اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ 16 مارچ تائين معطل ڪري ڇڏيا آھن.
عمران خان جي قانوني ٽيم سول عدالت پاران جاري ڪيل ناقابلِ ضمانت گرفتاريءَ جي وارنٽ کي سيشن ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.
عمران خان جي وڪيلن نعيم حيدر پنجوٿا ۽ انتظار حيدر پنجوٿا اڱاري جي ڏينھن سيشن جج طاهر محمود جي موڪل سبب ڊيوٽي جج سڪندر خان جي عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي.
ڊيوٽي جج سڪندر خان اھو ڪيس ٻڌڻي لاءِ ايڊيشنل سيشن جج فيضان حيدر گيلاني حوالي ڪري ڇڏيو ھو.
وائيس آف آمريڪا جي نمائندي عاصم علي رانا موجب جج فيضان حيدرگيلانيءَ جي عدالت ۾ عمران خان جي وڪيلن پيش ٿي آگاھ ڪيو ته عمران خان تي لاڳو ڪيل قلم ضمانت جوڳا آهن.
سرڪاري وڪيل دليل ڏيندي چيو ته شقون ضمانت جوڳيون آهن يا نه ان جو واسطو گرفتاري وارنٽ سان ناهي. تنھن تي جج فيضان حيدر گيلاني پڇيو ته ڇا ان کان اڳ ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هيا؟
جنهن تي عمران خان جي وڪيلن ٻڌايو ته ان کان اڳ عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري نه ٿيا آهن.
ھنن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي وزيراعظم کان سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي، اهو ئي سندس ڪيس آهي. پنجاب حڪومت جيڪا سيڪيورٽي واپس ورتي آھي ھو ان بابت خط عدالت ۾ جمع ڪرائيندا.
هن عدالت کي درخواست ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي لاءِ 21 مارچ جي تاريخ ڏني وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي جي درخواست ڏني وئي آهي.
ان بعد عدالت عمران خان جي گرفتاري وارنٽ تي عملدرآمد 16 مارچ تائين روڪي ڇڏيو ۽ ٽن ڏينهن لاءِ سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاريءَ جا وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا. عدالت وڪيلن کي سيڪيورٽي واپس وٺڻ بابت دستاويز پڻ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ان کان اڳ سينيئر سول جج رانا مجاهد رحيم جج ڌمڪي ڪيس ۾ عمران خان جي لاڳيتي غيرحاضري سبب سندس ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا هيا.
جج رانا مجاهد رحيم وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي کيس 29 مارچ تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو ھو.
واضح رهي ته عمران خان تي عورت ماجسٽريٽ زيبا چوھدريءَ کي ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام آهي.
گذريل سال تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل جي گرفتاري خلاف 20 آگسٽ 2022 تي اسلام آباد ۾ ھڪ ريلي دوران عورت جج زيبا چوھدري کي ڌمڪي ڏيڻ تي اسلام آباد هائي ڪورٽ به عمران خان خلاف توهينِ عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي هئي.
سيپٽمبر 2022 ۾ اسلام آباد هائي ڪورٽ کي عمران خان تي فردِ جرم لاڳو ڪرڻي هئي پر هن عورت جج کان معافي وٺڻ تي راضپو ڏيکاريو ھو.
ساڳئي مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ عمران خان پنهنجي بيان تي معافي وٺڻ لاءِ جج زيبا چوھدري جي عدالت ۾ پهتو ھو، پر سندس جج سان ملاقات نه ٿي سگهي. اتي هن جج جي عملي کي چيو ھو ته جج کي ٻڌائجو ته عمران خان معافي وٺڻ آيو هو.
پھرين آڪٽوبر 2022 تي عمران خان حلفي بيان جمع ڪرايو ھو، جنهن ۾ هن چيو ته عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران کيس محسوس ٿيو ته شايد 20 آگسٽ 2022 تي عوامي ميڙاڪي ۾ تقرير ڪندي هن ريڊ لائين پار ڪئي هئي.
هن جو چوڻ ھو ته سندس مقصد ڪڏھن به ججن کي ڌمڪي ڏيڻ نه هو. نه ئي ان بيان پٺيان قانوني ڪاروائي کان سواءِ ٻيو ڪو ارادو هو. جيڪڏهن جج کي اهو تاثر ملي ٿو ته هن لڪير پار ڪئي ھئي، ته ھو معافي گھرڻ لاء تيار آهي.
بيانِ حلفي کان پوءِ اسلام آباد هائي ڪورٽ عمران خان خلاف توهينِ عدالت جي ڪاروائي ختم ڪري ڇڏي ھئي.