آمريڪا جي خبرن جي ادارن ’سي اين اين’ ۽ ’واشنگٽن پوسٽ’ اطلاع ڏنو آهي ته طالبان اڱاري ڏينهن افغانستان ۾ حراست ۾ ورتل ٻن آمريڪين کي رها ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي واشنگٽن ۾ عهديدارن آمريڪا جي پراڻي مخالف جي پاران ’’خير سگاليءَ جو اشارو’’ قرار ڏنو پيو وڃي.
آمريڪي پرڏيهي محڪمي جي ترجمان نيڊ پرائس اڱاري ڏينهن قيدين جي رهائيءَ جو خير مقدم ڪيو. ليڪن، سندن پرائيويسيءَ جي احترام جو حوالو ڏيندي سندن سڃاڻپ ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو.
هن چيو ته رهائي ڪنهن افغان قيديءَ يا اهڙي ڪنهن ٻئي فرد جي تبادلي جي عمل ۾ نه آئي آهي، جن جي رهائيءَ ۾ طالبان کي ڪا دلچسپي هجي.
نيڊ پرائس چيو ته ’’اسان انهن ٻنهين آمريڪي شهرين کي مناسب مدد فراهم ڪري رهيا آهيون’’.
ان حساس معاملي تي ڳالهائيندي، نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي، عهديدارن ٻڌايو ته ٻئي قيدي پنهنجي خاندانن سان ٻيهر ملڻ کان اڳ اڱاري ڏينهن قطر پهتا هيا.
طالبان پاران آمريڪين جي رهائي اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن طالبان حڪومت جي تعليم جي وزارت اڱاري ڏينهن ٻڌايو ته ان فوري طور تي يونيوسٽين ۾ نينگرين جي داخلا بند ڪري ڇڏي آهي.
رائيٽرز جي مطابق، طالبان جي اعلي تعليم جي وزارت جي هڪ ترجمان هڪ خط جي تصديق ڪئي آهي جنهن ۾ ملڪ جي سمورن سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته اهي نينگرين کي يونيورسٽين تائين رسائي ختم ڪن.
اطلاعن مطابق، اهو خط ملڪ جي عبوري ڪابينا جي فيصلي جي روشنيءَ ۾ لکيو ويو آهي.