رسائی کے لنکس

ٽوئٽر پاران فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ٻين پليٽ فارمز سان پوسٽ شيئر ڪرڻ تي پابندي


ٽوئٽر
ٽوئٽر

مائڪروبلاگنگ سائيٽ، ٽوئٽر صارفين پاران فيس بڪ، انسٽاگرام ۽ ’مستوڊن’ جهڙين ٻين مخالف پليٽ فارمز سان پوسٽون شيئر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

ڪمپنيءَ جي نئين مالڪ ايلون مسڪ جي تازي قدم موجب، اداري چٽاڀيٽيءَ وارن پليٽ فارمز کي ممنوع قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

ٽوئٽر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ’’اسان ڄاڻئون ٿا ته اسان جا ڪيترا ئي صارفين ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي سرگرم رهن ٿا. ليڪن، ٽوئٽر هاڻي پنهنجي پليٽ فارم تي مخصوص سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي مفت تشهير جي اجازت نه ڏيندو’’.

منع ڪيل قرار ڏنل پليٽ فارمز ۾ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جي مين اسٽريم ويب سائيٽس سان گڏ مستوڊن، نوسٽر پوسٽ ۽ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ’ٽروٿ سوشل’ به شامل آهي.

ٽوئٽر ان باري ۾ ڪا وضاحت نه ڪئي آهي ته بليڪ لسٽ ۾اهي ست ويب سائيٽ ڇو شامل آهن. ليڪن، پارلر، ٽڪ ٽاڪ ۽ لنڪڊ ان تي اها پابندي عائد نه ڪئي وئي آهي.

خبرن جي اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس مطابق، ٽوئٽر ٽئين ڌر جي ’لنڪ ٽري’ جهڙن سوشل ميڊيا ’لنڪ اگزيڪٽوز’ يعني مجموعي جي پنهنجي پليٽ فارم تي تشهير تي به پابندي لڳائي آهي. لنگ ٽري کي صارفين اهو ڏيکارڻ جي لاءِ استعمال ڪندا آهن ته اهي مختلف ويب سائٽس تي ڪٿي به ملي سگهن ٿا.

ان کان اڳ، ٽوئٽر مخالف پليٽ فارم ’مستوڊن’ جي خلاف به ان وقت ڪاروائي ڪئي هئي جڏهن ان جي مرڪزي ٽوئٽر اڪائونٽ پوئين هفتي ’ايٽ دي ريٽ آف ايلون جيٽ’ جي تنازعي جي باري ۾ ٽوئيٽ ڪيو هو.

مستوڊن گزريل ڪجهه هفتن دوران ٽوئٽر جي انهن صارفين جي لاءِ هڪ متبادل طور تي تيزيءَ سان ترقي ڪئي آهي جيڪي مسڪ جي ٽوئٽر جي تازين تبديلين کان خوش ناهن، ڇو ته مسڪ ٽوئٽر ڪمپنيءَ کي هن سال آڪٽوبر ۾ 44 بلين ڊالر ۾ خريدڻ کان پوءِ اهڙن اڪائونٽن کي بحال ڪرڻ شروع ڪيو جيڪي ٽوئٽر جي نفرت انگيز طرز عمل ۽ ٻين نقصان پهچائڻ وارين اڳوڻين پاليسين جي ڀڃڪڙي ڪن پيا.

ٽوئٽر جي ڪجهه صارفين پنهنجي نئين مستوڊن پروفائيل ۾ ٽوئٽر لنڪس شامل ڪيا آهن ۽ پنهنجي فالورز کي اتي اچڻ جي لاءِ چيو آهي. هاڻي ٽوئٽر تي ائين ڪرڻ تي پابندي آهي. ان کان سواءِ انهن پابندين کان بچڻ جي لاءِ سڌو سنئون ويب سائيٽ جي لنڪ جي بجاءِ ’انسٽاگرام ڊاٽ ڪام’ جهڙا لفظ استعمال ڪرڻ جي ڪوششن تي به پابندي هوندي.

اي پي مطابق، انسٽاگرام ۽ فيس بڪ جي پيرنٽ ڪمپني ’ميٽا’ آچر ڏينهن تڪڙ ۾ ان پيش رفت تي ڪو تبصرو نه ڪيو آهي.

خيال رهي ته ٽوئٽر گزريل هفتي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ۽ مسڪ جي باري ۾ رپورٽ ڪرڻ وارن ڪيترن ئي صحافين جا اڪائونٽ معطل ڪري ڇڏيا هيا. انهن ۾ نيو يارڪ ٽائمز، واشنگٽن پوسٽ، سي اين اين، وائس آف آمريڪا ۽ ٻين اشاعتن جي لاءِ ڪم ڪندڙ رپورٽر به شامل هيا. مسڪ جي آن لائن پول کان پوءِ انهن منجهان ڪيترن اڪائونٽن کي بحال ڪيو ويو آهي.

ليڪن ڇنڇر ڏينهن ٽوئٽر واشنگٽن پوسٽ جي صحافي ٽيلر لورينز تي عارضي پابندي لڳائي ڇڏي. واشنگٽن پوسٽ جي ايگزيڪٽو ايڊيٽر، سيلي بزبيءَ مطابق، لورينز جو اڪائونٽ بغير ڪنهن وضاحت يا چتاءَ جي پند ڪيو ويو هو. ليڪن، آڄر ڏينهن ٻن پهرن جو ٽوئٽر لورينز جو اڪائونٽ بحال ڪيو ويو آهي.

(هن خبر ۾ شامل معلومات ’اي پي’ تان ورتي وئي آهي)

XS
SM
MD
LG