رسائی کے لنکس

اليڪشن تي اثر: روسي ۽ آمريڪي شهرين تي باضابطا الزام لاڳو


آمريڪا جي انصاف واري کاتي ٽن روسي ايجنٽن ۽ چئن آمريڪي شهرين تي باقاعده الزام لاڳو ڪندي مٿن الزام ھنيو آهي ته ھنن روسي حڪومت جي چوڻ تي ڪيترن ئي سالن کان آمريڪا ۾ اليڪشن مھمن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

رياست فلوريڊا جي شھر ٽامپا ۾ وفاقي گرانڊ جيوري اڱاري جي ڏينھن الزام لڳايو ته روسي جي ڪجھ سيڪيورٽي سروس ايجنٽن آمريڪا ۾ سياسي گروپ ڀرتي ڪري کين فنڊ ڏنا ۽ هدايت ڪئي ته ھو ماسڪو جي غير رجسٽرڊ ايجنٽن طور ڪم ڪن ۽ آمريڪا ۾ روس نواز پروپيگنڊا پکيڙين.

انهن ۾ چيو ويو ته روسي انٽيليجنس جي ايجنٽن آمريڪا ۾ ھڪ مقامي آفيس جي چونڊ مھم ۾ ڳجهي نموني فنڊ ڏنا آھن.

الزامن ۾ چيو ويو ته ٽن روسي ايجنٽن مبينه طور فلوريڊا جي علائقي سينٽ پيٽرز برگ ۾ 2019 دوران هڪ اڻڄاتل اميدوار لاءِ اليڪشن مهم هلائي. ان مهم جي ڪم کي 2020 جي صدارتي چونڊن ۾ پڻ استعمال ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي.

آمريڪي جي انصاف کاتي جي قومي سلامتي واري ڊويزن جي اسسٽنٽ اٽارني جنرل، ميٿيو اولسن هڪ بيان ۾ چيو ته "روسي انٽيليجنس سروس مبينه طور پهرين آئيني ترميم جو ناجائز فائدو ورتو ته جيئن آمريڪا جي عوام کي ورھائي سگهجي ۽ سندن قومي چونڊن ۾ مداخلت ڪري سگھجي". اهي اھڙيون آزاديون آهن جن کان روس پنهنجن شهرين کي محروم رکندو آهي.


آمريڪا جي پھرين آئيني ترميم شهرين کي تقرير جي مڪمل آزادي ڏئي ٿي

انهن مبينه ڏوهن ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته جوابدارن مان ماسڪو جي ھڪ رهواسي اليگزينڊر وڪٽورووچ آئينوف ھڪ تنظيم "اينٽي گلوبلائيزيشن موومينٽ آف رشيا" قائم ڪئي، جنھن کي روسي حڪومت طرفان فنڊ ڏنا ويا.

آمريڪا الزام هنيو آهي ته روسي گروپ وڌيڪ ٻن ايجنٽن جي نگرانيءَ ۾ آمريڪي چونڊن تي منفي طور اثرانداز ٿيڻ لاءِ مهم هلائي.

آئيونوو نالي هڪ روسي شخص مبينه طور آمريڪا ۾ سياسي گروھن جي ميمبرن کي ڀرتي ڪيو، جن ۾ "آفريڪن پيپلز سوشلسٽ پارٽي" ۽ "اوھورو موومنٽ ان فلوريڊا" شامل آهن.

چار آمريڪي شهري جن تي فردِ جرم لڳائي وئي آهي تن ۾ اومالي يسيٽيلا، پيني جوانا ھيس، جيسي نيويل ۽ اوگسٽس سي رومين جونيئر شامل آھن. انھن سڀني جو تعلق مٿي بيان ڪيل ٻن گروهن سان هيو.

آمريڪي انصاف واري کاتي چيو آهي ته آئيوونوو جي آمريڪين تي اثرانداز ٿيڻ جو هڪ خاص مقصد اهو پڻ ڏيکارڻ هو ته روس جو يوڪريني علائقن تي قبضو عوام ۾ مقبول آهي.

XS
SM
MD
LG