افغانستان جي وڌندڙ مشڪلات کي سامهون رکندي، آمريڪا سوئزرلينڊ ۾ هڪ نئون فنڊ قائم ڪيو آهي جيڪو ملڪ جي منجمد اثاثن مان ساڍن ٽن ارب ڊالر تائين طالبان جي رسائيءِ کان سواءِ باقي رقم مختلف اقتصادي پروگرامن تي خرچ ڪندو.
صدر جو بائيڊن جي انتظاميه جي طرفان جاري هڪ اعلان مطابق، افغان فنڊ هڪ بورڊ جي تحت ڪم ڪندو ۽ ان جو مقصد افغان ذخيرن جي مخصوص پروگرامن جي لاءِ محفوظ ۽ مناسب انداز ۾ استعمال آهي.
وائس آف آمريڪا جي هڪ رپورٽ مطابق، افغان فنڊ منجهان رقمون بجليءَ جي درآمدات، بين الاقوامي مالياتي ادارن کي قرضن جي ادائگي ۽ افغانستان کي ترقياتي امداد جي اهل رهڻ کي يقيني بنائڻ جهڙن خرچن جي لاءِ رکي سگهجن ٿيون.
خيال رهي ته افغانستان ۾ طالبان جي عبوري حڪومت آمريڪي بينڪن ۾ موجود اربين ڊالر جي ذخيرن جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ الزام لڳايو آهي ته ملڪي ذخيرا منجمد ڪرڻ جي نتيجي ۾ افغانستان جا اقتصادي مسئلا پيدا ٿيا آهن.
هڪ مراسلي ۾ آمريڪا جي محڪمه خزانه جي نائب سربراه، ويلي اديميو چيو آهي ته اها رقم افغانستان جي مرڪزي بينڪ کي موڪلڻ جو مطلب ان رقم کي خطري ۾ وجهڻ برابر آهي، متان ائين ٿئي ته اها رقم افغان عوام جي فائدي جي لاءِ استعمال نه ٿئي.
خبررسان اداري، ايسو سي ايٽڊ پريس جي مطابق، سوئز عهديدار ۽ افغان اقتصاديات جا ماهر هن فنڊ جي استعمال جي نگراني ڪندا، ليڪن طالبان حڪومت نئين افغان فنڊ جو حصو نه بڻبي.
افغان فنڊ سوئزرلينڊ ۾ ’بينڪ فار انٽرنيشنل سيٽلمينٽس’ ۾ پنهنجو اڪائونٽ کوليندو.
آمريڪي محڪمه خزانه ۽ محڪمه خارجه جي طرفان اربع ڏينهن جاري ڪيل هڪ مشترڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ’’فنڊز کي غير قانوني سرگرمين جي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ مضبوط حفاظتي انتظامات ڪيا ويا آهن’’.
خيال رهي ته آگسٽ 2021 ۾ آمريڪي فوج جي واپسيءَ کان پوءِ طالبان جي طرفان حڪومت سنڀالڻ تي افغانستان مٿان بين الاقوامي مالياتي پابنديون لڳيون ۽ ملڪ جي لاءِ امداد اڃان تائين معطل آهي.
اخبار ’دي واشنگٽن پوسٽ’ جي مطابق، ماهرن چيو آهي ته افغانستان جي تقريبن ست ارب ڊالر جي اثاثن جي منجمد ٿيڻ سان افغانستان کي مالي مشڪلون آڏو آيون ۽ ملڪ ۾ بک جهڙا مسئلا پيدا ٿيا.
ايسو سي ايٽڊ پريس جي رپورٽ مطابق، محڪمه ماليات جي نائب سربراه چيو آهي ته افغان فنڊ جي تحت 3.5 ارب ڊالر جا ذخيرا افغان عوام جي فائدي جي لاءِ افغانستان جي مرڪزي بينڪ کان بچائي ان ملڪ کي درپيش اقتصادي چيلنجن کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏيندا.
هن اهو به چيو ته طالبان جي ’’جبر ۽ معاشي بدانتظاميءَ’’ افغانستان جي ديرينه معاشي چيلنجن کي وڌائي ڇڏيو آهي.
(هن خبر ۾ شامل مواد اي پي، اي ايف پي ۽ رائٽرز تان ورتو ويو آهي)