آمريڪا خميص ڏينهن ايراني تيل ۽ پيٽروڪيميڪل مصنوعات جي تجارت کي سولو بنائڻ وارين ڪيترين ئي ڪمپنين جي خلاف نيون پابنديون نافذ ڪيون آهن.
خزاني جي آمريڪي محڪمي هڪ بيان جاري ڪندي خبردار ڪيو آهي ته هو اسلامي جمهوريه جي خلاف پنهنجي اقتصادي پابندين جي اطلاق لاءِ وڌيڪ اقدامات ڪري رهيو آهي.
دهشت گردي جي انسداد ۽ مالياتي انٽيلي جينس جي آمريڪي معاون پرڏيهي وزير، برائن نيلسن چيو آهي ته آمريڪا ايران جي تيل ۽ پيٽروڪيميڪل مصنوعات جي غير قانوني وڪري تي سخت پابنديون لڳائي رهيو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته غير ملڪي اثاثن تي ڪنٽرول متعلق خزاني جي آمريڪي محڪمي جي دفتر ڏکڻ ۽ اوڀر ايشيا جي مختلف هنڌن تي پيٽرو ڪيميڪل ۽ پيٽروليم جي مصنوعات جي ڪروڙين ڊالر جي وڪري ۾ ملوث ڪمپنين جي هڪ بين الاقوامي نيٽ ورڪ کي هدف بنايو آهي.
محڪمه خزانه پاران کنيل اقدامات ۾ متحده عرب امارات، هانگ ڪانگ ۽ ڀارت ۾ ايراني ڪارندن ۽ سندن ڪيترن ئي فرنٽ ڪمپنين کي نشانو بنايو ويو آهي جن ايراني پيٽروڪيميڪل ۽ پيٽروليم جي مصنوعات جي پهچائڻ ۽ مالياتي ٽرانسفر ۾ سهولت ڪاري انجام ڏني هئي.
ساڳي وقت خزاني جي آمريڪي محڪمي پيپلز ريپبلڪ آف چائنا ۾ قائم ٻن ادارن، زونگو اسٽوريج ٽرانسپورٽيشن ۽ ڊبليو شينگ کي به انهن مصنوعات جي تجارت ۾ ملوث هئڻ تي هدف بڻايو آهي.
خبر رسان اداري، رائٽرز مطابق، نيو يارڪ ۾ ايراني مشن تبصري جي هڪ درخواست تي فوري طور تي ڪو جواب نه ڏنو آهي. ايران تي آمريڪي پابندين ۾ تازن مهينن دوران ان ڪري اضافو آيو آهي جو انتظاميه جا عهديدار تهران کي 2015۾ ان جي جوهري معاهدي تي مذاڪرات ۾ واپس آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن.
نيلسن چيو ته جيسيتائين ايران ’مشترڪه پلان آف ايڪشن’ جي مڪمل نفاذ جي طرف واپسيءَ کان انڪار ڪندو، تيسيتائين آمريڪا ايراني پيٽروليم ۽ پيٽرو ڪيميڪل جي وڪري تي پنهنجن پابندين جو نفاذ جاري رکندو
(هن رپورٽ جو ڪجهه مواد اي پي ۽ رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)