رسائی کے لنکس

واٽس ايپ جا نوان فيچر، اسٽيٽس تي هاڻي توهان ڇا ڪري سگهو ٿا؟


واٽس ايپ لوگو
واٽس ايپ لوگو

دنيا جي مقبول ميسيجنگ پليٽ فارم، واٽس ايپ هر نئين ڏينهن صارفين جي لاءِ نوان فيچر آڻي رهيو آهي. هن ڀيري، واٽس ايپ’اسٽيٽس’ جي فيچر ۾ وڌيڪ اپ ڊيٽس شامل ڪيا آهن.

واٽس ايپ جي مالڪ ڪمپني، ’ميٽا’ اڱاري ڏينهن پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم تي نون اپ ڊيٽس جو اعلان ڪيو. انهن نون اپ ڊيٽس ۾ هاڻي صارفين واٽس ايپ تي ڪنهن آڊيو پيغام يا پنهنجي دل گهرئي آڊيو کي به اسٽيٽس تي لڳائي سگهن ٿا. ان کان اڳ صارفين تصويرون، وڊيوز، جفز ۽ ٽيڪسٽ واٽس ايپ جي اسٽيٽس تي لڳائي سگهندا هيا.

پر هاڻي صارفين کي آڊيو پيغامن کي به پنهنجي اسٽيٽس تي لڳائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

واٽس ايپ جي پاران صارفين جي دلچسپيءَ کي ڏسندي هڪ وڌيڪ نئون اپ ڊيٽ پيش ڪيو ويو آهي جنهن هيٺ صارفين ڪنهن به اسٽيٽس تي فوري ’ري ايڪشن’ ڏئي سگهندا.

ان اپ ڊيٽ ۾ واٽس ايپ جي پاران اٺ ’ايموجيز ’ شامل ڪيا ويا آهن جيڪي ڪنهن به اسٽيٽس جي ’ريپلائي’ ۾ ڏئي سگهجن ٿا.

ڪمپنيءَ جي پاران صارفين جي پرائيويسي جو خيال رکندي هڪ نئين فيچر جو واڌارو ڪيو ويو آهي. هاڻي صارفين اسٽيٽس تي به ’پرائيويٽ آڊينس سيليڪٽر’ جو استعمال ڪري سگهندا، يعني صارف پنهنجو اسٽيٽس ڪهڙن کي ڏيکارڻ چاهي ٿو، ان جي سيليڪشن جو اختيارصارف وٽ هوندو.

هن فيچر ۾ صارف جنهن اسٽيٽس جي لاءِ پنهنجي آڊينس جو انتخاب ڪندو اڳلي اسٽيٽس جي لاءِ اهو ئي آڊينس خود به خود سيليڪٽ ٿي ويندو. پر صارف پنهنجي اسٽيٽس پوسٽ ڪرڻ کان اڳ ان ۾ تبديلي ڪري سگهي ٿو.

واٽس ايپ پنهنجي نئين اپ ڊيٽ ۾ ’اسٽيٽس پروفائيل رنگز’ جو فيچر به شامل ڪيو آهي. ان فيچر ۾ ڪنهن به ڪانٽيڪٽ جي طرفان اسٽيٽس لڳائڻ تي ان جي پروفائيل پڪچر تي هڪ دائرو نظر ايندو جنهن تي ڪلڪ ڪري صارف ان نمبر جي طرفان لڳايل اسٽيٽس کي ڏسي سگهندو.

واٽس ايپ ’اينڊرائڊ’ صارفين جي لاءِ هن دائري جو رنگ ’سائو’ جڏهن ته’ ايپل’ صارفين جي لاءِ ’نيرو’ رکيو آهي.

اهڙيءَ طرح واٽس ايپ اسٽيٽس ۾ هاڻي صارفين ڪو به لنڪ پوسٽ ڪندي ان جو ’پري ويو’ سولائيءَ سان ڏسي سگهن ٿا. پهريان اهو فيچر پيغام موڪلڻ وقت دستياب هو. ليڪن، هاڻي واٽس ايپ هن فيچر کي اسٽيٽس تي به شامل ڪري ڇڏيو آهي.

هن فيچر جي ڪري اسٽيٽس ڏسڻ واري صارف کي اهو اندازو ٿي ويندو ته هو ڪهڙيءَ ريت مواد تي ڪلڪ ڪري رهيو آهي.

واٽس ايپ جي پاران اهي نيون اپ ڊيٽس دنيا ۾ صارفين تائين رول آئوٽ ٿيڻ شروع ٿي چڪيون آهن ۽ جلد ئي سمورن صارفين کي دستياب ٿي وينديون.

XS
SM
MD
LG