برطانيه سومر ڏينهن چيو آهي ته احتجاج کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندي مظاهرا ڪندڙن خلاف پرتشدد ڪاروائي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٻن درجن ايراني عهديدارن جي خلاف تعزيرات عائد ڪيون ويون آهن، جن ۾ ايراني حڪومت جو هڪ وزير به شامل آهي. هي احتجاجي مظاهرا 22 ورهن جي مهسا امينيءَ جي پوليس جي تحويل دوران مارجي وڃڻ جي معاملي تي شروع ٿيا هيا.
برطانيه جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اهي پابنديون جن کي بين الاقوامي ساٿين سان رابطي ۾ رهي لاڳو ڪيو ويو آهي، انهن ۾ ايران جي مواصلات جو وزير عيسي زاريپور کان سواءِ ان جو سائبر پوليس جو سربراه واحد محمد نصر ماجد ۽ سياسي ۽ سيڪيورٽيءَ جا عمل دار شامل آهن.
پرڏيهي معاملن جي وزير، جيمس ڪليورلي چيو آهي ته اهي پابنديون ايراني حڪومت ۾ شامل عمل دارن کي هدف بنائڻ لاءِ لڳايون ويون آهن، جيڪي انساني حقن جي ڀيانڪ ڀڃڪڙين ۾ ملوث رهيا آهن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ’’پنهنجي پارٽنرز سان ملي، اسان ايراني حڪومت کي هڪ واضح پيغام ڏنو آهي ته احتجاج ڪرڻ وارن خلاف پرتشدد ڪاروائي کي روڪيو وڃي ۽ اظهار جي آزاديءَ جي عزت ڪئي وڃي’’.
برطانيه چيو آهي ته زاريپور ۽ ماجد کي ايران ۾ انٽرنيٽ تي بندش لاڳو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نشانو بنايو ويو آهي، جنهن ۾ ’واٽس ايپ’ ۽ ’انسٽاگرام’ تي بندش شامل آهي، جيڪو عمل ايراني حڪومت اظهار جي آزادي ۽ پرامن اجتماع جي حقن کي ڇنڻ جو ڏوهه شامل آهي.
پابندين ۾ اثاثن کي منجمد ڪرڻ ۽ سفر تي پابندي لڳائڻ شامل آهي.
ايران ۾ احتجاجي مظاهرا 16 سيپٽمبر تي اخلاقي پوليس جي حراست دوران مهسا امينيءَ جي موت کان پوءِ شروع ٿيا آهن، جيڪي 1979 جي إسلامي جمهوريه جي انقلاب کان پوءِ دليرانه قسم جي چيلنج جي نوعيت جا مظاهرا ٻڌايا وڃن ٿا.
سرگرم ڪارڪنن جي نيوز ايجنسي،’ايڇ آر اي اين اي’ مطابق، هينئر تائين احتجاج ڪرڻ وارن سوين ماڻهن کي هلاڪ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيترا ئي هزارگرفتار ٿي چڪا آهن.
سومر جي ڏينهن يورپي يونين به ايران جي خلاف وڌيڪ پابنديون عائد ڪرڻ واري آهي.
(رپورٽ ۾ شامل مواد خبرون جاري ڪندڙ اداري، رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)