رسائی کے لنکس

’چٻري جي اڻ لڀ جنس جي حفاظت لاءِ گهربل قدم کنئيان وڃن’


آمريڪا جي اترئين علائقي ۾ رهندڙ چٻري جي هن جنس کي جون 1995 ۾ ڪيليفورنيا جي پوائنٽ رئيز جي هڪ وڻ تي ويٺل ڏٺو ويو هو. (فائيل فوٽو)
آمريڪا جي اترئين علائقي ۾ رهندڙ چٻري جي هن جنس کي جون 1995 ۾ ڪيليفورنيا جي پوائنٽ رئيز جي هڪ وڻ تي ويٺل ڏٺو ويو هو. (فائيل فوٽو)

جهنگلي جانورن ۽ پکين جي تحفظ جي آمريڪي اداري اربع ڏينهن تجويز ڏني آهي ته ڪيلي فورنيا جي ٻن اڻ لڀ جنسن جي چٻرن منجهان هڪ جي ناپيد ٿيڻ متعلق تڪڙي درجه بندي ڪئي وڃي ۽ نسل جي بچاءَ جي لاءِ اثرائتا اپاءَ ورتا وڃن. انهن جنسن جي اڻ لڀ ٿيڻ جو انديشو آهي.

ان جي ضرورت ان ڪري پيش آئي جو ان ڏس ۾ پکين ۽ جهنگلي جانورن کي تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪندڙ ڪجهه گروهن مقدمو ڪيو آهي، جنهن ۾ حڪومت جوابدار آهي. ڪيس مطابق، انهن گروپن ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته ٽرمپ انتظاميا جي ان فيصلي جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي جنهن ۾ چيو ويو هو ته حڪومت پاران ڀورن ۽ اڇي رنگ وارن انهن پکين جي تحفظ جي ضرورت ڪانهي.

اولهه جي ملڪن جي روايتي ثقافت ۾ چٻرو سياڻپ ۽ عقلمنديءَ جي علامت سمجهيو ويندو آهي.

هوڏانهن مڇيءَ ۽ جهنگلي جانورن جي تحفظ جي آمريڪي اداري تجويز ڏني آهي ته ان ايڪٽ تي عمل درآمد ڪيو وڃي جنهن هيٺ اڻ لڀ ٿيندڙ نسل کي تحفظ ڏيڻ لازم آهي. اداري ٻڌايو آهي ته جن چٻرن جي جهلڪ ڏسڻ ۾ آئي آهي اهي تازو ڪيلي فورنيا جي ڏاکڻين علاقي ۾ ڏٺا ويا آهن، جن جا آکيرا سمنڊ جي ساحلي پٽيءَويجهو موجود آهن.

والڊ لائيف جي عمل دارن چيو آهي ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري ڪيترن ئي قسمن جا پکي پکڻ ۽ جانورن جو جيرو رهڻ ڏکيو ٿيندو ٿو وڃي، جڏهن ته ڪيترن ئي قسمن جون قدرتي آفتون عام آهن ۽ ان علائقي ۾ خاص طور تي پکين جي لاءِ نئين ماحول ۾ گزارو ڪرڻ ڏکيو ٿيندو ٿو وڃي. اداري چيو آهي ته اهو ئي سبب آهي جو چٻري جي انهيءَ جنس کي اڻ لڀ ٿيڻ وارو قسم قرار ڏنو ويو آهي.

اداري چيو آهي ته ڪيلي فورنيا ۽ الهندي نواڊا جي سيرا نواڊا ٻيلن ۾ ڪيلي فورنيا جي چٻرن جا ٻيا قسم به ڏٺا ويا آهن، جن کي به اڻ لڀ ٿيندڙ جنسون قرار ڏيڻ لاءِ گهربل قدم کنئيا پيا وڃن.

هن ئي علائقي ۾ ننڍي قد بت وارا ڀوري رنگ جا چٻرا به ڏٺا ويا آهن جن جي مٿي ۽ سيني تي ڀوري رنگ جا پٽا ۽ ننڍي پڇ جا نشان هوندا آهن. اها جنس به معدوميءَ جي ويجهو وڃي پهتي آهي، جنهن جو سبب وڻن جي وڏي پيماني تي ڪٽائي ۽ موسمياتي تبديلي ٻڌائي ٿي وڃي، جنهن ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ مرض لڳڻ ۽ باهين لڳڻ جو آزار شامل آهي.

گهڻي ڀاڱي اهڙين جنسن جا چٻرا ان علائقي ۾ رهندا آهن جن جي سار سنڀال جو ڪم ’بيورو آف لينڊ مينيج منٽ’ ۽ ٻيلن جي آمريڪي اداري جي ذمي آهي.

جانورن ۽ پکين جي تحفظ جي ادارن پاران سوال اهو اٿاريو ويو آهي ته پوين 20 سالن دوران پکين جا ڪيترا قسم باقي وڃي بچيا آهن يا ڪهڙن کي تحفظ ميسر آيو آهي.

وفاقي والڊ لائيف سروس مطابق ڪيلي فورنا جي ڏاکڻين علائقي ۾ چٻرن جي جنسن جي باري ۾ ڊيٽا گهٽ دستياب آهي، جنهن کي ’سان برڊينو نيشنل فوريسٽ’ ڪٺو ڪيو آهي. ان ٻڌايو آهي ته چٻرن جي نسل ۾ 9 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.

اداري جي انگن اکرن موجب سيرا نيواڊا ۾ انهن پکين جي آباديءَ ۾ مجموعي طور تي 50 سيڪڙو ته ڪن ٻيلن ۾ 31 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.

ان کان اڳ وارن انگن اکرن مطابق اوريگان، واشنگٽن رياست ۽ ڪيلي فورنيا جي اترئين علاقن ۾ به چٻرن جا ڪيترا نسل آباد هيا. انهن علائقن ۾ رهندڙ ننڊڙي قد واري چٻرن کي سال 1990 ۾ ’انڊينجرڊ اسپيشيز ايڪٽ’ هيٺ اڻ لڀ ٿيندڙ جنس قرار ڏنو ويو هو، جڏهن ان علائقي ۾ وڻن کي بي درديءَ سان ڪپيو ويو هو. سال 2020 ۾ ٽرمپ انتظاميا اُن ايڪٽ کي بحال رکڻ کان انڪار ڪيو هو، جڏهن ته ان وقت جي انگن اکرن موجب انهن پکين جي ساليانو لڳ ڀڳ 4 سيڪڙو آبادي ختم ٿي چڪي هئي.

ميڪسيڪو جي چٻري جي جنس کي 1993 ۾ پکين جي اڻ لڀ ٿيندڙ جنس قرار ڏنو ويو هو. انهن منجهان ڪي جنسون ايريزونا، نيو ميڪسيڪو، ڪولوداڊو، يوٽا ۽ ويسٽ ٽيڪساس ۽ ميڪسيڪو ۾ ڏٺيون ويون آهن.

انهن جنسن جي اڻ لڀ ٿيڻ جو سبب وڻن کي ڪپڻ، ترقياتي منصوبن، مائيننگ ۽ جهنگ کي لڳندڙ باهيون آهن.

(رپورٽ جو مواد ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG