جي ۾ شفافيت ۽ احتساب جي باري ۾ به سوال پڇيا ويا. سروي مطابق، قومي سطح تي تقريبا 62 في صد پاڪستانين مڪاني اين جي اوز جي ڪردار کي موثر سمجهن ٿا. ان باري ۾ سنڌ ۾ 62 في صد، پنجاب ۾ 54 في صد، خيبرپختونخوا ۾ 79 في صد ۽ بلوچستان ۾ 52 في صد شهرين جي خيال ۾ مڪاني اين جي اوز سٺو ڪم ڪيو آهي.

ليڪن قومي سطح تي 70 في صد جو خيال آهي ته سيلاب جي دوران ملڻ وارن فنڊز ۽ امداد شفاف طريقي سان نه ورهائي وئي آهي. 60 في صد جو خيال آهي ته سيلاب جي دوران ملندڙ امداد ۽ اين جي اوز جي ڪردار کي وڌيڪ شفاف ٿيڻ گهرجي.

اداري جي سروي مطابق، 77 في صد پاڪستانين جي خيال ۾ سندن حڪومتي ادارن مان معلومات تائين رسائيءَ جي قانون جي تحت معلومات فراهم نه ٿي ڪئي وڃي. 66 في صد پاڪستانين جي سوچ آهي ته 2019 ۾ ٿيڻ واري آئي ايف ايف جي معاهدي مان ڪو فائدو نه پهتو آهي.

ان کان سواءِ 54 في صد پاڪستاني خبرن جي ٽيلي ويزن چينلز کي جانبدار سمجهن ٿا. صوبائي سطح تي خيبرپختونخوا ۾ 61 في صد ۽ بلوچستان ۾ 53 في صد ماڻهن جو چوڻ آهي ته نيوز چينلز غير جانبدار آهن. البته سنڌ ۾ 72 في صد ۽ پنجاب ۾ 59 في صد ماڻهون انهن کي جانبدار سمجهن ٿا.

(عاصم علي رانا جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG