طالبان پاران افغانستان ۾ قتل جي ڏوهيءَ کي عام ماڻهن جي سامهون موت جي سزا ڏيڻ تي گڏيل قومن جي اداري سميت عالمي برادريءَ سخت رد عمل ظاهر ڪندي ان جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي ’’تمام گهڻو پريشان ڪندڙ’’ پيش رفت قرار ڏنو آهي.
گڏيل قومن جي اداري جي انساني حقن جي آفيس جي ترجمان جيريمي وارنس چيو آهي ته موت جي اها سزا عام ماڻهن ۽ ڪجهه طالبان جي سامهون ڏني وئي، جيڪا ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿي ته اها سزا ’’ظالمانه، غير انساني، ذلت آميز سلوڪ يا سزا’’ جي هڪ شڪل آهي.
هوڏانهن افغانستان ۾ گڏيل قومن جي امدادي مشن افغانستان ۾ برسراقتدار طالبان حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ان قسم جي موت جي سزا تي عمل درآمد کي فوري طور تي روڪيو وڃي.
آمريڪا جي پرڏيهي وزارت به طالبان پاران خلق آڏو موت جي سزا جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اهو انداز طالبان جي 90 جي ڏهاڪي جي اونداهي دور ڏانهن واپسيءَ کي ظاهر ڪري ٿو.
برطانيه جي ناظم الامور هڪ ٽوئيٽ ۾ افغانستان ۾ پهرين سر عام موت جي سزا تي سخت تشويش جواظهار ڪندي ان کي ’’غير انساني ۽ پوئتي ڀرڪڻ جو قدم’’ قرار ڏنو آهي. هن چيو ته برطانيه ڪنهن به صورت ۾ موت جي سزا ڏيڻ جي مخالف آهي.
واضح رهي تو افغانستان ۾ طالبان فوجداري انصاف جي لاءِ اسلامي قانون جون سخت سزائون نافذ ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون آهن. اربع جي ڏينهن طالبان اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو قتل جي هڪ ڏوهيءَ کي عام ماڻهن جي سامهون موت جي سزا ڏني.
طالبان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سزا ملڻ وارو شخص قتل جو ڏوهي هو.
هن ٻڌايو ته سڀني جي سامهون موت جي سزا تي عمل درآمد افغانستان جي فراح صوبي جي راندين جي اسٽيڊيم ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي طالبان جي اعلي عمل دارن جنهن ۾ چيف جسٽس مولوي عبدالحڪيم، نائب وزير اعظم عبدالغني برادر، داخله جي وزير سراج الدين حقاني، امر بالمعروف و نهي عن المنڪر محمد خالد حنفي ۽ ٻيا شخص موجود هيا.
ترجمان واضح ڪيو ته موت جي سزا ملڻ واري شخص تاج مير ولد غلام سرور تي طالبان جي اعلي عدالتن ۽ بعد ۾ ’ايپليٽ ٽربيونلز’ ۾ مقدمو هلايو ويو جتي هن فرح صوبي جي هڪ رهائشيءَ کي چاقوءَ جا وار ڪري قتل ڪرڻ ۽ موٽر سائيڪل سميت ان جو سامان چورائڻ جو اعتراف ڪيو هو.
هن چيو ته ان شخص کي ڏوهي قرار ڏنو ويو هو ۽ قاتل کي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي. هن چيو ته قصاص جي قانون مطابق ڏوهيءَ کي موت جي سزا ڏني وئي، ۽ قصاص جي مطابق ڏوهيءَ کي ساڳي سزا ڏني ويندي آهي جيڪو عمل هن ڪيو هو.
ترجمان دعوا ڪئي ته ڏوهيءَ کي مقتول جي والد اسولٽ رائيفل سان ٽي گوليون هنئيون.
ذبيح الله مجاهد چيو ته شرعي سزا جي نفاذ جي فيصلي جو انتهائي احتياط سان جائزو ورتو ويو هو ۽ طالبان جي سپريم ليڊر ملا بيت الله آخونزاده ان جي منظوري ڏني هئي.
هوڏانهن ’ايمنسٽي انٽرنيشنل’ خلق جي سامهون موت جي سزا ڏيڻ جي عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته طالبان جو هي قدم ملڪ ۾ انساني حقن جي خطرناڪ ڀڃڪڙي آهي.
پنهنجي بيان ۾ ’ايمنسٽي انٽرنيشنل’ چيو آهي ته طالبان انساني حقن جي بين الاقوامي قانون کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪندي انساني حقن جي اصولن جي کليل ڀڃڪري ڪري رهيا آهي.