وائيٽ هائوس ٻڌايو آهي ته صدر جو بائيڊن جي حڪم تي آمريڪي فوجي لڙاڪا جهازن جمعي ڏينهن الاسڪا جي اترئين ساحلي علائقي تي اڏامندڙ هڪ نامعلوم شئي کي نشانو بنائي ڪيرايو آهي.
وائيٽ هائوس جي قومي سلامتيءَ جي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربيءَ چيو آهي ته ان کي ڪيرائڻ جو سبب اهو هو ڇو ته اها لڳ ڀڳ 40،000 فٽ جي اوچائيءَ تي اڏي رهي هئي، جنهن جي ڪري شهري پروازن جي سلامتيءَ کي خطرو ٿي سگهيو ٿي.
ڪربيءَ چيو ته اڏامندڙ شئي جي سائيز هڪ ننڊيءَ ڪار جيتري هئي ۽ اها ان چيني ڦوڪڻي کان تمام ننڍي هئي جنهن کي فضائي فوج جي لڙاڪا جهازن ڇنڇر ڏينهن ڏکڻ ڪيرولائنا جي سامونڊي ساحل تي نشانو بنائي ڪيرايو هو.
وائيٽ هائوس وڌيڪ چيو ته عهديدار في الحال اهو نه ٿا ٻڌائي سگهن ته ڪيرايل تازي نامعلوم شئي ۾ جاسوسيءَ جا آلات هيا يا نه، اها ڪٿان کان آئي هئي يا ان جو مقصد ڇا هيو.
پينٽاگان جمعي ڏينهن ڪيرايل شئي جي باري ۾ وڌيڪ وضاحت نه ڪئي آهي.
سندس چوڻ آهي ته اها گهٽ اوچائيءَ تي اڏامي رهي هئي ۽ ان اڳ ڪيرايل ڦوڪڻي کان گهڻي ننڍي هئي.
اڏندڙ شئي کي ڪيرائڻ جو حڪم صدر بائيڊن ڏنو هو.
وائيٽ هائوس جي سيڪيورٽي ترجمان جان ڪربيءَ چيو آهي ته اسان پنهنجي فضائي حدن جي باري ۾ خبردار رهنداسين ۽ صدر اسان جي قومي سلامتيءَ جي مفادن جي تحفظ جي متعلق پنهنجون ذمي داريون سڀ کان وڌيڪ اهم سمجهندو آهي.
پينٽاگان جي پريس سيڪريٽري برگيڊيئر جنرل، پيٽ رائڊر اخباري نمائندن کي ٻڌايو ته اڏڻ واري شئي کي هڪ ايف 22 لڙاڪا جهاز فضا مان فضا ۾ مار ڪرڻ واري ميزائيل سان ڪيرايو. اهڙو ئي هڪ ميذائيل چيني ڦوڪڻي کي ڪيرائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو هو.
اڏڻ واري نامعلوم مشين کي اهڙي علائقي ۾ ميزائيل ماري ڪيرايو ويو جتي اڄ ڪلهه موسم سخت سرد آهي ۽ اتي سج جا ڪرڻا رڳو ڇهن ڪلاڪن تائين روشن رهندا آهن. جمعي جي ڏينهن اتي جو درجه حرارت منفي 17 ڊگري فارين هائيٽ هيو.
(هن رپورٽ جي لاءِ معلومات ايسو سي ايٽڊ پريس تان ورتي وئي آهي)