رسائی کے لنکس

روس کي ڊرونز وڪرو ڪري ايران سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، آمريڪا


يوڪرين جي گاديءَ واري هنڌ ڪئيف ۾ روسي ڊرون حملن کان پوءِ پٿر ۽ ملبو هوا ۾ اڏي رهيو آهي. 17 آڪٽوبر 2022.
يوڪرين جي گاديءَ واري هنڌ ڪئيف ۾ روسي ڊرون حملن کان پوءِ پٿر ۽ ملبو هوا ۾ اڏي رهيو آهي. 17 آڪٽوبر 2022.

آمريڪا چيو آهي ته ايران روس کي ڊرون فراهم ڪري گڏيل قومن جي اداري جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. آمريڪي پرڏيهي محڪمي جي نائب ترجمان، ويدانت پٽيل سومر ڏينهن اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته اڄ صبح جو اسان جي فرانسيسي ۽ برطانوي اتحادين چيو آهي ته ايران جي پاران روس کي ’يو اي وي ايس’ (بغير پائليٽ جي ايئريل وهيڪل جي نظام) جي فراهمي اقوام متحده جي قرارداد 2231 جي ڀڃڪڙي آهي جنهن سان اسان کي به اتفاق آهي.

سلامتي ڪائونسل ۾ منظور ٿيڻ واري هڪ قرارداد 2015۾ طئي ٿيڻ واري بين الاقوامي معاهدي ۾ پيش ڪيو ويو هو جنهن جي تحت ايران کي پنهنجون جوهري سرگرميون محدود ڪرڻ جي بدلي پابندين ۾ نرمي ملڻي هئي.

پٽيل چيو ته اسان کي يقين آهي ته انهن ’يو اي وي ايز’ کي جيڪي ايران منجهان روس منتقل ٿيون ۽ جن کي روس يوڪرين ۾ استعمال ڪيو آهي انهن هٿيارن ۾ شامل آهي جن تي قرارداد 2231 جي تحت پابندي لڳل آهي.

تازن ڏينهن دوران يوڪرين ڪيترا ڀيرا چيو آهي ته ان جي شهرن تي روسي حملن ۾ ايران جا تيار ڪيل ‘شاهد 136’ ڊرون استعمال ڪيا ويا آهن. ايران روس کي پنهنجن ڊرونز سان مسلح ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو.

وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽر، ڪيرين زان پيئر سومر ڏينهن اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته ايرانين ان باري ۾ سچ نه ڳالهايو آهي ته انهن يوڪرين ۾ استعمال جي لاءِ روس کي هٿيار فراهم نه ڪيا آهن.

هن چيو ته آمريڪا، روس ۽ ايران تي اسلحي جي تجارت تي پابنديون نافذ ڪندو ۽ ايران تي انهن هٿيارن جو وڪرو مشڪل تر بنائي ڇڏيندو.

هڪ ٻي پيش رفت ۾ يورپي يونين تازو ايران جي اخلاقيات جي پوليس جي عمل دارن ۽ تهران جي اطلاعات جي وزير تي اخلاقيات جي پوليس جي حراست ۾ هڪ نوجوان عورت جي هلاڪت جي خلاف احتجاج ڪرڻ وارن مظاهرين جي خلاف اسلامي جمهوريه جي پرتشدد پڪڙ ڌڪڙ ۾ عمل دخل جي ڪري انهن تي پابنديون لڳايون آهن.

ستاويهن ملڪن جي بلاڪ يارهن ڄڻن جا اثاثا منجمد ڪري ڇڏيا آهن.اخلاقيات پوليس جي ٻن اعلي عهديدارن ۾ محمد رستمي ۽ احمد مرزائي ۽ اطلاعات جو وزير عيسي زاري پور شامل آهن، جن مبنيه طور تي مظاهرا شروع ٿيڻ شرط انٽرنيٽ تي بندش لڳائي ڇکڏي هئي.

(وائس آف آمريڪا جي پرشين سروس جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG