رسائی کے لنکس

بلو سبس ڪرپشن وارن جي لاءِ وڌيڪ اکرن جي ٽوئيٽ جي گنجائش


ٽوئيٽر پنهنجي صارفين کي اکرن جي قيد مان آزاد ڪرائي ڇڏيو آهي. هاڻي ٽوئٽر استعمال ڪرڻ وارا صرف 280 حرفن جي جاءِ تي ڊگھيون ٽوئيٽس به ڪري سگهن ٿا.

ٽوئٽر ان تبديليءَ جو اعلان اربع جي ڏينهن پاڻ هڪ ڊگهي ٽوئيٽ ڪري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ’ڪڏهن ڪڏهن توهان کي وڌيڪ لفظن جي به ضرورت پوندي آهي’.

ٽوئٽر صارفين هاڻي گهڻن اکرن واري ٽوئيٽ ڪري سگهندا، پر اها سهولت في الحال رڳو آمريڪي صارفين جي لاءِ آهي جن ٽوئٽر جي ’پيد سبسڪرپشن’ حاصل ڪري ورتي آهي.

اهي صارفين جن وٽ ’بلو’ يا ’گولڊن ٽڪ’ ته آهي پر اهي ٽوئٽر سبسڪرپشن في ادا نه ٿا ڪن، اهي هن سهولت مان فائدو نه وٺي سگهندا.

ٽوئيٽر مطابق، ’بلو سبسڪرپشن’ رکڻ وارا صارفين 280 جي بجاءِ هاڻي 4000 اکرن تائين ٽوئيٽ ڪري سگهندا.

ٽوئٽر تي ڊگهيون ٽوئيٽس شروع ڪرڻ جو اعلان ايلون مسڪ گزريل مهيني پاڻ ڪيو هو. هن صارفين کي ٻڌايو هو ته ٽوئٽر تي اها سهولت فيبروريءَ کان دستياب هوندي.

تازي عرصي جي دوران ٽوئٽر جي آمدنيءَ ۾ ڪمي آئي آهي ۽ سوشل ميڊيا کي گهڻو نقصان رسيو آهي جنهن صورت حال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نت نوان آپشنز متعارف ڪرايا پيا وڃن ۽ وڏي پيماني تي تبديليون ڪيون پيون وڃن.

XS
SM
MD
LG