رسائی کے لنکس

هلندڙ سال ڪيترا ئي ملڪ ’اقتصادي لاٿ’ جي ور چڙهي سگهن ٿا، عالمي بينڪ


بندرگاه تي مال جا ڪنٽينر بيٺل (فائيل فوٽو)
بندرگاه تي مال جا ڪنٽينر بيٺل (فائيل فوٽو)

عالمي بينڪ پنهنجي پهرئينءَ اڳ ڪٿيءَ ۾، جيڪا ترقيءَ متعلق ڄاڻ تي مبني آهي، چيو آهي ته 2023 دوران ڪيترا ئي ملڪ ’اقتصادي لاٿ’ (ڪساد بازاريءَ) ۾ ڦاسي سگهن ٿا جنهن جا سبب يوڪرين ۾ روس جي جنگ، مرڪزي بينڪ جي وياج جي شرح ۾ واڌاري جا اثرات ۽ وڏن معيشين جا هيٺ مٿاهينءَ جا لاڙا شامل آهن.

عالمي بينڪ چيو آهي ته 2023 ۾ واڌ جي عالمي شرح هڪ اعشاريه 7 في صد رهڻ جي توقع آهي جيڪا تازن ٽن عشرن دوران 2009 ۽ 2020 کان پوءِ ترقيءَ جي سڀ کان هيٺين شرح آهي.

پوئين سال 2022 جي جون ۾ عالمي بينڪ مستقبل جي پنهنجي تجزئي ۾ چيو هو ته 2023 ۾ عالمي معيشت ۾ ٽي في صد جي رفتار سان واڌ ايندي.

ان رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته آمريڪا ۽ يورو زون سميت دنيا جي ترقي يافته معيشتن جي ترقيءَ جي شرح ٻڙي اعشاريه پنج في صد تائين گهٽ رهي سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽن سالن جي عرصي ۾ هڪ نئين عالمي ’معاشي ٻاڙائيءَ’ جو خطرو وڌي ويو آهي.

سموري دنيا جي ترقياتي سرگرمين جي لاءِ قرض فراهم ڪرڻ واري هن وڏي عالمي مالياتي اداري چيو آهي ته تازي عرصي ۾ افراط زر کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ وياج جي اگهه ۾ واڌ، ڪووڊ 19 جي ٻيهر منهن ڪڍڻ جو خطرو، وڌندڙ جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ، عالمي معيشت کي ڪساد بازاريءَ ڏانهن ڌڪي سگهي ٿي.

عالمي بينڪ چيو آهي ته اها صورت حال اڀرندڙ مارڪيٽن ۽ ترقي پذير معيشتن جي لاءِ حالتن کي مشڪل بنائي سگهي ٿي، ڇو ته اهي اڳ ۾ ئي قرضن جي ٻوجهه، ڪمزور ڪرنسين ۽ ڪاروبار جي سست چرپر جو مقابلو ڪري رهيون آهن.

اداري جي صدر ڊيوڊ مالياس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ترقيءَ جي سست رفتاري، سرمايه ڪاريءَ ۾ ڪمي، تعليم، صحت ۽ بنيادي ڍانچي جي ڪمزور صورت حال، موسمياتي تبديلين جا هاڃيڪار اثر موجوده حالتن کي وڌيڪ بگاڙ ڏانهن ڌڪي سگهي ٿي.

عالمي بينڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2022 ۾ چين جي قومي پيداوار جي واڌ ۾ ٻه اعشاره 7 في صد گهٽتائي ٿي جيڪا 1970 جي ڏهاڪي ۽ 2020 جي عالمي وبا جي ڦهلاءَ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ سست رفتار هئي. عالمي بينڪ جي اندازن مطابق هن سال چين ۾ واڌ جي شرح 4 اعشاريه 3 في صد تائين رهندي جيڪا گزريل سال جي اڳ ڪٿيءَ کان تقريبا هڪ في صد گهٽ آهي.

پنهنجيءَ رپورٽ ۾ عالمي بينڪ گهٽ آمدنيءَ وارن ملڪن کي خوراڪ ۽ توانائيءَ جي اڻاٺ جي مسئلن، تنازعن جي نتيجي ۾ ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ ۽ قرضن جي وڌندڙ بحران سان نبرڻ جي لاءِ بين الاقوامي برادريءَ جي پاران سهڪار وڌائڻ جي اپيل ڪئي آهي.

هيءَ جائزه رپورٽ اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن عالمي بينڪ جو بورڊ ترقيءَ جي متعلق هڪ نئين ’روڊ ميپ’ تي غور ڪرڻ وارو آهي جنهن جو مقصد موسمياتي تبديليءَ ۽ ٻين عالمي بحرانن سان نبرڻ جي لاءِ عالمي مالياتي اداري جي قرض ڏيڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي.

(هن رپورٽ جو ڪجهه مواد رائيٽرز تان ورتو ويو آهي)

XS
SM
MD
LG