آمريڪا جي پرڏيهي محڪمي چيو آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 80 آمريڪي ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، جنهن جي ڪري هڪ لک ويهه هزارن کان مٿي پاڪستانين کي سڌو سنئون ملازمتون مسير آيون آهن، جڏهن ته پوئين سال پاڪستان ۾ آمريڪي سيڙپ ۾ 50 سيڪڙو واڌ آئي.
پاڪستان کي اڄ ڪلهه شديد اقتصادي مسئلا آڏو آهن ۽ ان جي زر مبادله جا ذخيرا ٽن ارب ڊالر تائين وڃي بچيا آهن جيڪي رڳو ٽن هفتن جون درآمدي ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿيون.
پاڪستان پنهنجي معاشي ڏکيائين تي قابو پائڻ جي لاءِ آئي ايم ايف سان هڪ ارب ڊالر جو پيڪيج حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي جنهن جي لاءِ ان تازو 170 ارب روپئي جا نوان محصول لڳايا آهن ۽ توانائي جي اگهن ۾ نمايان واڌ آندي آهي.
مالي وسيلا حاصل ڪرڻ سان گڏ و گڏ پاڪستان پنهنجي درآمدات وڌائڻ جي لاءِ نوان مارڪيٽ ڳولهي رهيو آهي. اڄ ڪلهه پاڪستان جو تجارت جو وزير نويد قمر آمريڪا جي دوري تي آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي ان ڏس ۾ وائس آف آمريڪا جي سوال جو جواب ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هن وقت تقريبا 80 آمريڪي ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن، جن ۾ هڪ لک ويهه هزار کان وڌيڪ پاڪستانين کي ملازمت جا موقعا ميسر آيا آهن. ان لحاظ کان آمريڪي ڪمپنيون ۽ انهن ۾ مڪاني لاڳاپيل ادارن جو شمار پاڪستان ۾ روزگار فراهم ڪرڻ وارن وڏن ملازمت ڏيڻ وارن ۾ ٿئي ٿو.
محڪمه خارجه چيو آهي ته گزريل ويهن سالن دوران آمريڪا پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ وارو نمايان ملڪ رهيو آهي ۽ گزريل سال اتي اسان جي سرمايه ڪاريءَ ۾ 50 سيڪڙو واڌ آئي آهي.
سندس بقول، پاڪستان سان اسان جي واپاري ناتن جي ڪري پاڪستاني صنعتن ۽ صارفين ٻئي فائدو وٺي رهيا آهن. اسان ڊگهي عرصي کان وٺي پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊي رهيا آهيون، جنهن ۾ وڌرڪ ترقي ۽ ٻه طرفي تجارت کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جا امڪانات آهن، خاص طور تي توانائي، زرعي آلات ۽ مصنوعات، فرنچائيزنگ، خورده تجارت ۽ انفارميشن ۽ ڪميوني ڪيشن ۽ ٽيڪنالاجي جون مصنوعات ۽ سهولتن جا شعبا شامل آهن.
پرڏيهي محڪمي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي استحڪام کي سگهارو ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان مضبوط تجارتي تعلقات جي اهميت پهريان کان وڌي وئي آهي، ڇو ته پاڪستان هاڃيڪار سيلاب جي اثر کان ٻاهر نڪري رهيو آهي.
ان کان علاوه آمريڪا جي تجارت ۽ سرمايه ڪاري جي ڪائونسل (ٽي آئي ايف اي) پاڪستان سان پنهنجي تجارتي تعلقات کي وسعت ڏيڻ جي لاءِ پر عزم آهي.
(وي او اي نيوز)