رسائی کے لنکس

فيس بڪ پاران ٽرمپ جو اڪائونٽ بحال ڪرڻ جو فيصلو


اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ (فائيل فوٽو)
اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ (فائيل فوٽو)

ٻن سالن جي برطرفيءَ کان پوءِ، سماجي رابطن جي مقبول پليٽ فارم، ’فيس بڪ’ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ذاتي اڪائونٽ بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٽرمپ جو اڪائونٽ ڇهين جنوري 2021 تي سندس حامين پاران ڪانگريس جي عمارت تي حملي کان پوءِ معطل ڪيو ويو هو.

اربع ڏينهن هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ميٽا ڪمپنيءَ چيو آهي ته اها ان ڳالهه جي پڪ ڪرڻ جي لاءِ ته اها ’نئين گارڊيلز’ ۾ اضافو ڪري رهي آهي ته جيئن صارفين سندس قانون جي ٻيهر ڀڃڪڙي نه ڪري سگهن.

ميٽا چيو آهي ته جيڪڏهن ٽرمپ ٻيهر ڪمپنيءَ جي قائدن جي خلاف ورزي ڪرڻ وارو مواد پوسٽ ڪندو ته سندس مواد کي هٽايو ويندو ۽ خلاف ورزي ڪرڻ جي شدت کي سامهون رکندي کيس هڪ مهيني کان ٻن سالن تائين معطل ڪيو ويندو.

اڪائونٽ جي بحاليءَ جي اعلان کان پوءِ اڳوڻي صدر ٽرمپ ’ٽروٿ سوشل’ نالي پنهنجي ئي سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ تي هڪ پوسٽ ۾ فيس بڪ اڪائونٽ معطل ڪرڻ تي ان کي تنقيد جو نشانو بنايو ۽ ٽروٿ سوشل کي ساراهيو.

ٽرمپ پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته، ’’توهان جي پسنديده صدر کي پليٽ فارم تان هٽائڻ تي فيس بڪ کي اربين ڊالر جو نقصان ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي اعلان ڪيو پيو وڃي ته پليٽ فارم منهنجو اڪائونٽ بحال ڪري رهيو آهي. اهو ڪنهن موجوده يا ڪنهن ٻئي سان، جيڪو ان انتقام جو مستحق نه هجي، ٻيهر نه ٿيڻ گهرجي’’.

واضح رهي ته صدر ٽرمپ کي 2020 جي صدارتي چونڊن ۾ هار کان پوءِ ڇهين جنوري 2021 تي ڪانگريس جي ميمبرن پاران سندس مقابلي ۾ موجوده صدر جو بائيڊن جي ڪاميابيءَ جي توثيق جي جاري عمل دوران، ٽرمپ جي حامين ڪيپيٽل هل تي حملو ڪيو هو.

هن حملي کان پوءِ فيس بڪ ٽرمپ جو اڪائونٽ معطل ڪري ڇڏيو هو. ان سان گڏ ٻين سوشل ميڊيا ڪمپنين به اڳوڻي صدر کي پنهنجي پليٽ فارمز تان هٽائي ڇڏيو هو.

فيس بڪ پاران ٽرمپ جي اڪائونٽ جي بحاليءَ جي فيصلي کان اڳ ٽوئٽر ڪمپنيءَ جي مالڪ ايلون مسڪ به کيس پنهنجي پليٽ فارم تي بحال ڪري ڇڏيو آهي. ليڪن، ٽرمپ اڃان تائين ٽوئٽر تي ڪو پيغام ٽوئيٽ نه ڪيو آهي.

عالمي سطح تي استعمال ٿيندڙ مرڪزي وهڪري ۾ شامل سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پابندين کان پوءِ ٽرمپ پنهنجي قائم ڪيل ’ٽروٿ سوشل’ پليٽ فارم تي انحصار ڪري رهيو آهي.

هن اهو پليٽ فارم ٽوئٽر تي بلاڪ ٿيڻ کان پوءِ شروع ڪيو هو.

(هن خبر ۾ شامل مواد خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG