آمريڪا اربع جي ڏينهن گڏيل قومن جي اداري جي ڪاٿي تي ٻڌل ان رپورٽ کي درست قرار ڏنو آهي جيڪا ان نتيجي تي پهتي آهي ته القاعده دهشت گرد گروه جو في الواقع اڳواڻ سيف العديل ايران ۾ آهي.
آمريڪي پرڏيهي محڪمي جي ترجمان، نيڊ پرائس روزاني اخباري بريفنگ دوران چيو ته جڏهن معاملو سندس اتي موجودگيءَ جو آهي جتي القاعده کي محفوظ ٺڪاڻو ميسر آهي، ته اهو ٻيو مثال آهي جنهن مان پتو پوي ٿو ته ايران دهشت گرديءَ جي کليل حمايت جاري رکي آهي ۽ اهو مشرق وسطيٰ ۽ ان کان اڳيان استحڪام کي بگاڙڻ وارين سرگرمين ۾ رڌل آهي.
گڏيل قومن جي اداري پنهنجي رپورٽ رڪن رياستن جي انٽيلي جينس جي رپورٽن تي رکي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جولاءِ 2020 کان پوءِ جڏهن افغانستان جي گاديءَ واري هنڌ، ڪابل ۾ هڪ فضائي حملي دوران القاعده جي سابق اڳواڻ ايمن الظواهريءَ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ مصر جي خصوصي فورسز جي اڳوڻي اهل ڪار دهشت گرد گروپ جي واڳ سنڀالي آهي.
هوڏانهن، اربع ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن جي اداري ۾ ايران جي مشن اقوام متحده ۽ آمريڪا جي انهن تجزين کي مسترد ڪيو ته القاعده جو اڳواڻ سيف العديل ايران ۾ آهي.
هن چيو ته ’’اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جي آهي ته القاعده جي نئين اڳواڻ جي مبينه پتي جي باري ۾ معلومات صحيح ڪانهي. اها غلط معلومات دهشت گريءَ جي خاتمي جي ڪوششن ۾ حائل ٿي سگهي ٿي’’.
(هن ۾ شامل ڪجهه مواد ايجنسي فرانس پريس ۽ رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)