پاڪستان ۾ 12 آڪٽوبر 1999 جي فوجي بغاوت ان وقت ٿي جڏهن اهم ترين خفيه اداري، انٽر سروسز انٽيلي جينس (آئي ايس آئي) جي ان وقت جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي)، ليفٽيننٽ جنرل خواجه ضياالدين بٽ کي وزير اعظم نواز شريف چيف آف آرمي مقرر ڪيو.
پاڪستان ٽيلي ويزن جي شام جي ڇهين بجي جي انگريزي خبرنامي جي دوران ان جي تقرريءَ جي خبر نشر ٿيڻ کان ڪجهه ئي لمحن کان پوءِ پي ٽي وي سميت اهم سرڪاري ادارن جو ڪنٽرول فوج سنڀالي ورتو هو.
جنرل (ريٽائرڊ) خواجه ضياالدين وائس آف آمريڪا کي فوجي بغاوت کا اڳ ۽ 12 آڪٽوبر 1999جي روداد تفصيل سان ٻڌائي.
وائس آف آمريڪا جي نمائندي، نذرالسلام پنهنجيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ضياالدين بٽ چيو ته ملڪ ۾ 12 آڪٽوبر کان اڳ اهي افواه هلي رهيا هيا ته ڪجهه ٿيڻ وارو آهي.
سندس بقول، ايٽمي ڌماڪن ۽ ڪارگل جنگ کان پوءِ ملڪي معيشت دٻاءَ جو شڪار هئي. وزير اعظم نواز شريف جو سڄو ڌيان معيشت جي بهتريءَ طرف لڳل هيو. هن چيو ته 8 آڪٽوبر تي وزير اعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري مان قبل از وقت ريٽائرمنٽ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو. نواز شريف چيو ته آرمي چيف پرويز مشرف سري لنڪا کان واپس اچي ته پوءِ ان متعلق ڳالهائينداسين.
جنرل (ريٽائرڊ) ضياالدين بٽ ٻڌايو ته 12 آڪٽوبر تي جيڪو ڪجهه ٿيو نواز شريف کي ان جي اميد نه هئي. اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿيو نواز شريف اڄ تائين ناهي ٻڌايو. نواز شريف کي ان متعلق ڪتاب لکڻ کپي ته جيئن حقائق سامهون اچي سگهن. سندس بقول، نواز شريف جنرل مشرف کي چيفس آف اسٽاف ڪاميٽيءَ جو سربراه بنائڻ گهري پيو. ليڪن اوچتو هن پرويز مشرف کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو.
خيال رهي ته پرويز مشرف وٽ آرمي چيف کان سواءِ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو واڌو عهدو به هو.
ضياالدين بٽ جي بقول، پرويز مشرف نواز شريف جي والد ميان محمد شريف جي تمام ويجهو هو ۽ ميان شريف هن کي چوٿون پٽ چوندو هو.
ٻارهن آڪٽوبر تي ڇا ٿيو؟
ان ڏينهن کي ياد ڪندي خواجه ضياالدين ٻڌايو ته کيس پنهنجي چيف آف آرمي اسٽاف ٺهڻ جو پتو نه هيو.
سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ وزير اعظم سان ملڻ ويو، اوچتو کيس ٻڌايو ويو ته وزير اعظم کيس فور اسٽار جنرل تي ترقي ڏئي آرمي چيف ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
فور اسٽار جرنل جي پروموشن جي لاءِ باقاعده تقريب ٿيندي آهي ۽ ورديءَ ۾ هڪ اضافي رينڪ لڳائي ويندي آهي. مون وٽ ته رينڪ به نه هيو. وزير اعظم جي ملٽري سيڪريٽريءَ پنهنجيءَ ورديءَ مان هڪ ڪٽ ڪڍي ڏني ڪرائون لڳائڻ لاءِ. پن به نه هئي. ماچيس جي تيليءَ ذريعي ڪرائون کي سهارو ڏنو ويو.
ضياالدين بٽ چيو ته اهو سڀ ڪجهه ايترو اوچتو ٿيو جو اڄ به اهو راز آهي ۽ ان جو جواب صرف ميان نواز شريف وٽ آهي.
خواجه ضياالدين ٻڌايو ته ان کان پوءِ واريون حالتون ثابت ڪن ٿيون ته ٻئي پاسي به تياري مڪمل هئي. هن چيو ته جيئن ئي منهنجو اعلان ٿيو هوڏانهن پي ٽي وي سميت ٻين سرڪاري ادارن جو ڪنٽرول فوج سنڀالي ورتو. باقي ماڻهن وانگر مون کي به گهيري ۾ ورتو ويو. ان سڄي عمل دوران مان دانشمنديءَ کان ڪم ورتو نه ته افرا تفري ۽ خون خرابي جو خطرو هو.
لمحن اندر دوست دشمن بڻجي ويا
جنرل ضياالدين کي ان ڳالهه جو ڏاڍو افسوس آهي ته هن واقعي سالن جي دوستيءَ کي متاثر ڪيو. هن ٻڌايو ته منهنجي پرويز مشرف سان 40 سالن جي دوستي هئي، ان جي خاندان سان تعلقات هيا. پرويز مشرف جا ٻار منهنجي هٿن ۾ پليا هيا. جنرل محمود، جنرل شاهد عزير، سڀ ويجها دوست هيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي دوست دشمن بڻجي ويا.
سندس بقول، ڪن مشترڪه دوستن ڪوشش ڪئي ته سڀ دوست ٻيهر ڪٺا ٿي سگهن، ليڪن جڏهن ايترو ڪجهه ٿي چڪو هجي ته پهرين واري ڳالهه باقي نه ٿي رهي.
خواجه ضياالدين چيو ته اسان کي 12 آڪٽوبر 1999کي ان لحاظ کان ياد رکڻ کپي ته پاڪستان ٽئين دنيا جو ملڪ آهي. هتي فوج جو هڪ خاص مقام آهي، ان سان ملي هلنداسين ته جمهوريت به جيئن تيئن هلندي رهندي، نه ته مسئلا جنم وٺندا.
هن چيو ته ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ فوجي مداخلت ڪا حيران ڪن ڳالهه نه هوندي آهي.
ڀارت جي ڳالهه ڪندي، جنرل (ر) ضياالدين چيو ته اتان جون حالتون الڳ آهن. سندس بقول، ڀارت جون معروضي حالتون پاڪستان کان مختلف رهيون آهن. اتي سويلين معاملن ۾ فوج جو عمل دخل ناهي.