آمريڪا ۽ برطانيه هيرن ۽ فن جي نادر نمونن جي ڪاروبار ڪرڻ واري هڪ ڊيلر ناظم احمد تي پابندين جو اعلان ڪيو آهي ڇو ته هن تي لبنان ۾ قائم هٿياربند گروپ حزب الله کي مالي سهڪار جي فراهميءَ جو الزام آهي.
پابندين جو اعلان ڪندي برطانيه چيو آهي ته ان ناظم احمد جون رقمون روڪي ڇڏيون آهن ۽ برطانيه ۾ ڪنهن کي به هن سان يا سندس ملڪيت ۾ ڪنهن به ڪمپنيءَ سان ڪاروبار ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.
آمريڪا جنهن 2019 ۾ احمد جي خلاف ساڳئي قسم جون پابنديون نافذ ڪيون هيون، وڌيڪ ڪاروائين جو اعلان ڪيو آهي.
انهن پابندين جو اطلاق ڪيترن ملڪن ۾ موجود انهن 52 ماڻهن ۽ هڪ نيٽ ورڪ ۾ شامل ادارن تي ٿيندو، جن احمد کي فائدو پهچائڻ جي لاءِ نقد رقم، هيرا، قيمتي جواهرات، فن جي نادر نمونن ۽ عيش و عشرت جي سامان پهچائڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي.
واشنگٽن ۾ هڪ بيان ۾ خزاني جي آمريڪي محڪمي چيو آهي ته انهن ادارن احمد کي آمريڪي پابندين کان بچڻ جي لاءِ ’’حزب الله جي مالي مدد ۽ ان جي عيش ڀري طرز زندگيءَ کي جاري رکڻ ۾ مدد ڏني’’.
ان سان گڏوگڏ پرڏيهي کاتي به حزب الله جي مالي سهڪار جي باري ۾ وڌيڪ معلومات جي فراهميءَ تي اڳ ۾ ئي رکيل هڪ ڪروڙ ڊالر جي انعام ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي.