ٽوئٽر ڪمپنيءَ پنهنجا گهٽ ۾ گهٽ 200 ملازم، جيڪي سندس افرادي انگ جو لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو هيا، تن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو آهي.
آمريڪي اخبار ’دي نيو يارڪ ٽائمز’ خبر ڏني آهي ته ملازمن جي تعداد ۾ ڪمي ڪمپنيءَ جي مالڪ ايلون مسڪ پوئين آڪٽوبر ۾ مائڪرو بلاگنگ سائيٽ جي انتظام سنڀالڻ کان پوءِ سندس تازو قدم آهي.
ان معاملي کان واقف ماڻهن جو حوالو ڏيندي، اخبار رپورٽ ڏني آهي ته ڇنڇر جي رات ٿيڻ واري هيءَ ڇانٽي پراڊڪٽ منيجرن، ڊيٽا سائنس دانن ۽ انجنيئرن کي متاثر ڪيو آهي. اهي ڪارڪن مشين لرننگ ۽ سائيٽ کي اعتماد جوڳو رکڻ جو ڪم ڪندا هيا. انهن جو ڪم ٽوئٽر جي مختلف خصوصيات کي آن لائين برقرار رکڻ ۾ مدد ڏيڻ هيو.
خبرن جي اداري رائيٽرز مطابق، سندس پاران رابطي ڪرڻ تي ڇانٽين جي معاملي تي ڪو رد عمل نه ڏنو ويو.
مسڪ چيو ته گزريل مهيني تائين ڪمپني جي ملازمن جو تعداد لڳ ڀڳ 2300 هيو.
ملازمن جي هيءَ تازي ڪٽوتي نومبر جي شروع ۾ وڏي پيماني تي برطرفين کان پوءِ ڪئي وئي آهي. ان وقت ٽوئٽر مسڪ جي پاران خرچ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ 3700 ملازم ڪڍي ڇڏيا هيا.
ايلون مسڪ 44 ارب ڊالر ۾ ٽوئٽر ڪمپني خريد ڪئي هئي.
نومبر ۾ مسڪ چيو هو ته ٽوئٽر جي سروس کي آمدنيءَ ۾ وڏي پيماني تي ڪمي درپيش آهي. ان وقت اشتهار ڏيڻ وارين ڪمپنين هن پليٽ فارم تي مواد ۾ مداخلت جي باري ۾ خدشن جي ڪري اشتهارن جي خرچ ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي هئي.
تازو ٽوئٽر پنهنجي ڪجهه مواد تي تخليق ڪارن کي اشتهارات مان حاصل ٿيڻ واري آمدنيءَ منجهان حصو ڏيڻ شروع ڪيو آهي.
(هن خبر جو مواد رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)