رسائی کے لنکس

اسٽارمي ڊينيلز ڪيرآهي. ڊونلڊ ٽرمپ سان سندس ڇا تعلق آهي؟


اسٽارمي ڊينيلز (فائيل فوٽو)
اسٽارمي ڊينيلز (فائيل فوٽو)

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي نيويارڪ جي هڪ گرانڊ جيوري خميس جي ڏينھن فردِ جرم لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽرمپ تي الزام هو ته هن 2016 جي صدارتي چونڊن کان اڳ اسڪينڊل کان بچڻ لاءِ اسٽورمي ڊينيلز کي ڳُجهه ۾ وڏي رقم ادا ڪئي.

اسٽارمي ڊينيلز ڪير آهي؟

اسٽارمي ڊينيلز جو اصل نالو اسٽيفني ڪلفرڊ آهي. هوءَ پورن انڊسٽري ۾ ٻن ڏهاڪن کان ڪم ڪندڙ هڪ اداڪاره آهي، جيڪا اھڙين فلمن جي هدايت ڪاري پڻ ڪري چڪي آهي.

اسٽارمي ڊينيلز جي دعويٰ آهي ته ٽرمپ 2006 ۾ ساڻس جنسي تعلق قائم ڪيو هو، جڏھن ته اڳوڻو صدر ٽرمپ ان الزام کي رد ڪندو رھيو آھي. ٽرمپ موجب هُن اھا رقم اسٽارمي ڊينيلز کي ڪوڙو الزام لڳائڻ کان روڪڻ لاءِ ڏني ھئي.

ڊينيلز جو چوڻ آهي ته ٽرمپ سان سندس ملاقات جولائي 2006 ۾ ھڪ گالف ٽورنامنٽ دوران ٿي هئي. ھن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ کيس ڊنر جي دعوت ڏني ھئي جتي هُن ٽرمپ جي ڪمري ۾ ماني کاڌي.

اسٽارمي ڊينيلز موجب ٽرمپ جي ڪمري ۾ ئي ٻنهي جي وچ ۾ رضامندي سان جنسي تعلق قائم ٿيو.

ياد رھي ته ٽرمپ پنهنجي ٽئين ۽ موجوده گھرواري ملانيا سان 2005 ۾ شادي ڪئي، جڏھن ته اسٽارمي ڊينيلز وارو مبينه واقعو شادي کان ھڪ سال پوءِ جو آھي.

اسٽارمي ڊينيلز موجب ٽرمپ جولائي 2007 ۾ ساڻس ٻيهر رابطو ڪيو. ڊونلڊ ٽرمپ کيس پنهنجي ٽي وي شو ’سيليبرٽي اپرنٽس‘ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.

هن دعويٰ ڪئي ته ٽرمپ هن سان ٻيهر جنسي تعلق رکڻ چاهيو ٿي پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.

چپ رهڻ واري معاهدو ۽ رقم جي ادائگي

لاس اينجلس جي وفاقي عدالت ۾ جمع ڪرايل دستاويز موجب آمريڪا ۾ 2016 جي صدارتي چونڊن کان ڪجهه ڏينهن پھرين 28 آڪٽوبر تي اسٽارمي ڊينيلز ھڪ ’نان ڊسڪلوزر’ يعني خاموش رھڻ جي معاهدي تي صحيح ڪئي ھئي. ان معاهدي لاءِ کيس ھڪ لک 30 هزار ڊالرن جي رقم ڏني وئي.

ان معاهدي تي اسٽارمي ڊينيلز جي وڪيل ڪيٿ ڊيوڊسن ۽ ٽرمپ جي ان وقت جي خانگي وڪيل مائيڪل ڪوهن دستخط ڪيا. ان دستاويز تي ٽرمپ جي دستخط جي جاءِ به ڇڏيل ھئي پر هن ڪڏهن به ان تي صحيح نه ڪئي.

آمريڪي اخبار ’وال اسٽريٽ جرنل’ 2018 ۾ اسٽارمي ڊينيلز کي ڏنل رقم جي باري ۾ ٻڌايو ھو.

مائيڪل ڪوهن دعويٰ ڪئي ھئي ته هن اھا رقم پاڻ ڏني ھئي ۽ ان جو ٽرمپ سان ڪو به واسطو ناهي. اسٽارمي ڊينيلز ان کان پوءِ ٽرمپ ۽ ڪوهن تي هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪئي ته جيئن ان معاهدي کي ختم ڪري سگھجي.

ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته معاھدو اسٽارمي ڊينيلز کي ڪوڙو الزام لڳائڻ کان روڪڻ لاءِ ڪيو ويو ھو.

XS
SM
MD
LG