پرڏيهي معاملن جي پاڪستاني وزير، بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش سيلاب جي ڪري آيل تباهيءَ جي وقت امداد جي ڪم ۾فوري هٿ ونڊائڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان جي قابل قدر مدد ڪئي، جنهن تي پاڪستاني عوام سندن مشڪور آهي.
وائس آف آمريڪا جي نمائنده، مارگريٽ بشير کي خصوصي انٽرويو ڏيندي، بلاول چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعلقات ۾ بهتري آڻڻ لاءِ موجوده حڪومت کان به اڳ ڪوششون جاري هيون، جنهن سلسلي کي اڳتي وڌايو ويو ۽ جنهن جي ڪري ڳالهه ٻولهه، رابطه ڪاري وڌي ۽ گفتگوءَ ۾ بهتريءَ جا آثار نمايان ٿيا.
ليڪن، هن چيو ته تباه ڪن سيلاب جي نتيجي ۾ پاڪستان مشڪل صورت حال ۾ ڦاٿل هو، اسان آمريڪي عوام جا مشڪور آهيون ته موسمياتي بحران دوران اسان جي ڏکئي وقت ۾ هنن فوري طور تي پاڪستان جي مدد ڪئي ۽ اسان سان گڏجي بيٺا، يوايس ايڊ پنج ڪروڙ ڊالر جي امداد ڪئي، سينٽڪام ۽ آمريڪي جهاز امدادي سامان کڻي پهتا.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو پاڪستان جي عوام کي هڪ مضبوط پيغام هو ته اسان جي هن ڏکئي وقت ۾ آمريڪا جي حڪومت ۽ عوام مدد جي لاءِ اسان سان گڏ بيٺا آهن.
تعلقات جي بحاليءَ متعلق سوال تي، بلاول ڀٽي چيو ته پاڪستان تعلقات ۾ بهتري ۽ بحالي جو حامي آهي. سندس بقول، اسان هر ڪنهن سان تعلقات بهتر ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٻه طرفي عزت ۽ مفاهمت جي بنياد تي اڳتي وڌڻ گهرون ٿا، ته جيئن مسئلن ۽ بحرانن جي حل جي لاءِ گڏجي گهڻ ملڪي حل تلاش ڪيون. مثال جي طور تي، هن چيو ته، موسمياتي تبديليءَ ۽ ٻين ڪيترن ئي چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڪيلي سر گهڻو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهجي، جن جي لاءِ بين الاقوامي ساجهي دارن سان گڏجي معاملن جي حل جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي، جنهن لاءِ اڳتي وڌبو.
تعلقات جي بحاليءَ متعلق سوال تي، بلاول ڀٽي چيو ته پاڪستان تعلقات ۾ بهتري ۽ بحاليءَ جو حامي آهي. سندس بقول، اسان هر ڪنهن سان تعلقات بهتر ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٻه طرفي عزت ۽ مفاهمت جي بنياد تي اڳتي وڌڻ گهرون ٿا، ته جيئن مسئلن ۽ بحرانن جي حل جي لاءِ گڏجي گهڻ ملڪي حل تلاش ڪيون. مثال جي طور تي، هن چيو ته، موسمياتي تبديليءَ ۽ ٻين ڪيترن ئي چيلنجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڪيلي سر گهڻو ڪجهه نه ٿو ڪري سگهجي، جن جي لاءِ بين الاقوامي ساجهي دارن سان گڏجي معاملن جي حل جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي، جنهن لاءِ اڳتي وڌبو.
يوڪرين متعلق هڪ سوال تي هن چيو ته پاڪستان جوموقف واضح آهي ته اسان ڪنهن تنازعي ۾ الجهڻ نه ٿا گهرون. هن چيو ته ڪووڊ 19 جي وبا، ان کان پوءِ ڪابل جي صورت حال ۽ اسان جي علائقائي صورت حال جا تقاضا، يوڪرين جو بحران ۽ تنهن کان پوءِ تباه ڪن سيلاب جي صورت حال سان نبرڻ هڪ وڏو چيلينج آهي. بقول سندس، پاڪستاني عوام جي مفاد ۾ نه ٿيندو ته اسان يوڪرين جي تنازعي ۾الجهون ۽ ان سلسلي ۾ بين الاقوامي برادريءَ کي اسان جو پيغام آهي ته امن جي حصول جي لاءِ مڪالمي ۽ سفارت ڪاري اپنائي وڃي.
هن چيو ته يوڪرين جي معاملي جي ڪري توانائي ۽ اناج جي معاملي ۾ سموري دنيا تي اثر پيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان به شامل آهي.
افغانستان جي باري ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي اداري ۾ پاڪستان جو مستقل مندوب، منير اڪرم عام طور تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاسن ۾کلي ڳالهائيندو آهي. هن چيو ته جيستائين افغانستان جو سوال آهي، افغان عوام اسان جي لاءِ گهڻو ڪجهه آهن. هو اسان جا پاڙيسري آهن. اسان جي ڊگهي ۽ قديمي تاريخ آهي. اسان جا پاڻ ۾ ثقافتي، مذهبي، نسلي ۽ ڪيترن ئي قسمن جا تعلقات آهن ۽ اسان افغانستان جي عوام جي وڪالت ڪندا رهندا سين. جيستائين افغانستان جي عبوري حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو معاملو آهي ته اسان اهو نه ڪيو آهي.