بلوچستان جي اهم ترين بندرگاه ۽ ساحلي شهر گوادر ۾ سومر ڏينهن ڇڪتاڻ واريون حالتون جاري آهن. ’حق ڏيو’ تحريڪ جي خلاف سيڪيورٽي ادارن جي ڪاروائين جي خلاف وڏي تعداد ۾ مڪاني ماڻهون سڙڪن تي نڪري آيا ۽ احتجاج ڪيو.
گوادر ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي اڌ رات ’حق ڏيو’ تحريڪ جي ڌرني کي ڇڙ و ڇڙ ڪرڻ جي لاءِ پوليس شيلنگ ڪئي، جنهن جي ڪري ڌرني ۾ موجود عورتون ۽ ٻار به متاثر ٿيا. پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو، جن ۾ تحريڪ جا ڪيترا ئي رهنما به شامل آهن.
سيڪيورٽي ادارن جي ڪاروائيءَ جو اطلاع ملڻ تي سومر ڏيهن صبح جو مڪاني ماڻهن ’ميرين ڊرائيو’ ڏانهن مارچ شروع ڪيو. احتجاج ۾ شريڪ ڪجهه ماڻهن سڙڪن تي ٽائيرن کي باه ڏني ۽ ’ميرين ڊرائيو’ وڃڻ واري شاهراه بلاڪ ڪري ڇڏي.
احتجاجي مظاهرين هنگامه آرائيءَ دوران ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آئي جي) پوليس جي آفيس تي به پٿراءُ ڪيو جڏهن ته ان دوران پوليس جي طرفان شيلنگ به ڪئي وئي.
مڪاني ميڊيا مطابق، مظاهري ڪندڙن ڊي آئي جي ڪمپلڪس جي مرڪزي دروازي کي به باه ڏئي ڇڏي.
ٻئي پاسي ’سربندن ڪراس’ تي به عورتن ’مڪران ڪوسٽل’ هائي وي تي ڌرنو ڏنو جنهن جي ڪري شاهراه ٽريفڪ جي اچ وڃ جي لاءِ مڪمل طور تي بلاڪ ٿي وئي.
وائس آف آمريڪا جي نمائندي، مرتضي زهريءَ جي مطابق احتجاج جو دائرو آهسته آهسته وڌندو ٿو وڃي ۽ گوادر کان پوءِ پيشڪان ۽ سدبندن سميت ضلعي جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن ۾ عام زندگيءَ جو ڪاروبار معطل ٿي رهيو آهي. گهڻي ڀاڱي ڪاروباري مرڪز بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته شاهراهن تي رڪاوٽون کڙيون ڪرڻ جي ڪري اچ وڃ ۾ مشڪل پيش اچي رهي آهي.
خيال رهي ته ’حق ڏيو’ تحريڪ ۾ شريڪ ميڙ ٻه مهينا اڳ لاله حميد چوسول تي ڌرنو ڏنو هو. خميص ڏينهن ان ڌرني جو هنڌ تبديل ڪري پورٽ روڊ تي منتقل ڪيو ويو هو.
پورٽ روڊ اهو رستو آهي جيڪو گوادر بندرگاه کي گوادر شهر سان ملائي ٿو، جنهن جي بندش جي ڪري بندرگاه وڃڻ وارو رستو به بند ٿي ويو آهي.
مظاهري ڪندڙن جي مطالبو آهي ته گوادر شهر ۾ پيڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ کان علاوه ٽرالر مافيا ۽ چيڪ پوسٽ جو خاتمو ڪيو وڃي.
تحريڪ جي سهاري هيٺ پوئين سال نومبر ۾ به پنهنجن مطالبن جي حق ۾ ڪيترا ئي ڏينهن ڌرنو ڏنو ويو هيو، جڏهن ته عورتن جي وڏي تعداد ريلي به ڪڍي هئي.
صوبائي حڪومت جو’’مجبورن ڪاروائيءِ’’ ڪرڻ جو اعلان
ٻئي پاسي بلوچستان جي حڪومت جي ترجمان ’حق ڏيو’ تحريڪ جي احتجاج ۽ ڌرني تي پاليسي بيان ڏيندي چيو ته احتجاج سڀني جو جمهوري حق ضرور آهي ۽ حڪومت ان حق جو احترام ڪري ٿي، ليڪن ڌرني تي نڪتل ماڻهن جي پاران گوادر پورٽ جي طرف مارچ ڪرڻ ۽ بندرگاه کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ترجمان جي بقول، ’حق ڏيو’ تحريڪ جو طرز عمل ۽ رويو اشتعال انگيزيءَ تي مشتمل آهي ۽ هيءُ رويو نه صرف ملڪي بلڪه بين الاقوامي سطح تي شرمندگيءَ جو باعث بڻجي رهيو آهي.
’حق ڏيو’ تحريڪ جي سربراه جو نالو وٺي ترجمان چيو ته ڪجهه مهينا اڳ بلوچستان جي وڏي وزير گوادر وڃي مولانا هدايت الرحمان سان ڳالهه ٻولهه ڪري ڌرنو ختم ڪرايو هو. ’حق ڏيو’ تحريڪ جا اڪثر مطالبا تسليم ڪندي انهن تي عمل درآمد شروع ڪيو ويو ۽ مطالبا پورا ڪرڻ جي لاءِ جاري عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو ويو.
هن دعوا ڪئي ته ’حق ڏيو’ تحريڪ جي پاران صوبائي حڪومت جي مخلصانه ڪوششن ۽ ڳالهه ٻولهه جي خواهش کي ڪمزوري سمجهو ويو. ڪنهن کي سرڪاري رٽ کي چيلينج ڪرڻ ۽ قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
هن چيو ته ڌرني ۾ شريڪ مظاهرو ڪندڙن جي طرفان پيش قدمي کي روڪڻ جي لاءِ پوليس کي مجبورن ڪاروائي ڪرڻي پئي. ليڪن، صوبائي حڪومت مسئلن ۽ مطالبن جي حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه تي مڪمل يقين رکي ٿي.
(غلام مرتضي زهريءَ جي رپورٽ)