پاڪستان جي سڀني کان وڏي صوبي پنجاب جي سياسي صورت حال هڪ دفعو ٻيهر فيصله ڪن موڙ تي اچي بيٺي آهي. پرويز الاهيءَ جي طرفان اعتماد جو ووٽ وٺڻ کان پوءِ هاڻي سڀ نظرون پنجاب جي وڏي وزير تي لڳل آهن ته هو ڪڏهن پنجاب اسمبليءَ کي ٽوڙيندو.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي رهنما اهو اشارو ڏئي رهيا آهن ته اعتماد جو ووٽ پي ٽي آئي جي اخلاقي فتح آهي جنهن کان پوءِ اسيمبلي ٽوڙڻ جي رستي ۾ هاڻي ڪا رڪاوٽ باقي ناهي.
تجزيه ڪارن جو چوڻ آهي ته اعتماد جي ووٽ کان پوءِ پنجاب جي سياست ۾ جيڪا غير يقيني صورت حال هئي اها ته ڪنهن حد تائين ختم ٿي وئي آهي، ليڪن هاڻي اڳلو مرحلو اسيمبليءَ کي تحليل ڪرڻ جو آهي جنهن جو اعلان عمران خان نومبر ۾ ڪري چڪو آهي.
عمران خان زور ڀريو ته اسيمبلي ته ٽوڙڻي ئي پوندي
سينئر تجزيه ڪار مجيب الرحمان شاميءَ چيو آهي ته چوڌري پرويز الاهيءَ صوبي ۾ پنهنجو مينڊيٽ ثابت ڪيو آهي. ان ڪري هاڻي عمران خان کيس اسمبلي ٽوڙن جي لاءِ چوندو ته کيس هر صورت ۾ ائين ئي ڪرڻو پوندو.
تجزيه ڪار افتخار احمد چيو آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته پرويز الاهي پي ٽي آئي جي ووٽن جي ڪري ئي وڏو وزير آهي. ليڪن هاڻي جيڪڏهن عمران خان ان کي اسيمبلي ٽوڙڻ جي لاءِ چئي ٿو ته هو ان سلسلي ۾ ڪو عذر پيش ڪري وڌيڪ مهلت جو چئي سگهي ٿو.
ان جي بقول، پرويز الاهي چاهيندو ته اسيمبليءَ ٽوڙڻ جي لاءِ وڌيڪ وقت ملي پوي ته جيئن ترقياتي منصوبا مڪمل ڪري ته جيئن ايندڙ چونڊن جي لاءِ پنهنجي سياسي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهي.
مجيب شاميءَ چيو ته جيڪڏهن عمران خان پرويز الاهيءَ تي زور ڀري ٿو ته هو هر حال ۾ اسيمبلي ٽوڙي ته ان وٽ ڪو ٻيو آپشن نه هوندو، ڇو ته هو پنهنجي سياست جو مستقبل پي ٽي آئي سان ئي وابسته ڪري چڪو آهي.
افتخار احمد چيو آهي ته پنجاب جي سياست ۾ جيڪو ڪجهه پوئينءَ رات ۽ اڄ ٿيو اهو قانون جي دائري ۾ ۽ آئين هيٺ ٿيو آهي.
سندس بقول، اها آئين جي بالادستي آهي. اهو ئي سبب آهي ته پنجاب جي گورنر پنهنجو نوٽي فيڪيشن واپس ورتو آهي، جنهن جي ڪري مسئلي جو حل نڪري آيو آهي. هن چيو ته پرويز الاهيءَ جي اعتماد جي ووٽ وٺڻ دوران مسلم ليگ (ن) جي تياري مڪمل نه هئي.
(ضياالرحمان جي رپورٽ)