آمريڪي سپريم ڪورٽ وبا جي دور ۾ اميگريشن تي لڳايل پابنديون اڻ ٻڌايل مدت تائين برقرار رکڻ جي تائيد ڪئي آهي، جنهن سان اميگريشن جي حامين جون اميدون پاڻيءَ ۾ ملي ويون آهن، جيڪي هن هفتي ان جي خاتمي جي اميد لڳائي ويٺا هيا.
عدالت جي ان فيصلي جو مطلب اهو ٿيو ته بائيڊن انتظاميه اميگريشن جي ٽائيٽل 42 نالي واري پاليسيءَ کي ختم نه ڪرائي سگهندي، جنهن هيٺ 20 لکن کان وڌيڪ ماڻهو ملڪ مان ڪڍيا ويندا جيڪي آمريڪا ۾ پناه وٺڻ چاهن ٿا.
صحت جي عام ڀلائيءَ جي اها پاليسي سڀ کان اڳ ٽرمپ انتظاميه جي پاران ڪرونا وائرس جي وبا جي شروع ٿيڻ تي نافذ ڪئي وئي هئي، جيڪا تڏهن کان وٺي لاڳو آهي.
اڱاري ڏينهن ڏنل هڪ فيصلي ۾ عدالت ان عارضي بندش ۾ توسيع ڪري ڇڏي جنهن کي چيف جسٽس جان رابرٽس پوئين هفتي جاري ڪيو هو. عدالت جي حڪم تحت ڪيس تي فيبروريءَ ۾ بحث ڪيو ويندو ۽ ججن جي طرفان ڪيس جو فيصلو ڪرڻ تائين بندش برقرار رهندي.
انهن پابندين هيٺ عهدي دارن آمريڪا ۾ پناه جي ٻه اعشاريه پنج ملين اميدوارن کي ٻاهر موڪلي ڇڏيو ۽ سرحد تي پناه جي درخواست ڪرڻ وارن گهڻن ماڻهن کي ڪووڊ 19 جي ڦهلاءَ جي روڪ ٿام جي بنياد تي واپس موڪلي ڇڏيو.
اميگريشن جي حامين اهو چوندي هن پاليسيءَ جي خاتمي جي لاءِ مقدمو داخل ڪيو ته، بقول سندن، ان ظلم ۽ ستم کان بچڻ جي لاءِ آمريڪا فرار ٿيڻ وارن ماڻهن جي سلسلي ۾ مبينه طور تي بين الاقوامي ذمه داريون قبول ڪرڻ جي خلاف آهي. هنن اهو دليل به ڏنو ته اها پاليسي پراڻي آهي ڇو ته ڪرونا وائرس جو علاج بهتر ٿي چڪو آهي.
سپريم ڪورٽ جو هي فيصلو اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن هزارين پناه جا خواهشمند ميڪسيڪو جي طرف کان سرحد تي ڪٺا ٿي چڪا آهن، پناه گاهون ڀرجي رهيون آهن ۽ مشڪل ۾ ڦاٿل پنهنجي وڪيلن کي پريشان ڪري رهيا آهن جيڪي سندن سار سنڀال لهڻ جا طريقا ڳولهي رهيا آهن.
آمريڪي سول لبرٽيز يونين جي هڪ وڪيل لي گلرنٽ، جيڪو ٽائيٽل 42 جي خاتمي جا دليل ڏئي چڪو آهي، چيو آهي ته اسان پناه تلاش ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ پريشان آهيون جيڪي ان پاليسيءَ جي ڪري مسلسل تڪليف ۾ آهن، ليڪن اسان ان پاليسيءَ جي خاتمي جون ڪوششون جاري رکندا سين.
اڱاري ڏينهن ڏنل هن فيصلي ۾ خاص طور تي اهو چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ان مسئلي جو جائزو وٺندي ته ڇا رياستن کي ٽائيٽل 42 تي قانون ڪاروائيءَ ۾ مداخلت جو حق حاصل آهي. وفاقي حڪومت ۽ اميگريشن جا وڪيل ٻئي اهو دليل ڏئي چڪا آهن ته رياستن مداخلت ڪرڻ ۾ گهڻي دير لڳائي ۽ جيڪڏهن اهي ڊگهي عرصي تائين انتظار نه ڪن ها ته تڏهن به انهن وٽ مداخلت جو ڪو خاص جواز موجود ڪونه هيو.
(هن خبر جو مواد ايسو سي ايٽيڊ پريس تان ورتو ويو آهي)