آن لائين مواد کي هيڪرز کان محفوظ بنائڻ جي لاءِ، بائيڊن انتظاميا وڌيڪ جامع وفاقي ضابطن کي نافذ ڪرڻ تي زور ڏئي رهي آهي. انهن ضابطن ۾ سائيبر سيڪيورٽيءَ جي ذمي دارين کي عام صارفين کان صنعت ڏانهن منتقل ڪرڻ ۽ ’رينسم ويئر’ يا تاوان جي غرض سان ڪيل هيڪنگ کي قومي سلامتيءَ جي لاءِ خطرو سمجهڻ شامل آهي.
هيءُ منصوبو ان قومي سائيبر حڪمت عمليءَ جو حصو آهي جنهن کي انتظاميا خميص ڏينهن جاري ڪيو، جنهن ۾ ڊگهي مدي تائين اهداف جو هڪ خاڪو پيش ڪيو ويو آهي ته ڪهڙيءَ ريت ماڻهن، حڪومت ۽ ڪاروبار ڊجيٽل دنيا ۾ محفوظ طريقي سان ڪم ڪري سگهن ٿا.
ان ۾ ڪمپيوٽر ۽ سافٽ ويئر انڊسٽريءَ تي ’ڊيزائين جي لحاظ کان محفوظ’ مصنوعات تيار ڪرڻ جي ذمي داري حوالي ڪرڻ شامل آهي.
انهن کي مارڪيٽ ۾ روشناس ڪرائڻ کان اڳ ۾ اهڙين خامين کي دور ڪرڻو پوندو جن ۾ استحصال جو امڪان ٿي سگهي ٿو.
قومي سيڪيورٽيءَ جي قائم مقام سائيبر اڳواڻ، ڪيمبا والڊن اربع ڏينهن هڪ اخباري برفنگ دوران ان حڪمت عمليءَ جو جائزو پيش ڪيو.
هن چيو ته اها حڪمت عملي بنيادي طور تي آمريڪا جي سائيبر سوشل معاهدي جو نئين سر تصور پيش ڪري ٿي ۽ سائيبر خطرن سان نبرڻ جي ذمي داري جو ٻيهر تعين ڪندي ته جيئن هيءُ ڪم انهن جي حوالي ٿئي جيڪي ان کي سنڀالي سگهن.
والڊن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماڻهو، ننڊا ڪاروبار ڪندڙ ۽ مڪاني حڪومتن کان سائيبر سيڪيورٽيءَ جو وڏو ٻوجهه کڻڻ لاءِ چوڻ نه رڳو غير منصفاڻو آهي ليڪن غير اثرائتو عمل به آهي.
انتظاميا جي حڪمت عملي پنجن ٿمڀن جي اصول تي قائم ڪئي پئي وڃي، جنهن جي بنيادي ٿمڀ جو دفاع ڪرڻ، ڌمڪي ڏيڻ وارن ماڻهن ۽ گروهن سان پڄڻ، سيڪيورٽي ۽ لچڪ رکڻ واري مارڪيٽ فورسز جي تشڪيل، آئنده جي لچڪدار سيڙپ ڪاري ۽ گڏيل مقصد حاصل
ڪرڻ جي لاءِ بين الاقوامي شراڪت داري قائم ڪرڻ آهي.
سائيبر ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي لاءِ قومي سلامتيءَ جي نائب صلاح ڪار، اين نيوبرگر خبردار ڪيو آهي ته مجرمن ۽ رياستي عناصر سموري دنيا ۾ هاڃيڪار سائيبر ۽ ’رينسم ويئر’ حملا ڪري رهيا آهن.
هن نئين حڪمت عمليءَ هيٺ ’رينسم ويئر’ جي خطرن کي مجرمانه سرگرمين جي بجاءِ قومي سلامتيءَ جي مسئلي جي طور نبيريو ويندو.
هن چيو ته آمريڪين کي ڀروسو هئڻ گهرجي ته اهي اهم خدمتون ڏيندڙن، اسپتالن، گيس پائيپ لائينن، اناج پوکڻ، پاڻيءَ پهچائڻ جي ڪم تي ڀروسو ڪري سگهن ٿا.
هن وڌيڪ لچڪدار سائيبر نظام ٺاهڻ جي لاءِ انتظاميا تي زور ڏيندي چيو ته سائيبر حملن کي روڪڻ جي بنيادي ڍانچي ۽ بين الاقوامي شراڪت دارن کي مضبوط ڪرڻ به هن حڪمت عمليءَ جو حصو آهي.
ان حڪمت عمليءَ ۾ آمريڪي سائيبر افرادي قوت، بنيادي ڍانچي ۽ ڊجيٽل ماحولياتي نظام ۾ ڊگهي عرصي تائين سيڙپ ڪاري ۽ قومي پيماني تي لچڪ ۽ معاشي چٽاڀيٽيءَ کي بهتر نبائڻ جي لاءِ نئين ٽيڪنالاجيءَ جي نشاندهي ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي.
(وي او اي نيوز)