ريپبلڪنز جي قيادت هيٺ آمريڪي ايوان نمائندگان سومر ڏينهن داخلي قانون جو هڪ اهڙو پيڪيج منظور ڪري ورتو آهي جيڪو ساڄيءَ ڌر جي سخت موقف رکڻ وارن ميمبرن کي ايوان جي نئين منتخب اسپيڪر ڪيون ميڪارٿيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪنٽرول ڏئي ٿو.
قانون سازن ان پيڪيج کي 213 جي ڀيٽ ۾ 220 ووٽن تان منظور ڪيو. ڪانگريس جي ريپبلڪن ميمبر، ٽوني گونزالز پنهنجي پارٽيءَ جو اڪيلو فرد هيو جنهن اسپيڪر جي خلاف پنهنجو ووٽ 212 ڊيموڪريٽس سان گڏ ڏنو. هڪ ٻيو ريپبلڪن ميمبر ووٽنگ ۾ شامل نه ٿيو.
رولز پيڪيج جنهن هيٺ اڳين ٻن سالن ۾ ايوان جون ڪاروائيون ٿينديون، ميڪارٿيءَ جي پنهنجي ڪاڪس کي گڏ رکڻ جي صلاحيت جو امتحان آهي، جنهن کي ڇنڇر ڏينهن آخر ڪار اسپيڪر چونڊجڻ کان اڳ 14 ڀيرا اعتماد جو ووٽ کٽڻ ۾ ناڪامي ڏسڻي پئي.
قانون سازيءَ ۾ اهي اهم رعايتون شامل آهن جيڪي اسپيڪر جي عهدي جي لاءِ ميڪارٿيءَ جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جي لاءِ سخت موقف رکڻ وارن ريپبلڪن ميمبرن گهريون هيون.
انهن رعايتن ۾ ڪنهن هڪ قانون ساز کي ڪنهن به وقت اسپيڪر جي برطرفيءَ جو مطالبو ڪرڻ جي اجازت شامل آهي.
ٻين تبديلين ۾ وفاقي اخراجات جي متعلق پابنديون شامل آهن، جن هيٺ حڪومت جي فنڊنگ پيڪيجن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ميڪارٿيءَ جي صلاحيت محدود ٿئي ٿي.
ڊيموڪريٽس ان قانون سازيءَ کي ’ميگا’ انتها پسندن جي قاعدن ۽ ضابطن جي پيڪيج جو نالو ڏيندي مسترد ڪيو آهي. سندن بقول، اها قانون سازي ڪارڪنن جي جاءِ تي مالدار ڪارپوريشنن کي ترجيح ڏئي ٿي، ڪانگريس جي اخلاقيات جي معيار کي ڪمزور ڪري ٿي ۽ اسقاط حمل متعلق سهولتن تي وڌيڪ پابندين جو باعث بڻبي.
ڪانگريس مين، جم ميڪ گورن چيو آهي ته اهي قانون حڪومت ڪرڻ جي سنجيده ڪوشش ناهن، اهي بنيادي طور تي انتهائي ساڄيءَ ڌر جي پاران آمريڪا جي لاءِ’ تاوان جي نوٽ’ جي حيثيت رکن ٿا.
قانون سازيءَ جي مخالفت ڪرڻ واري اڪيلي ريپبلڪن، گونزالز چيو آهي ته کيس روس ۽ چين سان وڌندڙ ڇڪتاڻ جي وقت آمريڪي دفاعي اخراجات تي ممڪنه حدون عائد ڪرڻ تي اعتراض آهي.
نومبر جي وچ مدتي چونڊن ۾ اميد کان گهٽ سيٽون کٽڻ کان پوءِ ريپبلڪنز کي ايوان ۾ 212 جي مقابلي ۾ 222 جي معمولي اڪثريت حاصل آهي جنهن ۾ سخت موقف رکڻ وارن جي طاقت ۾ واڌ آئي آهي ۽ ان باري ۾ سوال اٿاريا پيا وڃن ته ورهايل ڪانگريس ڪيئن ڪم ڪندي.
(هيءَ رپورٽ رائيٽرز جي ڏنل معلومات تي مشتمل آهي)