گڏيل قومن جي صحت جي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي سربراه اربع ڏينهن چيو آهي ته گزريل هفتي سڄيءَ دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري هلاڪتن ۾ ڪمي آئي آهي، جيڪي انگ مارچ 2020 جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهن، جنهن مان اها اميد پيدا ٿي آهي ته عالمي سطح تي جاري هن بيماريءَ جي ڦهلجڻ ۾ واضح ڪمي اچي چڪي آهي.
جينيوا ۾ ٽيڊرس آڌنوم گيبريسس هڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڪووڊ 19 جي خاتمي جي سلسلي ۾ دنيا جي صورت حال هن کان بهتر ڪونه هئي.
هن چيو ته اسان اڃان خاتمي تي نه پهتا آهيون. ميراٿون ريس جو مثال ڏيندي، هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان تيزيءَ سان بيماريءَ کي روڪڻ جو ڪم ڪندا رهئون. اڃان ’فنش لائين’ تي نه پهتا آهيون، ان ڪري، هينئر ڊوڙ ختم ڪرڻ غلط فيصلو ٿيندو.
’’برعڪس ان جي ،هي اهو وقت آهي جڏهن اسان اڃان تيز ڊوڙئون ته جيئن اسان جي محنتن جو ثمر ملي’’.
وبا متعلق پنهنجي هفتي وار رپورٽ ۾ گڏيل قومن جي اداري جي صحت سان متعلق اداري ٻڌايو ته گزريل هفتي هلاڪتن جو تعداد 22 في صد گهٽيو آهي، يعني دنيا ۾ مرض جي ڪري صرف 11000 فوتگيون ٿيون آهن. ٽي ڪروڙ 10 لک نوان ڪيسز رجسٽر ٿيا، جيڪا 28 في صد ڪمي آهي. ۽ دنيا جي هر حصي ۾ ٻٽن هفتن کان وٺي بيماريءَ ۾ گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي.
تڏهن به، ڊبليو ايڇ او خبردار ڪيو ته ڪيترن ملڪن ۾ ڪووڊ جا ٽيسٽ ۽ نگرانيءَ جو ڪم سستيءَ سان ڪيو پيو وڃي، جنهن جي ڪري ڪيترا ئي ڪيس رڪارڊ تي نه ٿا اچن.
اداري ان طرف ڌيان ڇڪايو ته سياري جي موسم اچي رهي آهي جڏهن ڪووڊ 19 ۾ واڌ اچي سگهي ٿي، نوان ويرئينٽ پيدا ٿي سگهن ٿا جن جي ڪري هن مهل تائين حاصل ڪيل پيش رفت ضائع ٿي سگهي ٿي.
ٽيڊرس چيو ته جيڪڏهن اسان درپيش ذمه داري پوري نه ڪنداسين ته نوان ويرئيمٽ اچي سگهن ٿا جيڪي وڌيڪ نقصان ده هوندا ۽ وڌيڪ غير يقيني ڦهلائڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا.