ڏکڻ ڪوريا جي فوج چيو آهي ته اتر ڪوريا جي خلاف آمريڪي ’توسيع شده ڊٽرينس’ جي مظاهري جي حصي جي طور تي آچر ڏينهن آمريڪا جي جوهري صلاحيت جي حامل بي 52 اسٽريٽجڪ بمبار ۽ ايف 22 اسٽيلٿ لڙاڪا جهازن اتر ڪوريا جي ويجهو پرواز ڪئي.
سيول جي بچاءَ واري وزارت جي هڪ بيان جي مطابق، ڏکڻ ڪوريا جي ايف 15 ڪي ۽ ايف 35 اي لڙاڪا جهازن به اتر ڪوريا جي جزيري جيجو جي ڏکڻ اولهندي علائقي ۾ دفاعي زون ۾ منعقد ڪرايل گڏيل مشقن ۾ حصو ورتو.
هيءُ اتر ڪوريا جي لاءِ ٻنهين اتحادين پاران طاقت جو تازو ترين مظاهرو آهي جنهن آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي خلاف پنهنجي بيان بازيءَ جي انداز ۾سختي آندي آهي، ۽ هن سال رڪارڊ تعداد ۾ ميزائل جون آزمائشون ڪيون آهن.
گزريل مهيني آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي بچاءَ وارن عهديدارن سيول جي سيڪيورٽيءَ جي لاءِ واشنگٽن جي عزم کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو، جنهن ۾ گڏيل فوجي مشقن ۾ واڌ آڻڻ ۽ بچاءَ جي حڪمت عملي جي لحاظ کان اهم آمريڪا جي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪرڻ واري بمبار ۽ طياره بردار بحري جهازن جي موجودگيءَ کي باقاعده شڪل ڏيڻ شامل آهي.
اڱاري ڏينهن هڪ بيان م ڏکڻ ڪوريا جي بچاءَ واري وزارت ان سمجهوتي جو ذڪر ڪندي چيو ته اتر ڪوريا جي جوهري ۽ ميزائل جي خطرن جي جواب ۾، ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا جو اتحاد ’گڏيل دفاعي پوزيشن کي مستحڪم ڪرڻ جاري رکندو’.
جاري هفتي جي شروع ۾ اتر ڪوريا وچين فاصلي تائين مار ڪرڻ وارا ٻه بيلسٽڪ ميزائل لانچ ڪيا هيا، جن جي باري ۾ سندس چوڻ هو ته هي هڪ اهم آخري مرحلي جي تجربن جو حصو هيا جن جو تعلق جلد ملڪ جي پهرئين جاسوس سيٽلائيٽ تيار ڪرڻ سان آهي.
پنهنجي رپورٽ ۾ هن ٽيسٽ جي وضاحت ڪندي، اتر ڪوريا جي خبرن جي سرڪاري اداري ڏکڻ ڪوريا جي شهرن سيول ۽ جيجو جي گهٽ رزولوشن رکڻ واري، ڪاريون ۽ سفيد تصويرون شائع ڪيون، جيڪي ممڪنه طور تي هن ٽيسٽ دوران هلايل فرضي سيٽلائيٽ منجهان ورتيون ويون آهن.
ڪيترن مهينن کان آمريڪا ۽ سندس اتحادي خبردار ڪري رهيا آهن ته اتر ڪوريا ڪنهن جوهري آزمائش جي آخري مرحلي ۾ آهي جيڪو 2006 کان پوءِ سندس ستون جوهري تجربو هوندو.
(وي او اي نيوز)