خوراڪ ۽ دوائن تي ڪنٽرول متعلق آمريڪي اداري، ايف ڊي اي ملڪ ۾ فلو شاٽس جي طرز تي هر سال ڪووڊ 19 ويڪسين جي مهم هلائڻ جي تجويز ڏني آهي.
سومر ڏينهن آن لائين پوسٽ ۾ شائع ڪيل دستاويز ۾اداري چيو آهي ته اها نئين حڪمت عملي ڪرونا وائرس ويڪسين ڏيڻ جو هڪ عام قابل عمل طريقو فراهم ڪندي. تجويز ڪيل منصوبي تي هن هفتي ايف ڊي اي جا سائنس دان ۽ ويڪسين جي ٻاهرين صلاح ڪارن جو هڪ پينل بحث ڪندو.
ايف ڊي اي چيو آهي ته گهڻن ئي آمريڪين کي ڪرونا وائرس کان پاڻ کي محفوظ رکڻ ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ سال ۾ صرف هڪ ڀيرو ويڪسين وٺڻ جي ضرورت پوندي، جڏهن ته پيرسن، ننڍڙن ٻارن ۽ ڪمزور مدافعتي نظام وارن ماڻهن کي واڌو تحفظ جي لاءِ سال ۾ ٻه ڀيرا ويڪسين جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.
موجوده ويڪسي نيشن جي نظام هيٺ ڪنهن به فرد کي 2020 جي ڪرونا وائرس جي مقابلي جي لاءِ لازمي طور تي ڪووڊ 19 جي ٻن خوراڪن وٺڻ جي ضرورت پوندي. ان کان پوءِ وقفن سان بوسٽر شاٽس جي سفارش ڪئي ويندي آهي.
تازا بوسٽر ابتدائي وائرس ۽ اوميڪرون ويرئينٽ ٻنهين جو مقابلو ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا.
ايف ڍي اي جنهن تبديليءَ جي تجويز ڏني آهي ان هيٺ پرائمري ويڪسي نيشن ۽ بوسٽر ختم ڪيا ويندا ۽ گهڻو ڀاڱي آمريڪين جي لاءِ ساليانو تيار ڪيل ويڪسين جي هڪ خوراڪ ڏني ويندي.
فلو شاٽس وانگر، ڪووڊ ويڪسين تيار ڪرڻ وارن ۽ آزاد ماهرن ڪووڊ جي انهن قسمن کان بچاءَ جي لاءِ هڪ انجيڪشن تيار ڪئي آهي جيڪا امڪاني طور تي سرديءَ جي مند ۾ لڳائي ويندي، جڏهن وائرس جي ڦهلجڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي.
ماهرن چيو آهي ته ڪووڊ وائرس جي قسمن ۾ هر سال تبديلي اچي سگهي ٿي، ان جي ڪري هر سال ڦهلجڻ واري وائرس جي لاءِ نئين ويڪسين تيار ڪئي ويندي.
ايف ڍي اي ان باري ۾ به غور ڪري رهي آهي ته اها ويڪسين يا ٽڪا هڪ ٻئي جا متبادل هجن، ته جيئن ماڻهن کي اهو پتو لڳائڻ جي ضرورت نه پوي ته هو ڪهڙيءَ برانڊ جي ويڪسين وٺي رهيا آهن.
اداري کي توقع آهي ته انهن تبديلين سان آمريڪين کي ڪووڊ کان بچاءَ جي خوراڪ وٺڻ وڌيڪ سولي ٿي پوندي، ڇو ته اڄ ڪلهه ماڻهن ۾ هر هر بوسٽر شاٽس لڳرائڻ ۾ دلچسپي گهٽجي رهي آهي.
ايف ڍي اي انهن تبديلين جي تجويز اهڙي وقت ڏني آهي جڏهن ماهر ان ڳالهه تي کليءَ طور بحث ڪري رهيا آهن ته تازن بوسٽر شاٽس خاص طور تي صحت مند بالغ ماڻهن جي لاءِ ڪووڊ 19 جي خلاف تحفظ جي گهرج ۾ ڪنهن حد تائين واڌ اچي رهي آهي.
ايسو سي ايٽڊ پريس جي مطابق حالانڪه هن وقت آمريڪا جي 80 في صد آدم شماري ڪووڊ 19 کان بچاءَ جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوراڪ وٺي چڪي آهي، ليڪن صرف 16 في صد اهل آمريڪين بوسٽر جو تازو ترين ٽڪو هڻايو آهي.
(هن رپورٽ جي ڪجهه معلومات ايسو سي ايٽڊ پريس ۽ رائيٽرز تان ورتي وئي آهي)