رسائی کے لنکس

باضابطه الزام مڙهڻ جوعمل ڇا آهي؟


واشنگٽن ڊي سي ۾ انصاف واري آمريڪي محڪمي جو هيڊڪوارٽر (فائيل فوٽو)
واشنگٽن ڊي سي ۾ انصاف واري آمريڪي محڪمي جو هيڊڪوارٽر (فائيل فوٽو)

فرد جرم ڇا آهي؟

اهو باضابطه الزام ڌرڻ جو عمل آهي جنهن ۾ واضح ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن شخص ڪو ڏوهه ڪيو آهي، ۽ ان ۾ درج الزامن جي بنيادي معلومات ڏني ويندي آهي.

اهو عمل ڇو ضروري آهي؟

آمريڪا جي آئين جي ’پنجين ترميم’ موجب ڪنهن فرد تي وفاقي ڏوهه جي الزام ۾ مقدمي جي ڪاروائيءَ کان اڳ حڪومت جي لاءِ لازم آهي ته ملزم جي خلاف باضابطه طور تي جرم جو تفصيل پيش ٿئي.

رياست جي الزامن جو ڇا مطلب آهي؟

جڏهن ته پنجين ترميم جو تعلق رڳو وفاقي الزامن سان هوندو آهي، پر ڪيترين ئي رياستن فرد جرم لڳائڻ جو ساڳيو ئي نظام اختيار ڪيو آهي، جنهن ۾ ڏوهن متعلق الزام مڙهيا ويندا آهن.

ڏوهه سرزد ٿيڻ ڇا آهي؟

جرم جو مطلب اهڙو ڏوهه آهي جنهن جي سرزد ٿيڻ تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي. جرم بدتميزيءَ جي هلت کان مٿاهين حرڪت کي چئبو آهي، جڏهن ته انهيءَ نوعيت جي ڪيترن ئي الزامن جي صورت ۾ باضابطه جرم جو تفصيل پيش ڪرڻ ضروري نه هوندو آهي.

تفصيلي جرم مڙهڻ جو عمل ڪيئن شروع ٿيندو آهي؟

ڪيس جي حقيقتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ، استغاثي جي ڪاروائي هلائڻ وارو عمل دار اهو طئي ڪندو آهي ته ڇا معاملي کي جاري رکڻ جي لاءِ ڪافي ثبوت موجود آهن، ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ هو اهو معاملو شهرين جي ’پينل’ جي آڏو آڻيندو آهي، جنهن کي گرانڊ جيوري چيو ويندو آهي.

گرانڊ جيوري ڇا آهي؟

گرانڊ جيوري ڪنهن ڪيس متعلق ثبوت جي ٻڌڻي ڪندو آهي ۽ طئي ڪندو آهي ته ڇا ڪو وزني سبب موجود آهي جنهن جي بنياد تي ڏوهه جا الزام درج ڪري سگهجن. گرانڊ جيوري جا ميمبر مشتبه فرد جي گناه يا بيگناهي طئي نه ڪندا آهن. فيڊرل گرانڊ جيوري ۾ 16 کان وٺي 23 ميمبر ٿي سگهن ٿا. فرد جرم جاري ٿيڻ کان اڳ ۾ ضروري آهي ته جيوريءَ جا گهٽ ۾ گهٽ 12 ميمبر ڪنهن ڳالهه تي متفق هجن.

ڇا فرد جرم کي مهربند ڪري سگهجي ٿو؟

ڇو ته گرانڊ جيوري فرد جرم عائد ٿيڻ کان اڳ ۾ وجود ۾ ايندي آهي، اڪثر ڪنهن گرفتاريءَ کان اڳ جيوري موجود هوندي آهي، استغاثي جو وڪيل فرد جرم کي مهربند ڪري سگهي ٿو، يا عام ماڻهن کان لڪائي سگهي ٿو، ايتري وقت تائين جنهن جي ضرورت هجي ته جيئن جوابدار يا ٻئي مشتبه فرد فرار نه ٿي سگهن يا ثبوت ضائع نه ٿي سگهي.

فرد جرم لڳڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو آهي؟

جڏهن گرانڊ جيوري فرد جرم تجويز ڪندو آهي ته عام طور تي مشتبه شخص کي گرفتار ڪري ان تي باضابطه طور تي الزام لڳايو ويندو آهي. ان کان پوءِ ڪيس عدالت ڏانهن ويندو آهي، جنهن جا ڪيترا ممڪن قانوني رستا هوندا آهن، جنهن ۾ ’پلي ايگريمينٽ’ (لکت ۾ جواب ڏيڻ) يا مقدمي جي ڪاروائي هلائڻ شامل آهي.

(وي او اي نيوز)

XS
SM
MD
LG