هولوڪاسٽ ۾ مارجي ويل 60 لک يهودين، ’روما’ نسل جي خانه بدوش، معذور ماڻهن ۽ نازي جرمنيءَ جي هٿارئون قتل ٿيندڙ بي شمار ٻين ماڻهن کي ياد ڪرڻ جي 78هين عالمي ڏينهن جي موقعي تي جمعي ڏينهن هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي.
تقريب جو آغاز نازين جي هڪ حراستي مرڪز ۾ مارجي ويندڙ، گيڊون ڪلين جي ڪمپوز ڪيل لوريءَ سان ٿي. ڪلين جي موسيقيءَ کان پوءِ باوقار تقريب ۾ هولوڪاسٽ ۾ مارجي ويل 60 لک ماڻهن جي ياد ۾ ڇهه ميڻ بتيون ٻاريون ويون.
تقريب ۾ انهن ماڻهن جي خدمتن کي ساراهيو ويو جن 78 سال اڳ 27 جنوري 1945 تي پولينڊ ۾ قائم’آئوشويٽز برڪنائو’ نالي جي ’ڊيٿ ڪيمپ’ کي آزاد ڪرايو هو.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، اينتونيو گوتيرس انهن لکين ماڻهن کي ياد ڪيو جن جي زندگي ۽ مستقبل ڇنو ويو هو.
هن چيو ته هولوڪاسٽ هزار سال کان جاري يهودين جي خلاف نفرت جي انتها هئي.
گوتيرس چيو ته نازي يورپ جي يهودين سان منظم ظلم ان لاءِ ڪري سگهيا ڇو ته ان جي خلاف آواز اٿارڻ وارا گهٽ هيا، جڏهن ته سندن ساٿ ڏيڻ وارا گهڻا هيا. ان ظلم جي خلاف ملڪ جي اندر ۽ ٻاهر خاموشي هئي جنهن کين هشي ڏني. اڄ ۽ هر ڏينهن اچو ته اسان اهو عزم ڪيون ته برائيءَ جي سامهون ڪڏهن به خاموش نه رهنداسين.
جنيوا ۾ گڏيل قومن جي اداري ۾اسرائيلي سفير ميرو ايلون شار چيو ته يهودين سان دشمي نازين کان شروع نه ٿي هئي ۽ 1945 ۾ يهودي ڪيمپن مان آزاديءَ کان پوءِ ختم نه ٿي. هن چيو ته يهودي مخالف جذبا اڄ به موجود آهن ۽ ڦهلجي رهيا آهن.
هن چيو ته اسان کي يهود دشميءَ جي خلاف پنهنجي لڙائيءَ کي ٻيڻون ڪرڻو آهي. اسان کي بي حسيءَ جي خلاف وڙهڻ کپي ۽ پنهنجي ذمي داريءَ کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي. اهو ئي سبب آهي جو هولوڪاسٽ جي ياد کي محفوظ رکڻ ۽ ان کي ياد رکڻ پهريان کان وڌيڪ ضروري آهي.
هولوڪاسٽ مان بچي نڪتل ابراهم روٽ 1928 ۾ نيدرلينڊز ۾ پيدا ٿيو هو. هن پنهنجي حياتيءَ جو مشن اهو مقرر ڪيو هو ته ايندڙ نسلن کي ٻڌايو وڃي ته نازي دور ۾ هڪ يهودي ٻار جي طور تي زندگي گزارڻ ڪيڏو مشڪل هيو.
هن چيو ته هن کي نازين کان لڪائڻ لاءِ هڪ جاءِ تان ٻئي هنڌ وڃڻو پوندو هو. ليڪن هر ڪميونٽيءَ ۾ اهڙا ماڻهو موجود هيا جيڪي يهودي ٻارن کي پڪڙي نازين جي حوالي ڪندا هيا.
هن چيو ته آخر ڪار هن کي هالينڊ جي ڏاکڻين علائقي جي هڪ غريب آباديءَ ۾ پناه ملي جتي هڪ پادريءَ کيس لڪائي ڇڏيو هو.
تقريب جي پڄاڻي هڪ يهودي موسيقار جي گيت سان ٿي جنهن کي پولينڊ ۾ آشوٽز جي ڪنسينٽريشن ڪيمپ ۾ ماريو ويو هو. پيانو نواز وائنر هيءُ گيت پنهنجي ڏاڏي اسرائيل وائنر ۽ پنهنجي خاندان جي ماڻهن جي ياد جي نالي ڪيو جيڪي هولوڪاسٽ ۾ قتل ڪيا ويا هيا.
واضح رهي ته پولينڊ ۾ 1940 ۾ قائم ڪيل آشوٽز جي ڪنسينٽريشن ڪيمپ کي نازي جرمنيءَ جي دهشت جو نشان سمجهو ويندو هو.
(وي او اي نيوز)