ڇنڇر تائين سڄي آمريڪا ۾ آرڪٽڪ جي شديد سرديءَ پنهنجا پير پختا ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي ڪري بجليءَ جي رسد متاثر ٿيڻ، هوائي جهازن جي اڏامن جي منسوخي ۽ سڙڪن تي ڪارن جا حادثا رپورٽ ٿيندا رهيا. سموريون موسمي اڳ ڪٿيون ٻڌائن ٿيون ته پينسلوانيا کان وٺي جارجيا تائين ڪيترن ئي شهرن ۾، جنهن ۾ آمريڪا جي ڊيگهه ۽ ويڪر وارا سمورا علائقا شامل آهن، ڪرسمس جي موقعي تي شديد ترين سيءُ پيو.
نيشنل ويدر سروس جي هڪ بيان ۾ پٽسبرگ شهر ۾ ڇنڇر ڏينهن درجه حرارت منفي 13 درجا سيلشئس رهڻ جي اڳ ڪٿي ڪئي وئي آهي. اهڙيءَ ريت 1983 کان پوءِ ڪرسمس جي لحاظ کان هلندڙ عام موڪلن جي مند سڀني کان وڌيڪ سرد هئي.
ٻئي پاسي جارجيا ۽ سائوٿ ڪيرولائنا جا ايٿنز ۽ چارلسٽن شهرن ۾ هن سال جو ڪرسمس رڪارڊ سرد ترين ڏينهن طور ياد رهندو، جڏهن ته واشنگٽن جي رياست ۾ 1989 کان پوءِ 24 ڊسمبر پنهنجي تاريخ جو سرد ترين ڏينهن هو.
سالياني موڪلن جي هفتي جي شروع ٿيڻ سان ئي، ملڪ جي اوڀرئين علائقي جا ٽي حصا ٿڌ جي ڪري ڄمي چڪا آهن، رهواسي گهرن ۾ بند آهن، جڏهن ته ٿڌيون ڄمڻ جي درجي کان هيٺ واري صورت حال ۾ تيز طوفان، ڪرسمس جي ڏڻ کي ڏکيو تر بڻائي ڇڏيو آهي.
سي اين اين جي رپورٽن مطابق، سرد طوفان جي ڪري ملڪ جي ڪيترن ئي هنڌن جي سڙڪن تي ڪار حادثا ٿيا آهن جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 14 ڄڻا هلاڪ ٿيا آهن.
جمعي جي ڏينهن ’گريٽ ليڪس’ جي خطي ۾ آرڪٽڪ ٿڌ سان گڏ شديد برفباريءَ ۽ تيز طوفان جي ’واچوڙي جي بم’ جي ڪري ۽ مسي سيپي ۽ اوهائيو جي وادين ۾ هاڃيڪار موسمي صورت حال جاري رهي، جنهن جي ڪري بجليءَ جو نظام، سڙڪون ۽ هوائي جهازن جون اڏامون شديد متاثر ٿيون. موڪلون پنهنجن پيارن سان گزارڻ وارن مسافرن کي ڏکيائي ڏسڻي پئي.
سرحد کان سرحد تائين سرد هوائون
هوڏانهن ڪيناڊا کان ميڪسيڪو جي بارڊر ۽ ساحل کان ساحل تائين، 24 ڪروڙ ماڻهو گهرن ۾ ڦاٿا رهيا، جڏهن ته موسمياتي ادارو موسمي چتاءَ ۽ خصوصي هدايتون جاري ڪندو رهيو.
موسمياتي اداري جو چوڻ آهي ته آب و هوا جي موجود يا ايندڙ خطرن جي چتاءَ جي سلسلي ۾ هيليتائين ڪيترا ڀيرا لڳاتار گهڻيون ئي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
ڇنڇر جو صبح سوير تائين 18 لک گهرن يا ڪاروباري ادارن جي صارفين کي بجليءَ جي فراهمي متاثر ٿي هئي، جنهن جو سبب طوفاني سلسلو هو.
آمريڪي آٽوموبائيل ايسو سي ايشن (اي اي اي) جي اندازي مطابق، هن جمعي کان وٺي ٻي جنوريءَ تائين ملڪ ۾ سفر ڪرڻ وارن جو تعداد 11 ڪروڙ 27 لک هوندو، جيڪي 80 ڪلوميٽر يا ان کان وڌيڪ پري تائين سفر ڪندا. ليڪن، طوفاني موسم جي ڪري ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن سفر ڪرڻ وارن جي رفتار ۾ فرق آيو، جنهن مان ڪيترا ئي گهرن تائين محدود رهيا.
ٻئي پااسي فلائيٽ ٽريڪنگ سروس، ’فلائيٽ اويئر’ مطابق، ڇنڇر ڏينهن خراب موسم جي ڪري مختلف ايئرلائنز تقريبا 2000 اڏامون منسوخ ڪيون، جڏهن ته جمعي ڏينهن 5000 کان وڌيل اڏامون منسوخ ٿيون هيون.
(هن رپورٽ جو مواد خبرن جي اداري، رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)