جبري گمشدگين جي حوالي سان پاڪستان فوج جي اهتمام هيٺ ڪوئٽه ۾ جاري سيڪيورٽي ورڪشاپ دوران منعقد سيشن ۾ پهريون ڀيرو ’وائس فار مسنگ پرسنز’ جي نمائندي کي به سڏيو ويو ۽ ان معاملي تي شريڪ نمائندن کليءَ طرح خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ان ورڪشاپ ۾ سدرن ڪمانڊ جي ڪور ڪمانڊر، ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور ۽ سول انتظاميه جي آفيسرن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي پاڪستان ۾ جبري طور تي لاپتا ماڻهن جي معاملي کي مسلسل زير بحث آڻڻ واري سينئر صحافي حامد مير ۽ ’وائس فار مسنگ پرسنز’ جي چيئرمين نصرالله بلوچ جبري گمشدگين جي حوالي سان ڳالهه ڪئي.
ان نشست ۾ شريڪ نمائندن سخت قسم جا سوال ڪيا ۽ ٻنهين طرفان کليل نموني پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ويو.
ورڪشاپ جي ٻين شريڪ ٿيندڙن ۾ ڪميشن براءِ جبري گمشدگين جي رڪن، جسٽس رٽائرڊ فضل الرحمان، قانوني ماهر بيرسٽر سعد رسول ۽ ٻيا شريڪ هيا.
حامد مير وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو ته جڏهن مون کي ان سيشن کي خطاب جي دعوت ملي ته مان پنهنجي شرڪت کي مسنگ پرسنز جي نمائندي کي دعوت ڏيڻ سان مشروط ڪيو. ان کان پوءِ ’وائس آف بلوچ مسنگ پرسنز’ جي نمائندي کي سڏايو ويو.
حامد مير چيو ته انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ جبري گمشدگين تي سندس ۽ نصر الله بلوچ جو موقف هڪ ئي هو، جڏهن ته اتي موجود ٻئي سندن رائي سان متفق نه هيا.
واقعي لڳي ٿو فوج ان مسئلي کي حل ڪرڻ گهري ٿي
’وائس آف مسنگ بلوچ پرسنز’ جي نمائندي ۽ ورڪشاپ ۾ شريڪ نصرالله بلوچ وائس آف آمريڪا سان ڳالهائيندي چيو ته جبري گمشدگيون انساني حقن جو مسئلو آهن.
نصر الله بلوچ چيو ته ان ورڪشاپ ۾ ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور اسان کي چيو آهي ته اسان اهو مسئلو حل ڪرڻ ۾ سنجيده آهيون. ان مسئلي کي قانوني طريقي سان حل ڪيو وڃي ۽ جيڪي به ڪيس رپورٽ ٿين انهن جي باري ۾ اختياريءَ وارن کي اطلاع ڏنو وڃي ته جيئن ڪنهن کي شڪايت جو موقعو نه ملي.
هن چيو ته فوجي عمل دارن جي پهرئين ۽ هاڻي جي موقف ۾ ڪافي فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ اسان کي لڳي ٿو ته هاڻي واقعي فوج هن مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ سنجيده آهي.
ورڪشاپ ۾ شريڪ مقررين جي گفتگو جو حوالو ڏيندي حامد مير چيو ته تقريب ۾ بيرسٽر سعد رسول دهشت گردن کي عدالتن مان رهائيءَ جي معاملي تي ڳالهائيو، جنهن جي جواب ۾ حامد مير چيو ته هڪ دهشت گرد، مسلم خان سوات مان گرفتار ڪري کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي، ليڪن بعد ۾ صدر عارف علويءَ مسلم خان کي صدارتي معافي ڏني.
ان ورڪشاپ جي باري ۾ لاپتا ٿيڻ واري ڊاڪٽر دين محمد بلوچ جي نياڻي ۽ انساني حقن جي ڪارڪن، سيمي دين بلوچ چيو ته هن قسم جو ورڪشاپ ٿيڻ خوش آئند آهي.
پاڪستان ۾ لاپتا ماڻهن جو مسئلو ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گزرڻ جي باوجود اڄ به جاري آهي. ان باري ۾ قائم ڪميشن مطابق، هن وقت لاپتا ماڻهن جو تعداد 2500 کان مٿي آهي، جڏهن ته ان باري ۾ ڪم ڪرڻ وارين مختلف تنظيمن جي مطابق اهو تعداد ان کان گهڻو وڌيڪ آهي.
(عاصم علي رانا جي رپورٽ)