رسائی کے لنکس

افغانستان ۾ اڳوڻن اعليٰ عملدارن جا ويران محل ۽ ماڙيون


وڊيو جو هيءُ اسڪرين شاٽ افغانستان جي هڪ ويران محل جو آهي (ميهان ٽي ويءَ جي شڪرئي سان ورتل)
وڊيو جو هيءُ اسڪرين شاٽ افغانستان جي هڪ ويران محل جو آهي (ميهان ٽي ويءَ جي شڪرئي سان ورتل)

ترقي ڪندڙ دنيا جي ڪيترن ملڪن وانگر افغانستان ۾ به امير ۽ غريب جي وچ ۾ طبقاتي تفاوت تمام گهڻو آهي. ليڪن، هڪ اهڙي ملڪ ۾ اهو فرق اڃان وڌي وڃي ٿو جتي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين جاري رهڻ واريءَ لڙائيءَ غريبن کي مانيءَ جي هڪ ٽڪر جي لاءِ به ٻين جو محتاج بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اهو انساني بحران گهٽجڻ بجاءِ اڃان وڌندو ٿو وڃي.

هڪ نمايان فرق اهو آهي ته ٻين ملڪن ۾ ايڪڙن تي ٺهيل فارم هائوس ۽ محل نما گهرن جي ڀيٽ ۾ افغانستان ۾ انهن منجهان ڪيترا ئي ويران محل مالڪن جي انتظار ۾آهن، جڏهن ته افغان عوام سندن احتساب جي لاءِ واجهائي رهيو آهي.

افغانستان جي اترئين علائقي جي شهر، مزار شريف جي هڪ محل نما گهر ۾ جنهن کي تازو يوٽيوب تي پروفائيل ڪيو ويو هو، سموريون دريون ۽ دروازا ’بليٽ پروف آهن.

هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي لکين ماڻهو ماريا ويا، اهڙا انتظام اتي رهندڙن جي تحفظ متعلق خطري ۽ ذهني ڪيفيت جي نشاندهي ڪن ٿا.

ملڪ جو عام ماڻهو مانيءَ ڳڀي حاصل ڪرڻ جي لاءِ در بدر آهي، اتي هن قسم جي عياشي، سمجهه کان ٻاهر آهي.

يو ٽيوب تي ان محل جي وڊيو کي ڪيترن ئي ڏسندڙن ٽوئٽر تي شيئر ڪيو آهي.

ٻين وڊيوز ۾ انهن آسائشين سان ڀريل گهرن ۾ پرائيويٽ جيل، هيلي پيڊ، غير ملڪي ٻوٽن جا باغ، جم، سوانا، پول ۽ ٻين سهولتن جا اڪيچار ڏيک ڏيکاريا ويا آهن، جيڪي ان تاثر جو انڪار ڪن ٿا ته افغانستان دنيا جي غريب ترين ملڪن منجهان هڪ آهي جنهن جو گهڻي ڀاڱي سمورو راڄ هڪ ويلي جي مانيءَ جو محتاج آهي.

ليڪن هاڻي اهي محل خالي پيا آهن. اهي ننڍا وڏا محل اڳوڻن جنگجو سردارن، سرڪاري ڪامورن ۽ قانون سازن جا آهن جن آگسٽ 2021 ۾ طالبان جي اقتدار تي قبضي کان اڳ يا ان کان تڪڙو پوءِ ملڪ مان ڀاڄ کاڌي.

انهن جديد سهولتن وارن گهرن جي مالڪن سان پنهنجي پراڻي دشمنيءَ جي باوجود، طالبان اختياريءَ وارن انهن کي اڃان تائين ضبط نه ڪيو آهي ۽ انهن کي خانگي جائدادون قرار ڏنو ويو آهي. ايتري حد تائين جو ڪيترن کي لٽ مار کان بچائڻ جو بندوبست ڪيل آهي، جيڪا ڳالهه اچرج ۾ وجهڻ جوڳي آهي.

انهن محلن ماڙين جا مالڪ جيڪي افغانستان جا اڳوڻا امير ماڻهو آهن اهي باقاعدگيءَ سان اڪثر طالبان جي خلاف ڳالهائيندا رهندا آهن ۽ انهن منجهان ڪيترا اهڙا آهن جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ ويهي نالي ڪوٺي ’امارات اسلاميه’ جي خلاف ٻي جنگ جوٽڻ جون ڳاليهون ڪندا رهندا آهن.

ٻن ڏهاڪن تائين طالبان سان جنگ جاري رکڻ واري ملڪ، آمريڪا چيو آهي ته اهو طالبان جي خلاف ڪنهن هٿياربند مخالفت جي حمايت نه ٿو ڪري ۽ اهو افغانستان ۾ هڪ جامع حڪومت قائم ڪرڻ جي مطالبي کي ڪيترا ئي ڀيرا ورجائي چڪو آهي.

وي او اي ٽيلي ويزن جي ميزبان سان ڳالهائيندي، بلخ صوبي جي هڪ اڳوڻي گورنر عطا محمد نور، جنهن جي شاهاڻي طرز جي زندگيءَ بابت ميڊيا ۾ رپورٽون اينديون رهيون آهن، طالبان تي الزام لڳايو آهي ته سندس ڪيتري ملڪيت کي فوجي ۽ انتظامي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

(اڪمل داعيءَ جي رپورٽ)

XS
SM
MD
LG