رسائی کے لنکس

برطانيه، ڄاهن جي نسل جي وڌڻ ويجهڻ جا سانباه


برطانيه جي بادشاه جي گهر واري، ’ڊچيز آف ڪارنوال’، ڪاميلا، جيڪا هاڻي’ڪوئين ڪنسورٽ’ آهي، هاروگيٽ ۾’دي گريٽ يارڪ شائر شو’ ۾، جيڪو 15 جولاءِ 2021 ۾منعقد ٿيو، هڪ گهريلو پاليل ڄاهو هٿ ۾کڻي ڏيکاري رهي آهي. (فائيل فوٽو)
برطانيه جي بادشاه جي گهر واري، ’ڊچيز آف ڪارنوال’، ڪاميلا، جيڪا هاڻي’ڪوئين ڪنسورٽ’ آهي، هاروگيٽ ۾’دي گريٽ يارڪ شائر شو’ ۾، جيڪو 15 جولاءِ 2021 ۾منعقد ٿيو، هڪ گهريلو پاليل ڄاهو هٿ ۾کڻي ڏيکاري رهي آهي. (فائيل فوٽو)

برطانيه اڱاري ڏينهن ماحول ۾ بهتري آڻڻ جي هڪ منصوبي جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ جهنگلي جانورن جي نسل جي وڌڻ ويجهڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنج لک هيڪٽرن يعني 12 لک ايڪڙن تي ڦهليل علائقو وقف ڪيو آهي.

اعلان مطابق، جنگهلي جانور جنهن ۾ نور، ڳاڙهي رنگ جا نوريئڙا ۽ ڄاها شامل آهن، جيڪي جنسون آهستي آهستي اڻ لڀ ٿينديون ٿيون وڃن.

ڪو زمانو هو جو انهن جانورن جي موج لڳل هوندي هئي. انسانن جون وسنديون وڌنديون ويون ۽ جهنگلي جانورن جي لاءِ خطرو وڌڻ لڳو ڇو ته انهن جي سار سنڀال ڪنهن جي به ذمي نه هئي.

ماحوليات، کاڌ خوراڪ ۽ ٻهراڙيءَ جي وسندين جي کاتي جي اعلان مطابق، تجويز اها ڏني وئي آهي ته جانورن جي نسل وڌائڻ لاءِ قدرتي ماحول جي پرگهور جا 70 نوان منصوبا هٿ ۾ کنئيان ويندا، جن ۾ 25 نوان يا پراڻن مرڪزن جي علائقي جي پکيڙ ۾ واڌ آندي ويندي.

سرڪاري انگن اکرن موجب، هن وقت انگلينڊ ۾ 225 قومي قدرتي ماحول جي تحفظ جا مرڪز قائم آهن، جيڪي 98،600 هيڪٽرن تي ڦهليل آهن يا ائين کڻي چئجي ته اها ملڪي سرزمين جي 0.7 في صد علائقي جي برابر آهي.

ان سلسلي ۾ نئون جذبو ان وقت پيدا ٿيو جڏهن وسريل قدرتي نسل جي جانورن جي وڌڻ تي نظر رکڻ واري اداري هن مهيني حڪومت تي تنقيد ڪئي ته آب و هوا جي تحفظ جا هدف پورا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي وئي آهي.

برطانيه جي وزير اعظم رشي سونڪ چيو آهي ته ’’اسان جي ملڪ جي صحت، معيشت ۽ خوش حالي وڌائڻ جي لاءِ قدرتي ماحول جو تحفظ بنيادي حيثيت رکي ٿو’’.

پوئين سال ماحوليات جي 27هين سربراه اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي ابتدائي سوچ تي شديد تنقيد کان پوءِ سرڪاري وفد ان ۾ شريڪ ٿيڻ تي مجبور ٿيو.

ڪيل نون وعدن ۾ ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ شامل آهي ته 15 منٽن جي پنڌ تي هر هڪ شهري سولائيءَ سان ’گرين اسپيس’ (سبزه زار) ۽ پاڻيءَ تائين پهچي سگهي.

حڪومت جيڪا ٻي پڪ ڪرائي آهي منصوبي جي پهرئين مرحلي ۾ 400 ميل (643 ڪلوميٽر) تي ڦهليل نديءَ کي ٻيهر کوٽيو ويندو، جڏهن ته 3000 هيڪٽرن تي نئين وڻڪار پوکي ويندي، جيڪا انگلينڊ جي ندين جي ٻنهين پاسن تي هوندي.

قديم مصر ۾ ڄاهي کي خوش قسمتيءَ جي علامت سمجهيو ويندو هو، جڏهن ته اڄ به ڪيترن ملڪن ۾ ڄاهن کي گهريلو جانور جي طور تي پاليو ويندو آهي. پر انهن کي پالڻ هر ڪنهن جو ڪم ڪونهي. جيڪي رات جو جاڳندا آهن اهي ئي کين پالي سگهن ٿا.

ڄاهي جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهي رات جو جاڳندا ۽ گهمندا آهن ۽ نانگ بلائن جي مقابلي جي طاقت رکن ٿا.

سيءَ جي مند ۾ اهي پنهنجي ٻر ۾ ئي رهندا آهن.

آمريڪا ۾ موسم جي اڳ ڪٿيءَ جي لاءِ ڄاهي جي چر پر تي نظر رکي ويندي آهي. جيڪڏهن سياري کان پوءِ اهو فيبروري يا مارچ ۾ ٻر مان جلد ٻاهر نڪتو ته سمجهو ته بهار جي موسم گهڻي پري ڪانهي.

(رپورٽ جو مواد رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG